پيدائش 22 - Muslim Sindhi Bibleابراهيم جو اسحاق کي قربان ڪرڻ 1 ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 2 خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“ 3 ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس. 4 ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو. 5 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“ 6 ابراهيم قربانيءَ جون ڪاٺيون اسحاق کي کڻايون ۽ پاڻ ڪاتي ۽ باهہ ٻارڻ لاءِ ٽانڊا کنيائين، پوءِ ٻيئي گڏجي روانا ٿيا. 7 تڏهن اسحاق پيءُ کي چيو تہ ”اي بابا!“ هن جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ.“ اسحاق پڇيس تہ ”ٽانڊا ۽ ڪاٺيون تہ اوهان وٽ آهن پر ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو ڪٿي آهي؟“ 8 ابراهيم جواب ڏنو تہ ”خدا پاڻيهي ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو موجود ڪري ڏيندو.“ سو ٻيئي گڏجي هلندا ويا. 9 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربانگاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين. 10 پوءِ هن هٿ ڊگھيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي. 11 تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 12 خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“ 13 تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آسپاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين. 14 ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“ 15 خداوند ٻيو ڀيرو ملائڪ جي وسيلي آسمان مان ابراهيم کي سڏي چيو تہ 16 ”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو. 17 سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو. 18 دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“ 19 پوءِ ابراهيم موٽي پنهنجي نوڪرن وٽ آيو، تڏهن اُهي اُٿي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا. ابراهيم بيرسبع ۾ ئي رهڻ لڳو. نحور جو اولاد 20 ڪجھہ وقت کان پوءِ ابراهيم کي خبر پيئي تہ سندس ڀاءُ نحور کي مِلڪاہ مان پٽ ٿيا هئا: 21 عُوض هن جو پهريتو پٽ، بُوز، قموايل جيڪو ارام جو پيءُ آهي، 22 ڪسد، حضو، فلداس، يدِلاف ۽ بيتوايل 23 جنهن کي ربقہ ڄائي. اهي اٺ پٽ مِلڪاہ کي ابراهيم جي ڀاءُ نحور مان ٿيا. 24 تنهن کان سواءِ نحور جي ويهاريل زال روماہ کي بہ منجھانئس طِبح، جاحم، تخس ۽ معڪاہ نالي پٽ ڄاوا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society