گلتين 5 - Muslim Sindhi Bibleمسيح ۾ مليل آزادي قائم رکو 1 مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو. 2 ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين طهر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو. 3 آءٌ حقيقت ٻڌائيندي اوهان کي وري چوان ٿو تہ جيڪو بہ طهر ڪرائي ٿو، تنهن تي اهو فرض آهي تہ هو سڄي شريعت تي عمل ڪري. 4 اوهين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آهيو. 5 پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون. 6 سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. 7 اوهين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟ 8 اهو ڪم اوهان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آهي. 9 خبردار رهجو، اهو ڪم خمير مثل آهي جيڪو ٿورڙو ئي سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي. 10 جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي. 11 جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اها تبليغ ڪريان ٿو تہ طهر ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ صليب واري منهنجي تبليغ ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهي. 12 چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين. 13 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهيو. پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي جسماني خواهشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ پيار جي رستي هڪٻئي جي خدمت ڪريو. 14 اهڙيءَ خدمت جي وسيلي سڄي شريعت هن هڪڙي ئي حڪم ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 15 پر جيڪڏهن اوهين هڪٻئي کي چڪ هڻندا ۽ ڳڙڪائيندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو، متان هڪٻئي کي چٽ ڪري سڀيئي برباد ٿي وڃو. پاڪ روح ۽ انساني فطرت 16 پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا، 17 ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. 18 پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو. 19 هاڻ انساني فطرت جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، حرامڪاري ۽ شهوتپرستي، 20 بتپرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي، 21 بغض، نشيبازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا. 22 پر پاڪ روح جو ڦل آهي پيار، خوشي، سلامتي، صبر، مهرباني، نيڪي، وفاداري، 23 نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪابہ شريعت نہ آهي. 24 اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي. 25 هاڻي جيئن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پاڪ روح جي هدايت موجب کپي 26 ۽ اجايو فخر ڪندي اسين نہ هڪٻئي کي چيڙايون، نڪي هڪٻئي سان حسد ڪريون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society