پيدائش 23 - Muslim Sindhi Bibleسارہ جي وفات 1 سارہ ڪل هڪ سؤ ستاويهہ سال جيئري رهي. 2 هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو. 3 پوءِ ابراهيم ميت وٽان اُٿي حِتي قوم وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ 4 ”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“ 5 انهن جواب ڏنو تہ 6 ”سائين! اسان جي ڳالهہ ٻڌو. اسين اوهان کي هڪ وڏو سردار سمجھندا آهيون. اسان جي قبرستان ۾ جيڪا بہ جاءِ اوهان کي وڻي اتي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو. اسان مان ڪوبہ اوهان کي انهيءَ جاءِ کان منع نہ ڪندو.“ 7 تڏهن ابراهيم اُٿي اتان جي ماڻهن جو ٿورو مڃيو. 8 کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي آهي تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو هتي دفن ڪريان تہ مهرباني ڪري صُحر جي پٽ عِفرون کي چئو تہ 9 هو مڪفيلاہ جي غار، جيڪا سندس ملڪيت آهي ۽ سندس ٻنيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آهي، تنهن جي پوري قيمت وٺي اها مون کي ڏئي تہ جيئن اوهان جي وچ ۾ هڪڙو قبرستان منهنجي ملڪيت هجي.“ 10 صُحر جو پٽ عِفرون اتي پنهنجي ماڻهن سان شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. هن انهن سڀني جي روبرو جواب ڏنو تہ 11 ”منهنجا سائين! ائين نہ ٿيندو، بلڪ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اها ٻني ۽ جيڪا غار منجھس آهي سي ٻئي آءٌ اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو. اهي آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جي روبرو ڏيان ٿو، اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“ 12 ابراهيم هڪ دفعو وري انهن ماڻهن جو ٿورو مڃيو. 13 پوءِ انهن ماڻهن جي روبرو عِفرون کي چيائين تہ ”آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ. آءٌ ٻنيءَ جي قيمت ڏيندس. اها مون کان وٺ تہ پوءِ آءٌ پنهنجو مُڙدو دفن ڪريان.“ 14 عِفرون ورندي ڏيئي چيس تہ 15 ”منهنجا سائين! منهنجي ڳالهہ ٻڌو، زمين جي قيمت چانديءَ جي چار سؤ سڪن جي تور برابر آهي، سي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڇا آهن؟ اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“ 16 ابراهيم عِفرون جي ڳالهہ قبول ڪئي ۽ اوتري چاندي توري کيس ڏنائين، يعني چانديءَ جي چار سؤ سڪن برابر، جيڪي واپارين ۾ چالو هئا. 17 اهڙيءَ طرح عِفرون جي اها ٻني جيڪا مڪفيلاہ ۾ ممريءَ جي اوڀر طرف هئي سا ابراهيم جي ٿي. غار جيڪا منجھس هئي ۽ اهي سمورا وڻ جيڪي انهيءَ جي حد اندر هئا سي شامل هئا. 18 اها ملڪيت حِتي قوم جي روبرو ابراهيم کي پڪيءَ طرح قبضي ۾ ملي. 19 پوءِ ابراهيم پنهنجيءَ زال سارہ کي مڪفيلاہ واري ٻنيءَ جي غار ۾ دفن ڪيو. اها غار ڪنعان ملڪ جي ممري شهر جي اوڀر ۾ حبرون جي ڀرسان آهي. 20 سو اها ٻني ۽ اها غار جيڪا حِتي قوم جي ملڪيت هئي سا قبرستان لاءِ ابراهيم جي ملڪيت ٿي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society