Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 32 - Muslim Sindhi Bible


عيسوءَ سان ملڻ لاءِ يعقوب جي تياري

1 يعقوب پنهنجي واٽ وٺيو پئي ويو تہ رستي ۾ کيس خدا جا ملائڪ گڏيا.

2 يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.

3 يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.

4 هن کين هدايت ڪري چيو تہ ”منهنجي آقا عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو تہ ’آءٌ توهان جو ٻانهو يعقوب هيلتائين لابن وٽ رهيل هئس.

5 مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“

6 جڏهن قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا تہ کيس ٻڌايائون تہ ”اسين توهان جي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين. هو چار سؤ جوان ساڻ ڪري پاڻ توهان سان ملڻ لاءِ اچي ٿو.“

7 تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو گھٻرائجي ويو. پوءِ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي ۽ ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين ۽ اٺن کي ٻن ٽولن ۾ ورهايائين.

8 هن سوچيو تہ ”جيڪڏهن عيسو هڪڙي ٽولي تي اچي حملو ڪري ۽ انهيءَ کي ماري تہ جيئن ٻيو ٽولو ڀڄي نڪري وڃي.“

9 پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس.

10 تو جيڪا هيڏي ساري وفا ۽ شفقت پنهنجي ٻانهي تي ڪئي آهي، آءٌ تہ انهيءَ جي ذري جو بہ لائق نہ آهيان، ڇو تہ جڏهن آءٌ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ويو هئس تہ مون وٽ رڳو منهنجي لٺ هئي، پر هاڻ تہ مون وٽ ٻہ ٽولا ٿي ويا آهن.

11 آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.

12 پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“

13 سو هن اها رات اتي ئي گذاري ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن مان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ ڪجھہ کنيائين،

14 جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا،

15 ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ گڏهہ.

16 هن اهي جدا جدا ڌڻن جي صورت ۾ پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيا ۽ کين چيائين تہ ”اوهين مون کان اڳي هلو ۽ ڌڻن جي وچ ۾ ڪجھہ مفاصلو رکجو.“

17 هن سڀ کان اڳئين ڌڻ واري نوڪر کي سمجھايو تہ ”جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو تو سان گڏجي ۽ تو کان پڇي تہ ’تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ڪيڏانهن ٿو وڃين ۽ تنهنجي اڳيان هي ڪنهن جو مال آهي؟‘

18 تڏهن تون چئجانءِ تہ ’اهو توهان جي خادم يعقوب جو مال آهي جيڪو پنهنجي آقا عيسوءَ جي لاءِ سوکڙي ڪري موڪليو اٿائين ۽ هو پاڻ بہ پٺيان اچي رهيو آهي.‘“

19 اهڙيءَ طرح هن ٻئي، ٽئين ۽ سڀني ڌڻن جي پٺيان هلڻ وارن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين جڏهن عيسوءَ سان ملو تہ ائين ئي چئجوس.

20 وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“

21 سو هن جون سوکڙيون هن کان اڳ ۾ ويون پر هن پاڻ اها رات قافلي ۾ گذاري.


يعقوب جو خدا سان ملهہ وڙهڻ

22 ساڳيءَ رات يعقوب اٿيو ۽ پنهنجيون ٻئي زالون، ٻئي سريتون ۽ يارهن پٽ ساڻ ڪري برساتي نهر يبوق جي پتڻ کان اچي پار ٽپيو.

23 کين نهر پار ڪرائي هو واپس موٽيو ۽ اتي جيڪي ڪجھہ وٽس هو سو سڀ پڻ هنن ڏانهن پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين.

24 يعقوب پاڻ اڪيلو پوئتي رهي پيو. تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو پرهہ ڦٽڻ تائين ساڻس ملهہ وڙهندو رهيو.

25 جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.

26 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“

27 تڏهن انهيءَ شخص پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن وراڻيو تہ ”يعقوب.“

28 هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“

29 تڏهن يعقوب کيس چيو تہ ”مهرباني ڪري مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ هن چيس تہ ”تون مون کان منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟“ پوءِ هن اتي يعقوب کي برڪت ڏني.

30 سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي فني‌ايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“

31 جڏهن هو فني‌ايل مان لنگھي ويو تہ سج اڀري ويس. هو ران سببان منڊڪائيندو ٿي هليو.

32 اهو ئي سبب آهي جو بني اسرائيل اڄ ڏينهن تائين ران جي اندرين پاسي واري رڳ نہ کائيندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ شخص يعقوب جي ران کي ڌڪ هنيو هو ۽ هن جي ران ڪڍي وڌي هئائين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan