پيدائش 11 - Muslim Sindhi Bibleبابل جو منارو 1 انهن ڏينهن ۾ جڏهن دنيا جي سڀني ماڻهن جي هڪڙي ئي ٻولي ۽ هڪڙو ئي ڳالهائڻ جو طريقو هو، 2 تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا. 3 اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو. 4 پوءِ هنن چيو تہ ”اچو تہ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو منارو ٺاهيون جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي. اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون، متان پوءِ اسين سڄيءَ دنيا ۾ پري پري پکڙجي وڃون.“ 5 تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو. 6 خداوند چيو تہ ”جيئن تہ هي سڀ هڪڙي قوم آهن ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ هو ڪرڻ لڳا آهن، اِها انهن جي رڳو شروعات آهي. جلد هو هر اهو ڪم ڪري ويندا، جيڪي ڪجھہ ڪرڻ گھرندا. 7 سو اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجھارو وجھون تہ جيئن هو هڪٻئي جو ڳالهائڻ سمجھي نہ سگھن.“ 8 سو خداوند کين اتان سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو تڏهن هنن اهو شهر ٺاهڻ ڇڏي ڏنو. 9 ان شهر جو نالو بابل پئجي ويو، ڇو تہ اتي خداوند سڀني ماڻهن جي ٻولي منجھائي ڇڏي هئي ۽ اتان انهن کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيو هئائين. سِم جو اولاد ( 1.تواريخ 1:24-27 ) 10 سِم جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان ٻہ سال پوءِ جڏهن سِم هڪ سؤ سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ارفڪسد نالي هڪ پٽ ڄائو. 11 تنهن کان پوءِ هو پنج سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 12 جڏهن ارفڪسد پنجٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سِلح نالي پٽ ڄائو. 13 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 14 جڏهن سِلح ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس عبر نالي هڪ پٽ ڄائو. 15 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 16 جڏهن عبر چوٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس فلج نالي پٽ ڄائو. 17 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو چار سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 18 جڏهن فلج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس رعو نالي هڪ پٽ ڄائو. 19 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ نو سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 20 جڏهن رعو ٻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس سروج نالي هڪ پٽ ڄائو. 21 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 22 جڏهن سروج ٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس نحور نالي پٽ ڄائو. 23 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ٻہ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 24 جڏهن نحور اوڻٽيهن سالن جو ٿيو، تڏهن کيس تارح نالي هڪ پٽ ڄائو. 25 پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو هڪ سؤ اوڻيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. تارح جو اولاد 26-27 جڏهن تارح ستر سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ابرام، نحور ۽ حاران نالي ٽي پٽ ڄاوا. حاران کي لوط ڄائو. 28 حاران پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ ڪسدين جي اُور شهر ۾ مري ويو. 29 کيس ملڪہ ۽ اِسڪہ نالي ڌيئرون پڻ هيون، جن مان نحور ملڪہ سان شادي ڪئي. ابرام سارائيءَ نالي عورت سان شادي ڪئي 30 جيڪا سنڍ هئي. 31 تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا. 32 تارح ٻہ سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ اتي ئي وفات ڪئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society