Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 10 - Muslim Sindhi Bible


نوح جي پٽن جو اولاد
( 1.تواريخ 1‏:5‏-23 )

1 نوح جي پٽن سِم، حام ۽ يافت جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.

2 يافت جي پٽن جا نالا هئا: جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.

3 جُمر جي پٽن جا نالا هئا: اشڪناز، ريفت ۽ تُجرماہ.

4 ياوان جي پٽن جا نالا هئا: اِلِيشاہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني.

5 جيڪي قومون سمنڊ جي ڪناري ۽ ٻيٽن تي رهنديون هيون سي يافت جو اهو اولاد آهن جيڪي مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.

6 حام جي پٽن جا نالا هئا: ڪُوش، مصر، لبيا ۽ ڪنعان.

7 ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان.

8 ڪُوش کي نمرود نالي پٽ ڄائو جيڪو دنيا ۾ پهريون زبردست پهلوان هو.

9 سڄي خدائيءَ ۾ هو هڪ وڏو شڪاري هو. اهو ئي سبب آهي جو اها چوڻي ٿي ويئي تہ ”سڄي خدائيءَ ۾ نمرود جهڙو وڏو شڪاري.“

10 هن جي بادشاهت جي شروعات بابل، ارڪ ۽ اڪاد شهرن مان ٿي، اهي ٽيئي شهر شِنعار علائقي ۾ آهن.

11 انهيءَ علائقي مان نڪري هو اشور ۾ آيو ۽ اتي نينواہ، رحوبوت‌عير ۽ ڪلح شهر ٻڌائين.

12 هن رسن شهر بہ ٻڌو جيڪو نينواہ ۽ ڪلح جي وچ ۾ وڏو شهر هو.

13 مصر جا پٽ جن جي نالن پٺيان قومون بڻيون سي هي هئا: لودي، عنامي، لهابي ۽ نفتوحي،

14 فتروسي، ڪسلوحي ۽ ڪريتي. فلستيءَ وارا ڪريتي جو اولاد هئا.

15 ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.

16 ڪنعان هنن قبيلن جو پڻ وڏو هو: يبوسي، اموري، جِرجاشي،

17 حِوي، عرقي، سيني،

18 اروادي، صماري ۽ حماتي. ان کان پوءِ ڪنعاني قبيلو پکڙجي ويو.

19 ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.

20 سو حام جو اولاد اهو آهي جيڪو مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ هر ڪنهن جي ٻولي پنهنجي پنهنجي آهي.

21 يافت جو وڏو ڀاءُ سِم سڀني عبرانين جو وڏو هو.

22 سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.

23 ارام جي پٽن جا نالا هي هئا: عُوض، حول، جتر ۽ مسڪ.

24 ارفڪسد کي سِلح نالي پٽ ڄائو ۽ سِلح کي عبر نالي پٽ ڄائو.

25 عبر کي ٻہ پٽ ڄاوا، هڪڙي جو نالو فلج رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ ان جي ڏينهن ۾ دنيا جا ماڻهو ورهائجي ويا هئا ۽ ٻئي جو نالو يقطان هو.

26 يقطان کي هي سڀ پٽ ڄاوا: الموداد، سلف، حصارماوت، يرح،

27 هدورام، اُوزال، دقلہ،

28 عوبال، ابي‌مائيل، شبا،

29 اوفِر، حويلاہ ۽ يوباب.

30 جنهن ملڪ ۾ هو رهندا هئا سو ميسا کان سفار جي رستي اوڀر طرف جابلو علائقي تائين هو.

31 سو سِم جو اولاد اهو آهي جيڪو مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ هر ڪنهن جي ٻولي پنهنجي پنهنجي آهي.

32 اهي سڀ قومون پنهنجن قبيلن ۽ نسلن موجب نوح جو اولاد آهن. ٻوڏ کان پوءِ انهن جو ئي نسل سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan