Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

گلتين 2 - Muslim Sindhi Bible


پولس ۽ ٻين رسولن جو هڪ راءِ ٿيڻ

1 آخرڪار چوڏهن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانهن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.

2 آءٌ انهيءَ ڪري ويس جو مڪاشفي ۾ مون کي اوڏانهن وڃڻ جو حڪم ٿيو. اتي ڪليسيا جي معتبر سمجھيو ويندڙ ماڻهن جي اڳيان مون نويڪلائيءَ ۾ اها خوشخبري پيش ڪئي، جنهن جي تبليغ آءٌ غير قومن ۾ ڪندو آهيان. اهو مون انهيءَ ڪري ڪيو تہ جيئن سڀني جي اڳيان اهو ظاهر ٿئي تہ اسان رسولن جي خوشخبري هڪجهڙي آهي يا نہ. مون نہ ٿي چاهيو تہ منهنجي اڳوڻي يا هاڻوڪي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.

3 سو نہ رڳو هنن مڃيو، پر منهنجو يوناني ساٿي طيطس توڙي جو طهريل نہ هو، تڏهن بہ مٿس طهر ڪرائڻ لاءِ ڪو زور ڪونہ ڀريائون.

4 طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.

5 انهن جي تابع رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.

6 باقي ڪليسيا ۾ جيڪي معتبر ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.

7 اٽلندو انهن معتبرن کي اهو معلوم ٿي ويو تہ خدا غير يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، جيئن هن يهودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جي ذميواري پطرس جي حوالي ڪئي هئي.

8 هائو، خدا جنهن يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.

9 سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.

10 هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


پولس جو پطرس کي ڇينڀڻ

11 پر هڪ دفعي جڏهن پطرس انطاڪيا شهر ۾ آيو تہ مون آمهون سامهون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو صفا غلطيءَ تي هو.

12 ڳالهہ اها هئي جو هو غير يهودين سان کائيندو پيئندو هو، پر جڏهن يعقوب وٽان ڪي ماڻهو آيا تڏهن هو غير يهودين سان کائڻ پيئڻ ڇڏڻ لڳو، بلڪ انهن کان ڌار ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن ماڻهن کان ڊنو ٿي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندا هئا.

13 اتي وارا سڀ يهودي، جيڪي مسيح جا ٿيا هئا سي بہ اهڙي رياڪاريءَ ۾ پطرس جو ساٿ ڏيڻ لڳا، ايتري قدر جو خود برنباس بہ انهن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.

14 جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


ايمان آڻڻ سان ئي خدا ڏانهن سچار بڻجي سگھجي ٿو

15 بيشڪ آءٌ توڙي پطرس ڄائي ڄم کان يهودي آهيون ۽ غير يهودي جن کي گنهگار ليکيو وڃي ٿو، تن مان نہ آهيون.

16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.

17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجڻ ٿا گھرون، سي جيڪڏهن غير يهودين وانگر شريعت جي نسبت ۾ گنهگار ليکجون، تہ پوءِ ڇا اهو سمجھبو تہ مسيح گناهہ ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو؟ هرگز نہ.

18 حقيقت ۾ شريعت جي ڀت جيڪا مون ڊاهي ڇڏي آهي، سا جيڪڏهن وري اڏيان تڏهن آءٌ ڏوهاري قرار ڏنو ويندس.

19 جيئن تہ شريعت جي وسيلي آءٌ گنهگار قرار ڏنو ويو آهيان، سو شريعت جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن خدا جي نسبت ۾ جيئرو رهان.

20 هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.

21 مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan