Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 28 - Muslim Sindhi Bible

1 سو اسحاق يعقوب کي گھرايو. کيس دعا ڪيائين ۽ تاڪيد ڪندي چيائينس تہ ”تون ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.

2 بلڪ هڪدم فدان‌ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گھر وڃ. اُتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪجانءِ.

3 شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!

4 شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“

5 سو اسحاق يعقوب کي فدان‌ارام ۾ رهندڙ لابن ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو بيتوايل اراميءَ جو پٽ ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.


عيسوءَ جي هڪڙي ٻي شادي

6 عيسوءَ کي خبر پيئي تہ اسحاق يعقوب کي دعا ڪري فدان‌ارام ڏانهن شادي ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. کيس اها بہ خبر پيئي تہ دعا ڪرڻ مهل اسحاق کيس تاڪيد ڪيو تہ ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ.

7 کيس معلوم ٿيو تہ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان‌ارام ڏانهن هليو ويو آهي.

8 تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن.

9 سو عيسو ابراهيم جي پٽ اسماعيل وٽ ويو ۽ سندس ڌيءَ محلت، جيڪا نبايوت جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪري کيس پنهنجين زالن ۾ شامل ڪيائين.


بيت‌ايل ۾ يعقوب جو خواب

10 يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.

11 هو سج لٿي جو هڪڙيءَ جاءِ تي پهتو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. اتان هن هڪڙو پٿر کڻي وِهاڻو ڪيو ۽ انهيءَ ئي هنڌ ليٽي سمهي پيو.

12 اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن.

13 پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.

14 اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.

15 پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“

16 پوءِ يعقوب جي اک کُلي ويئي ۽ دل ۾ چيائين تہ ”سچ پچ، خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.“

17 هو ڊڄي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ”هيءَ ڪيڏي نہ هيبتناڪ جاءِ آهي! پڪ هيءَ خدا جي رهڻ جي جاءِ، يعني عرش عظيم جو دروازو آهي.“

18 يعقوب صبح جو سوير اٿيو. جيڪو پٿر مٿي هيٺ وِهاڻو ڪري رکيو هئائين سو يادگار بڻائي اتي کوڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي مٿان تيل پئٽي ان کي مخصوص ڪيائين.

19 هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيت‌ايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو.

20 اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين

21 ۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين.

22 جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan