پيدائش 14 - Muslim Sindhi Bibleابرام جو لوط کي ڇڏائڻ 1 انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو چئن علائقن جي بادشاهن هر هڪ، شِنعار جي بادشاهہ امرافل، الاسار جي بادشاهہ اريوڪ، عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر ۽ گوئِم جي بادشاهہ تدعال، 2 پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. 3 انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي. 4 هو ٻارهن سالن تائين ڪدرلاعمر جي قبضي هيٺ رهيا، پر تيرهين سال انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪيائون. 5 چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتاراتقرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سويقريتيم شهر ۾ 6 ۽ حورين کي ادوم جي جابلو علائقي ۾ شڪست ڏيندا، ايلفاران تائين آيا جيڪو رڻپٽ جي ويجھو آهي. 7 پوءِ هو موٽي عينمِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصونتمر ۾ رهندا هئا. 8 پوءِ سدوم، عموراہ، ادمہ، ضبوئيم ۽ بالع يعني صغر شهرن جي بادشاهن سديم ماٿريءَ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون فوجون ڪڍيون. 9 انهن عيلام جي بادشاهہ، گوئِم جي بادشاهہ، شِنعار جي بادشاهہ ۽ الاسار جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. پنج بادشاهہ چئن سان وڙهيا. 10 سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا. 11 پوءِ اهي چار بادشاهہ سدوم ۽ عموراہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي خوراڪ جون سڀ شيون کڻي هليا ويا. 12 هو ابرام جي ڀائٽي لوط کي جيڪو سدوم ۾ رهندو هو، سندس مال ملڪيت سميت پڪڙي وٺي ويا. 13 پر هڪڙي ماڻهوءَ ڀڄي جند ڇڏائي ۽ ابرام عبرانيءَ کي اچي خبر ڏنائين جيڪو ممري اموريءَ جي شاهہبلوط وڻن جي ويجھو رهندو هو. ممري ۽ سندس ڀائرن اِشڪال ۽ عانير جو ابرام سان اتحاد ٿيل هو. 14 جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو. 15 اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو. 16 جيڪو مالمتاع کڄي ويو هو سو هٿ ڪيائين. هو لوط کي پڻ سندس مالمتاع، عورتن ۽ ٻين پڪڙيل ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو. ملڪِصدق جو ابرام کي برڪت ڏيڻ 17 جڏهن ابرام ڪدرلاعمر ۽ ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيئي واپس موٽيو تہ سدوم جو بادشاهہ، شويہ جي ماٿريءَ تائين سندس استقبال لاءِ آيو، جنهن کي بادشاهي ماٿري بہ چئجي ٿو. 18 ملڪِصدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي. 19 هن ابرام کي دعا ڪندي چيو تہ ”خدا تعاليٰ جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي، تنهن جي تو تي برڪت هجي. 20 سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِصدق کي ڏنو. 21 تڏهن سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو توڙي منهنجو سڀ مال ملڪيت ڀلي تون پاڻ وٽ رک، پر منهنجا سمورا ماڻهو مون کي موٽائي ڏي.“ 22 ابرام جواب ڏنس تہ ”آءٌ زمين ۽ آسمان جي خالق خداوند خدا تعاليٰ جو قسم ٿو کڻان تہ 23 آءٌ تنهنجي ڪابہ شيءِ نہ رکندس، توڙي جو هڪڙو ڌاڳو يا جتيءَ جي ڪهي هجي، ڇو تہ متان تون ائين چوين تہ ’آءٌ ئي اهو واحد شخص آهيان، جنهن ابرام کي شاهوڪار ڪيو.‘ 24 آءٌ پنهنجي لاءِ ڪجھہ بہ نہ وٺندس. آءٌ رڳو اهو حصو وٺندس جيڪو منهنجي ماڻهن ڪتب آندو، جيڪي مون سان گڏ هليا هئا. پر منهنجا اتحادي عانير، اِشڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society