Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 21 - Muslim Sindhi Bible


اسحاق جو ڄمڻ

1 پنهنجي واعدي موجب خداوند سارہ کي برڪت ڏني.

2 هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ ابراهيم لاءِ هن جي ٻڍاپي ۾ پٽ ڄڻيائين. جنهن وقت لاءِ خدا چيو هو ٻار انهيءَ ئي وقت تي ڄائو.

3 ابراهيم سندس نالو اسحاق رکيو.

4 جيئن خدا ابراهيم کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو تہ هن جو طهر ڪيائين.

5 جڏهن اسحاق ڄائو تڏهن ابراهيم جي عمر هڪ سؤ سال هئي.

6 سارہ چيو تہ ”خدا منهنجي لاءِ کل ۽ خوشي آندي آهي. جيڪو بہ انهيءَ باري ۾ ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.“

7 پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”ڪير ابراهيم کي چئي ٿي سگھيو تہ ’سارہ پٽ کي ٿڃ پيئاريندي‘؟ پر ان هوندي بہ مون کي هن جي ٻڍاپي ۾ هن مان پٽ ڄائو آهي.“

8 پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.


هاجرہ ۽ اسماعيل جو نڪرڻ

9 هڪ ڏينهن سارہ ڏٺو تہ مصري هاجرہ جو پٽ اسماعيل جيڪو کيس ابراهيم مان ڄائو هو تنهن سارہ جي پٽ اسحاق سان راند پئي ڪئي.

10 تڏهن سارہ ابراهيم کي چيو تہ ”هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. هن ٻانهيءَ جو پٽ تنهنجي ملڪيت ۾ منهنجي پٽ اسحاق سان وارث نہ ٿيندو.“

11 انهيءَ ڳالهہ ابراهيم کي ڏاڍو ڏک ڏنو، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل بہ سندس ئي پٽ هو.

12 پر خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. ائين ئي ڪر جيئن سارہ تو کي چوي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جنهن اولاد ڏيڻ جو مون تو سان عهد ٻڌو آهي سو اسحاق مان ئي ٿيندو.

13 آءٌ هن ٻانهيءَ جي پٽ کي بہ ٻار ڏيندس ۽ اهي هڪ وڏي قوم ٿيندا. هي بہ تہ تنهنجو ئي اولاد آهي.“

14 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي.

15 جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو

16 ۽ پاڻ هلي ويئي. هوءَ انهيءَ جي سامهون سڏ پنڌ تي وڃي ويهي رهي. هن سوچيو تہ ”آءٌ ٻار کي مرندو نہ ڏسان.“ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي.

17 تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.

18 اُٿ، وڃي کڻيس ۽ دلاسو ڏيس. خدا چوي ٿو تہ ’آءٌ انهيءَ جي اولاد مان هڪ وڏي قوم بڻائيندس.‘“

19 پوءِ خدا هاجرہ جون اکيون کوليون ۽ هاجرہ هڪڙو کوهہ ڏٺو. هوءَ وڃي اتان پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آئي ۽ چڪو ٻار کي پيئاريائين.

20 خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو. جيئن هو وڌي وڏو ٿيو، تہ فاران جي رڻ‌پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ شڪار ڪرڻ جو وڏو ماهر ٿيو.

21 سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.


ابراهيم ۽ ابيملڪ جي وچ ۾ عهد

22 انهيءَ وقت ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ ابراهيم وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”جيڪي ڪجھہ تون ڪرين ٿو تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.

23 سو هاڻي هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون سان، منهنجي ٻارن يا منهنجي پوين سان دغا نہ ڪندين. جهڙيءَ طرح آءٌ تو سان وفادار رهيو آهيان، تهڙيءَ طرح تون بہ مون سان ۽ هن ملڪ سان، جنهن ۾ تون پرديسي ٿي رهيو پيو آهين، وفادار رهندين.“

24 ابراهيم چيو تہ ”آءٌ قسم کڻان ٿو.“

25 پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو جنهن تي هن جي نوڪرن زبردستيءَ قبضو ڪيو هو.

26 ابيملڪ چيو تہ ”مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. تو بہ مون کي انهيءَ بابت ڪونہ ٻڌايو. پهريون دفعو ئي مون اها ڳالهہ ٻڌي آهي.“

27 پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي رڍون ٻڪريون ۽ چوپايو مال ڏنو ۽ ٻنهي ڄڻن پاڻ ۾ عهد ڪيو.

28 ابراهيم ست گھيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون.

29 ابيملڪ کانئس پڇيو تہ ”انهن ستن گھيٽين کي ڌار ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“

30 ابراهيم جواب ڏنس تہ ”هي ست گھيٽيون قبول ڪر. جيڪڏهن تون اهي وٺندين تہ اها انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ٿيندي تہ اهو کوهہ مون کوٽيو آهي.“

31 اهو ئي سبب هو جو ان جاءِ جو نالو بيرسبع پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي هنن ٻنهي قسم کنيو هو.

32 بيرسبع وٽ عهد ڪرڻ کان پوءِ ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ موٽي فلستين جي علائقي ۾ آيو.

33 پوءِ ابراهيم بيرسبع ۾ لئي جو هڪڙو وڻ لڳايو ۽ اتي خداوند، ابدي خدا جي عبادت ڪيائين.

34 ابراهيم گھڻن ڏينهن تائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan