Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

گلتين 6 - Muslim Sindhi Bible


هڪٻئي جا بار کڻو

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم مزاجيءَ سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.

2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.

3 ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.

4 تنهنڪري هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انهيءَ حالت ۾ هو رڳو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ هن کي ڪنهن ٻئي سان پنهنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.

5 اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.

6 جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.

7 ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.

8 جيڪو پنهنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انهيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو.

9 اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.

10 تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي ايمان رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


آخر ۾ تاڪيد ۽ دعا سلام

11 ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن لکي رهيو آهيان.

12 جيڪي ماڻهو عزت جي لائق هئڻ جو ڏيکاءُ ڪن ٿا، سي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن. هو رڳو انهيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب واري تعليم جي ڪري ستايا نہ وڃن.

13 طهر ڪرائڻ وارا تہ پاڻ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.

14 پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.

15 انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.

16 جيڪي بہ انهيءَ اصول تي هلن ٿا، حقيقت ۾ اهي ئي خدا جي قوم بني اسرائيل آهن، تن تي شل رحم ۽ سلامتي هجي.

17 اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي نشان آءٌ پنهنجي بدن تي کنيو ٿو وتان سي ظاهر ٿا ڪن تہ آءٌ عيسيٰ جو غلام آهيان.

18 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان تي هجي. آمين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan