پيدائش 20 - Muslim Sindhi Bibleابراهيم ۽ ابيملڪ 1 ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو. 2 اتي هن پنهنجيءَ زال سارہ لاءِ چيو تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ تڏهن اتان جي بادشاهہ ابيملڪ سارہ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو. 3 پر رات جو خدا کيس خواب ۾ ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيڪا عورت تو پاڻ وٽ گھرائي آهي، تنهن جي ڪري تون مرندين، ڇاڪاڻ تہ اها اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي.“ 4 پر ابيملڪ هن جي ويجھو نہ ويو هو. سو چيائين تہ ”اي مالڪ! آءٌ بيڏوهي آهيان. پوءِ ڇا تون مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي بہ ماريندين؟ 5 ڇا ابراهيم پاڻ نہ چيو هو تہ ’اها منهنجي ڀيڻ آهي‘؟ انهيءَ عورت پاڻ بہ چيو هو تہ ’هي منهنجو ڀاءُ آهي.‘ مون تہ هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي ۽ مون ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي.“ 6 خدا خواب ۾ ئي وراڻيس تہ ”بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مون بہ تو کي پنهنجي خلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو. 7 پر هاڻ اها زال سندس مڙس کي موٽائي ڏي. هو نبي آهي. هو تو لاءِ دعا گھرندو ۽ تون نہ مرندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏ تہ تون ۽ تنهنجا سڀ ماڻهو ضرور مرندا.“ 8 پوءِ ابيملڪ صبح جو سوير اُٿي پنهنجن سڀني نوڪرن کي سڏيو ۽ انهن کي اهي سموريون ڳالهيون ٻڌايائين. تنهن تي اهي ڏاڍا ڊڄي ويا. 9 پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سڏايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي ايڏو وڏو ڏوهہ آندو آهي؟ تو جيڪي ڪجھہ مون سان ڪيو آهي، ائين جيڪر ڪوبہ نہ ڪري.“ 10 پوءِ ابراهيم کان پڇيائين تہ ”ڪهڙي ڳالهہ هئي جو تو ائين ڪيو؟“ 11 ابراهيم جواب ڏنو تہ ”مون سمجھيو تہ هتي ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونهي، سو منهنجي زال هٿ ڪرڻ لاءِ اهي مون کي ماري وجھندا. 12 تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي. هوءَ منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي پر منهنجيءَ ماءُ منجھان نہ. تنهنڪري مون هن سان شادي ڪئي آهي. 13 سو جڏهن خدا مون کي پنهنجي پيءُ جي گھر مان نڪري پرديس ۾ وڃڻ لاءِ چيو تڏهن مون هن کي چيو تہ ’اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون اتي تون مون کي پنهنجو ڀاءُ سڏائجانءِ.‘“ 14 پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سندس زال سارہ موٽائي ڏني ۽ رڍون ٻڪريون، چوپايو مال، ٻانها ۽ ٻانهيون بہ ڏنائينس. 15 هن ابراهيم کي چيو تہ ”منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي تو کي وڻي اتي رهہ.“ 16 پوءِ هن سارہ کي چيو تہ ”مون تنهنجي ڀاءُ کي چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن تانتہ تون انهن سڀني آڏو، جيڪي تو سان گڏ آهن، بيڏوهي ثابت ٿئين ۽ هر ڪنهن کي خبر پوي تہ تو ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“ 17-18 ابراهيم جي زال سارہ سان جيڪي وهيو واپريو تنهن سبب خداوند ابيملڪ جي محلات جي عورتن جو ٻار ڄڻڻ بند ڪري ڇڏيو هو. سو ابراهيم ابيملڪ جي لاءِ دعا گھري ۽ خدا ابيملڪ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو. خدا هن جي زال ۽ سندس ٻانهين کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ پوءِ هنن کي ٻار ڄاوا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society