پيدائش 31 - Muslim Sindhi Bibleيعقوب جو لابن وٽان ڀڄي نڪرڻ 1 يعقوب لابن جي پٽن کي چوندي ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ وٽ جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ يعقوب کڻي ويو آهي ۽ اسان جي پيءُ جي مال ملڪيت مان هيتري دولت ڪمائي اٿس.“ 2 يعقوب ڏٺو تہ ساڻس لابن جو رويو بہ اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي. 3 تڏهن خداوند يعقوب کي چيو تہ ”پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ. آءٌ تو سان گڏ هوندس.“ 4 پوءِ يعقوب راخل ۽ لياہ کي ٻنيءَ ۾ پنهنجي ڌڻ وٽ گھرايو. 5 انهن کي چيائين تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهان جي پيءُ جو رويو مون سان اڳي جهڙو سٺو نہ رهيو آهي. پر منهنجي پيءُ جو خدا مون سان آهي. 6 اوهان کي خبر آهي تہ مون پنهنجي طاقت آهر اوهان جي پيءُ جو پورهيو ڪيو آهي. 7 پر اوهان جي پيءُ مون سان دوکو ڪيو ۽ ڏهہ ڀيرا منهنجو معاوضو بدلايائين. پر خدا کيس منهنجو نقصان ڪرڻ نہ ڏنو آهي. 8 جيڪڏهن هن چيو ٿي تہ ’چٽڪمريون تنهنجو معاوضو آهن‘ تہ سڄي مال چٽڪمرا ڦر ٿي ڏنا ۽ جڏهن چيائين ٿي تہ ’پٽاپٽي تنهنجو معاوضو آهن‘ تہ سڄي مال پٽاپٽي ڦر ٿي ڏنا. 9 اهڙيءَ طرح خدا اوهان جي پيءُ جو مال کڻي مون کي ڏنو. 10 ڌڻ جي لڳ وارن ڏينهن ۾ هڪ دفعي مون خواب ڏٺو، جنهن ۾ ڏٺم تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پيا ٿي سي پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا هئا. 11 تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘ 12 تڏهن هن چيو تہ ’اکيون مٿي کڻي ڏس تہ جيڪي ٻڪر ڌڻ تي پون ٿا سي سڀ پٽاپٽي، دٻڪن وارا ۽ چٽڪمرا آهن، ڇاڪاڻ تہ مون اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي جيڪو لابن تو سان ڪندو رهيو آهي. 13 آءٌ بيتايل جو خدا آهيان، جتي تو يادگار طور کوڙيل پٿر تي تيل پئٽيو هو ۽ جتي تو منهنجي لاءِ سُکَ باسي هئي. سو هاڻي جلدي هتان نڪري پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃ.‘“ 14 تڏهن راخل ۽ لياہ کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جي پيءُ جي گھر ۾ اسان لاءِ اڃا بہ ڪو حصو يا ورثو رهيل آهي ڇا؟ 15 ڇا هو اسان کي ڌاريون نہ ٿو سمجھي؟ ڇاڪاڻ تہ هن تہ اسان کي وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي عيوض ٿيل منافعو بہ کائي کپائي ڇڏيو اٿس. 16 سو جيڪا دولت خدا اسان جي پيءُ کان کسي آهي سا اسان جي ۽ اسان جي اولاد جي آهي. تڏهن هاڻي جيڪي ڪجھہ خدا تو کي فرمايو آهي سو ئي ڪر.“ 17 تڏهن يعقوب اُٿي تياري ڪئي ۽ پنهنجن پٽن ۽ زالن کي اٺن تي چاڙهيائين. 18 پنهنجا سمورا ڍورڍڳا انهيءَ سامان سميت جيڪو فدانارام ۾ ڪٺو ڪيو هئائين، سو اڳيان ڪري پنهنجي پيءُ اسحاق ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنعان ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. 19 جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي. 20 يعقوب لڪ چوريءَ لابن اراميءَ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ هن کي پنهنجي وڃڻ جي خبر ڪانہ ڏنائين. 21 سو هو پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي ڀڄي ويو ۽ فرات ندي ٽپي جِلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين. لابن جو يعقوب جي پٺيان پوڻ 22 ٽئين ڏينهن تي لابن کي خبر پيئي تہ يعقوب ڀڄي ويو آهي. 23 تڏهن هو پنهنجي مٽن مائٽن کي ساڻ ڪري يعقوب جي پٺيان پيو ۽ ستن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ جِلعاد جبل وٽ وڃي کيس پهتو. 24 پر خدا رات جو خواب ۾ لابن اراميءَ کي چيو تہ ”خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.“ 25 پوءِ لابن يعقوب سان وڃي گڏيو. يعقوب جِلعاد جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو هو، سو لابن ۽ سندس مائٽن بہ اتي ئي تنبو کوڙيو. 26 لابن يعقوب کي چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تو مون سان ٺڳي ڪئي آهي ۽ منهنجي ڌيئرن کي جنگي قيدين وانگر کڻي آيو آهين. 27 ڇو تون لڪي ڀڳين، مون سان ٺڳي ڪيئِہ ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ آءٌ جيڪر تو کي کل خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهلن دمامن سان روانو ڪريان ها. 28 ڇو تو مون کي پنهنجن ڏوهٽن ڏوهٽين ۽ ڌيئرن کان چمي موڪلائڻ بہ نہ ڏنو؟ اهو تو بيعقليءَ جو ڪم ڪيو آهي. 29 اهو منهنجي وس ۾ آهي تہ آءٌ تو کي ڪنهن بہ تڪليف ۾ وجھي ڇڏيان، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون کي چيو تہ ’خبردار، متان يعقوب کي ڪجھہ چڱو مَٺو چوين.‘ 30 خير، هاڻي تون نڪتو تہ آهين ئي جو پنهنجي پيءُ جي گھر جي سڪ اٿيئي، پر تو منهنجا بت ڇو چورايا آهن؟“ 31 يعقوب لابن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڊنس ٿي ۽ سمجھيم ٿي تہ متان توهان زور سان پنهنجيون ڌيئر مون کان کسي وٺو. 32 باقي جنهن ماڻهوءَ وٽ توهان جا بت هجن تنهن کي ڀلي ماري ڇڏيو. اسان جي مائٽن جي روبرو هلي ڏسو تہ توهان جي ڪهڙي شيءِ مون وٽ آهي، سا کڻي وڃو.“ پر يعقوب کي اها خبر ڪانہ هئي تہ راخل اهي بت چورائي آندا آهن. 33 تڏهن لابن يعقوب جي تنبوءَ، لياہ جي تنبوءَ ۽ ٻنهي ٻانهين جي تنبن ۾ ويو، پر اهي بت کيس هٿ نہ آيا. پوءِ هو لياہ جي تنبوءَ مان نڪري راخل جي تنبوءَ ۾ گھڙيو. 34 راخل اهي بت کڻي اٺ جي پاکڙي ۾ رکي مٿن چڙهي ويٺي هئي. لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي پر ڪونہ لڌائين. 35 تڏهن راخل پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳي تہ ”بابا سائين! ناراض نہ ٿجو جو آءٌ اوهان جي اڳيان اُٿي نہ ٿي سگھان، ڇو تہ آءٌ پنهنجي ڏينهن ۾ آهيان.“ سو لابن بتن جي ڳولا ڪئي پر لهي نہ سگھيو. 36 تنهن تي يعقوب اچي ڪاوڙيو ۽ لابن کي ڇنڊ ڪڍڻ لڳو. يعقوب کيس چيو تہ ”منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ڪهڙو گناهہ ڪيو اٿم جو توهان اهڙي ڇوهہ مان منهنجي پٺيان پيا آهيو؟ 37 توهان منهنجي سڄي مال ملڪيت جي تلاشي ورتي آهي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ لڌي اٿوَ جيڪا توهان جي گھر جي هجي؟ اها هتي پنهنجن ۽ منهنجي مائٽن جي اڳيان رکو تہ هي اسان ٻنهي جي وچ ۾ فيصلو ڪن. 38 آءٌ پورا ويهہ سال توهان وٽ رهيس، تنهن وچ ۾ نہ توهانجين رڍن ۽ ٻڪرين جا ڦر ڪريا ۽ نہ ئي وري توهان جي ڌڻ جا گھٽا مون کاڌا. 39 جيڪو ڍور ڪنهن جھنگلي جانور ڦاڙي ڇڏيو سو بہ آءٌ توهان وٽ کڻي ڪونہ آيس، بلڪ انهيءَ جو نقصان پنهنجي سر تي کنيم. جيڪو ڍور ڏينهن جو توڙي رات جو بہ چورائجي ٿي ويو سو بہ توهان مون کان ڀرائي ٿي ورتو. 40 منهنجو حال اهو هو جو ڏينهن جو اُس تہ رات جو پاري مون کي کاڌو ۽ منهنجي اکين مان ننڊ بہ اڏامي ويئي. 41 اهي ويهہ سال آءٌ توهان جي گھر ۾ رهيس. مون چوڏهن سال توهانجين ڌيئرن جي لاءِ ۽ ڇهہ سال توهانجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ پورهيو ڪيو ۽ توهان منهنجو معاوضو ڏهہ ڀيرا بدلايو سدلايو. 42 جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، ابراهيم جو خدا جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، مون سان نہ هجي ها تہ توهين مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪريو ها. خدا منهنجو ڏک ۽ منهنجي هٿن جي محنت ڏسي ڪالهہ رات توهان کي ڇينڀيو آهي.“ يعقوب ۽ لابن وچ ۾ عهد 43 تڏهن لابن يعقوب کي جواب ڏنو تہ ”هي ڌيئر منهنجيون ڌيئر آهن، هي ٻار منهنجا ٻار آهن، هي مال منهنجو مال آهي ۽ جيڪي ڪجھہ تون ڏسين ٿو سو سڀ منهنجو آهي. پر اڄ آءٌ پنهنجين ئي ڌيئرن ۽ سندن ٻار، جيڪي کين ڄاوا آهن تن کي ڇا ٿو ڪري سگھان؟ 44 سو هاڻي اچ تہ اسين ٻئي پاڻ ۾ عهد ڪريون، جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد ٿي رهي.“ 45 پوءِ يعقوب هڪڙو پٿر کڻي يادگار طور ٿنڀي وانگر کوڙيو. 46 هن پنهنجي مائٽن کي بہ چيو تہ ”پٿر ڪٺا ڪريو.“ سو هنن پٿر ڪٺا ڪري هڪ ڍڳ ڪيو جنهن جي ڀرسان ويهي ماني کاڌائون. 47 لابن انهيءَ ڍڳ جو نالو يگرساهدتا رکيو ۽ يعقوب پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو. 48 لابن چيو تہ ”اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو ويو. 49 انهيءَ جاءِ جو نالو مصفاہ بہ رکيو ويو، ڇو تہ لابن چيو تہ ”شل خداوند اسان ٻنهي تي نظر رکي جڏهن اسين هڪٻئي کان ڌار ٿيون! 50 جيڪڏهن تون منهنجي ڌيئرن کي ڏکيو رکندين يا انهن کان سواءِ ٻيون زالون پرڻبين تہ جيتوڻيڪ ٻيو ڪو ماڻهو اسان سان ڪونهي، تنهن هوندي بہ ياد رک تہ خدا تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ 51 پوءِ لابن يعقوب کي چيو تہ ”هيءُ ڍڳ ۽ هيءُ يادگار طور کوڙيل پٿر ڏس، جن کي مون پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ کڙو ڪيو آهي. 52 هيءُ ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر ٻيئي هن ڳالهہ جا شاهد آهن تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي خيال سان هي ڍڳ اورانگھي تو ڏانهن ايندس ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر اورانگھي مون ڏانهن ايندين. 53 شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو. 54 پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي ۽ پنهنجي مائٽن کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. ماني کائڻ کان پوءِ انهن رات اتي ئي گذاري. 55 لابن صبح جو سوير اٿيو ۽ پنهنجن ڏوهٽن، ڏوهٽيءَ ۽ ڌيئرن کي چميائين ۽ کين دعا ڪيائين. پوءِ لابن موٽي گھر ڏانهن روانو ٿيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society