پيدائش 30 - Muslim Sindhi Bibleيعقوب جو ٻيو اولاد 1 جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب مان هن کي ٻار نہ ٿو ٿئي تڏهن هوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ کان سڙڻ لڳي. سو هن يعقوب کي چيو تہ ”مون کي بہ اولاد ڏي نہ تہ آءٌ مري وينديس.“ 2 يعقوب انهيءَ ڳالهہ تي راخل سان ڏاڍو ڪاوڙيو. کيس چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو تو کي ٻارن ڄڻڻ کان روڪي رکيو اٿم؟“ 3 تڏهن هن چيو تہ ”منهنجي ٻانهي بلهاہ ويٺي آهي، تون انهيءَ سان وڃي سمهہ، تہ هوءَ ٻار ڄڻي منهنجيءَ هنج ۾ ڏئي تہ آءٌ هن جي ڪري ٻارن واري ٿيان.“ 4 سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو. 5 بلهاہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ ڄائو. 6 تڏهن راخل چيو تہ ”خدا منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، منهنجي دانهن ٻڌي مون کي پٽ ڏنو اٿس.“ انهيءَ سبب هن انهيءَ جو نالو دان رکيو. 7 راخل جي ٻانهي بلهاہ وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو. 8 تڏهن راخل چيو تہ ”مون پنهنجيءَ ڀيڻ سان سخت ويڙهہ ڪئي آهي ۽ کانئس کٽيو اٿم.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو نفتالي رکيائين. 9 جڏهن لياہ سمجھيو تہ ”مون ٻارن ڄڻڻ کان بس ڪئي آهي،“ تڏهن هن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ يعقوب کي زال ڪري ڏني. 10 زِلفاہ کي بہ يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو. 11 تڏهن لياہ چيو تہ ”ڀلا ڀاڳ منهنجا.“ سو انهيءَ جو نالو جد رکيائين. 12 زِلفاہ ٻانهيءَ کي يعقوب مان ٻيو پٽ بہ ڄائو. 13 تڏهن لياہ چيو تہ ”آءٌ ڀلي ڀاڳ واري آهيان. هاڻ عورتون مون کي ڀلي ڀاڳ واري ڪري ڪوٺينديون.“ سو انهيءَ جو نالو آشر رکيائين. 14 روبن ڪڻڪ جي لاباري جي ڏينهن ۾ ٻنيءَ ۾ ويو ۽ اتي لکماسکڻي جڙي ٻوٽي لڌائين، جيڪا آڻي پنهنجيءَ ماءُ لياہ کي ڏنائين. تڏهن راخل لياہ کي چيو تہ ”ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ مان ڪجھہ مون کي بہ ڏي.“ 15 پر لياہ وراڻيس تہ ”ڇا اهو ڪافي ناهي جو تو منهنجي مڙس کي مون کان کسي ورتو آهي؟ هاڻ تون وري منهنجي پٽ جي لکماسکڻي بہ وٺڻ چاهين ٿي.“ تنهن تي راخل چيس تہ ”چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي لکماسکڻيءَ جي موٽ ۾ منهنجو مڙس اڄ رات تو سان سمهندو.“ 16 سو جڏهن يعقوب شام جو ٻنيءَ تان موٽي آيو تڏهن لياہ ساڻس گڏجڻ لاءِ ٻاهر ويئي ۽ چيائينس تہ ”اڄ رات تو کي مون وٽ اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي پٽ جي لکماسکڻي ڏيئي اڄوڪي رات لاءِ تو کي مُلهہ ورتو آهي.“ سو هو اها رات ساڻس ستو. 17 خدا لياہ جي ٻڌي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ يعقوب مان پنجون پٽ ڄايس. 18 تڏهن لياہ چيو تہ ”خدا مون کي ان جو مُلهہ ڏنو آهي، جو مون پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي ڏني هئي.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو اِسڪار رکيائين. 19 لياہ وري پيٽ سان ٿي ۽ يعقوب مان ڇهون پٽ ڄايس. 20 تڏهن لياہ چيو تہ ”خدا مون کي قيمتي نعمت سان نوازيو آهي. هاڻ منهنجو مڙس مون کي ليکيندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي منجھانئس ڇهہ پٽ ڄاوا آهن.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو زبولون رکيائين. 21 ڪجھہ وقت کان پوءِ کيس ڌيءَ ڄائي جنهن جو نالو ديناہ رکيائين. 22 پوءِ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو ۽ انهيءَ جي ٻُڌائين ۽ سندس ڪُکِ کوليائين. 23 سو هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس، تڏهن چيائين تہ ”خدا مون تان مهڻو لاهي ڇڏيو.“ 24 تنهنڪري هيئن چوندي انهيءَ جو نالو يوسف رکيائين تہ ”شل خدا مون کي ٻيو پٽ بہ ڏئي!“ يعقوب جو امير ٿيڻ 25 جڏهن راخل کي يوسف ڄائو تڏهن يعقوب پنهنجي سهري لابن کي چيو تہ ”هاڻ مون کي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان. 26 منهنجيون زالون ۽ منهنجا ٻار مون کي ڏيو جن لاءِ مون توهان جو پورهيو ڪيو آهي. مون کي وڃڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ توهان پاڻ ڄاڻو ٿا تہ توهان جو ڪيڏو نہ پورهيو ڪيو اٿم.“ 27 تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“ 28 وڌيڪ چيائينس تہ ”هاڻي تون پنهنجو معاوضو مقرر ڪر. اهو آءٌ تو کي ڏيندو رهندس.“ 29 يعقوب کيس وراڻيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ ڪهڙيءَ طرح مون توهان جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪيئن توهان جي مال کي سنڀاليو اٿم، 30 ڇاڪاڻ تہ منهنجي اچڻ کان اڳ توهان وٽ ٿورو مال هو پر هاڻي وڌي گھڻو ٿيو آهي. خداوند منهنجي قدم قدم تي توهان کي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گھر لاءِ ڪڏهن بندوبست ڪندس؟“ 31 تنهن تي لابن چيس تہ ”آءٌ تو کي ڇا ڏيان؟“ يعقوب وراڻيس تہ ”توهين مون کي ڪجھہ بہ نہ ڏيو، جيڪڏهن توهين منهنجو هي عرض قبول ڪندا تہ آءٌ وري بہ توهان جو ڌڻ چاريندس ۽ ان جي سنڀال ڪندس. 32 اڄ آءٌ توهان جي سڄي ڌڻ جو چڪر لڳائيندس ۽ انهن مان سڀ چٽڪمريون ۽ دٻڪن واريون رڍون ۽ ٻڪريون ۽ ڪارا گھيٽا ڪڍي ڌار ڪندس. اهو منهنجو معاوضو هوندو. 33 اڳتي جڏهن توهين مون کي ڏنل معاوضي جي چڪاس تي ايندا تہ منهنجي ايمانداري ظاهر ٿيندي. مون وٽ هر اها ٻڪري جا چٽڪمري يا دٻڪن واري نہ هوندي يا ڪو گھيٽو جيڪو ڪارو نہ هوندو سو چورايل سمجھيو ويندو.“ 34 تڏهن لابن چيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ٺيڪ آهي.“ 35 پر لابن انهيءَ ساڳي ئي ڏينهن سڀ پٽاپٽي ۽ چٽڪمرا ٻڪر ۽ سڀ چٽڪمريون ۽ دٻڪن واريون ٻڪريون، يعني اهي سڀ جن تي اڇا دٻڪ هئا ۽ سڀ ڪارا گھيٽا ڪڍي ڌار ڪيا ۽ اهي پنهنجي پٽن جي حوالي ڪيائين. 36 لابن انهن کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي پري ڪاهي وڃي رکڻ لاءِ موڪليو. يعقوب لابن جو باقي بچيل ڌڻ چارڻ لڳو. 37 پوءِ يعقوب بهڻ، بادام ۽ عرمون وڻن مان تازيون وڍيل لٺيون کنيون. انهن جي کل ڇلي اهڙيءَ طرح تہ پٽا ڪڍيائين جو انهن ڪاٺين جي اڇاڻ ظاهر ٿي پيئي. 38 هن اهي پٽن واريون لٺيون ڪسين ۽ پاڻيءَ جي حوضن وٽ کوڙي ڇڏيون تہ جيئن جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ لاءِ اچي تہ انهن جي سامهون هجن. جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ لاءِ آيو تہ اتي انهن جي اڳيان لڳ ڪيو. 39 ڌڻ انهن لٺين جي سامهون ڍڪو ٿيو ۽ پٽاپٽي، چٽڪمرا ۽ دٻڪن وارا ڦر ڏنائون. 40 يعقوب انهن ڦرن کي ڌار ڪيو ۽ انهن جو منهن لابن جي ڌڻ ۾ پَٽن وارين ۽ سڀني ڪارين ڏانهن ڦيريائين. هن پنهنجي ڌڻن کي ڌار ڪري بيهاريو ۽ لابن جي ڌڻ سان نہ گڏيائين. 41 تنهن کان سواءِ جڏهن جڏهن ٿلهو متارو مال لڳ ڪندو هو، تڏهن تڏهن يعقوب اهي لٺيون مال جي سامهون ڪسين ۾ کوڙيندو هو، تہ جيئن اهي لٺين جي سامهون لڳ ڪن. 42 پر جڏهن مال ڏٻروسٻرو هوندو هو تڏهن هو اهي لٺيون ڪونہ کوڙيندو هو. اهڙيءَ طرح ڏٻروسٻرو مال لابن جو ٿيو ۽ ٿلهو متارو مال يعقوب جو. 43 اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society