Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 2 - Muslim Sindhi Bible

1 اهڙيءَ طرح زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.

2 ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو.

3 هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ڏينهن قرار ڏنائين، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.

4 اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.


باغ عدن

5 جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.

6 پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي.

7 پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.

8 پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين.

9 هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.

10 عدن ۾ هڪڙو درياءُ باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتو ۽ اُتان چئن ندين ۾ ورهائجي ويو.

11 پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي.

12 انهيءَ زمين جو سون نج آهي ۽ اتان موتي ۽ عقيق بہ ملن ٿا.

13 ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي، جيڪا ڪُوش جي سڄي زمين منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي.

14 ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جيڪا اشور جي اوڀر واري پاسي کان وڃي ٿي. چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.

15 پوءِ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي باغباني ۽ سنڀال ڪري.

16 خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج.

17 پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“

18 پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“

19 سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو.

20 سو آدم سڀني جانورن ۽ پکين جا نالا رکيا. پر انهن مان آدم کي ڪوبہ سٺو ساٿي ڪونہ مليو.

21 پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس.

22 خداوند خدا ان پاسريءَ مان هڪ عورت ٺاهي ۽ کيس آدم وٽ وٺي آيو.

23 تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“

24 اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.

25 آدم ۽ سندس زال ٻئي اگھاڙا هئا، تہ بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan