Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 17 - Muslim Sindhi Bible


ابرام جي نالي جي تبديلي

1 جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.

2 آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“

3 تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ

4 ”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين.

5 اڳتي تنهنجو نالو ابرام نہ پر ابراهيم سڏبو، ڇو تہ آءٌ تو کي گھڻين ئي قومن جو پيءُ بڻايان ٿو.

6 آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا.

7 آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.

8 آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


طهر، عهد جي نشاني

9 پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجو اولاد سڀني پيڙهين تائين منهنجي عهد کي مڃيندا رهجو.

10 جيڪو عهد منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ آهي، جنهن تي اوهين هميشہ قائم رهندا ايندا، تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ تون ۽ تنهنجي اولاد مان هر هڪ مرد پنهنجو طهر ڪرائي.

11-12 اڳتي هر ڇوڪرو جڏهن اٺن ڏينهن جو ٿئي تہ توهين انهيءَ جو طهر ڪرايو، انهن غلامن جو بہ جيڪي اوهان جي گھرن ۾ ڄاول هجن يا ڌارين کان خريد ڪيل هجن. اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ ٻڌل عهد جي نشاني هوندو.

13 هر ڪنهن مرد جو طهر ضرور ٿيل هجي. اها هڪ جسماني نشاني هوندي، اهو ڏيکارڻ لاءِ تہ اوهان سان منهنجو عهد دائمي آهي.

14 اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


سارائيءَ جو نالو تبديل ٿيڻ

15 پوءِ خدا ابراهيم کي چيو تہ ”اڳتي تون پنهنجيءَ زال کي سارائي نہ سڏ، هاڻي کان وٺي انهيءَ جو نالو سارہ آهي.

16 آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“

17 تڏهن ابراهيم جھڪي سجدو ڪيو. پر کلي دل ۾ چيائين تہ ”ڇا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي بہ ٻار ٿي سگھي ٿو، جنهن جي عمر سؤ سال هجي؟ ڇا نوي سالن جي ڄمار ۾ سارہ کي ٻار ٿي سگھي ٿو؟“

18 ابراهيم خدا کي چيو تہ ”جيڪر تہ اسماعيل ئي منهنجو وارث ٿئي.“

19 پر خدا چيو تہ ”نہ. تنهنجي زال سارہ تنهنجي لاءِ هڪ پٽ ڄڻيندي ۽ تون انهيءَ جو نالو اسحاق رکجانءِ. آءٌ انهيءَ سان ۽ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جيڪو دائمي عهد آهي، قائم ڪندس.

20 باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.

21 پر ايندڙ سال هن مند ۾ سارہ جيڪو پٽ اسحاق تو کي ڄڻي ڏيندي تنهن سان آءٌ پنهنجو عهد قائم ڪندس.“

22 جڏهن خدا ابراهيم سان ڳالهائي بس ڪئي تہ پوءِ وٽانئس مٿي هليو ويو.

23 پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.

24 جڏهن ابراهيم جو طهر ٿيو، تڏهن سندس عمر نوانوي سال هئي.

25 سندس پٽ اسماعيل تيرهن سالن جو هو.

26 سو انهن ٻنهي جو طهر هڪڙي ئي ڏينهن تي ٿيو.

27 سندس گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت گھر جي سڀني مردن جو طهر ساڻس گڏ ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan