عزرا 9 - Muslim Sindhi Bibleرشتيداريءَ متعلق عزرا جي دعا 1 انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آسپاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن. 2 هنن پاڻ ۽ پنهنجي پٽن کي سندن ڌيئرون پرڻايون آهن ۽ خدا لاءِ مخصوص نسل کي غير قومن سان ڳنڍي ڇڏيو اٿن. انهيءَ گناهہ ۾ اڳواڻن ۽ وڏن جو گھڻو هٿ آهي.“ 3 جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجو جبو ڦاڙيو ۽ پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار پٽيا ۽ وائڙو ٿي ويهي رهيس. 4 تڏهن اهي جيڪي بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي انهيءَ گناهہ جي ڪري مون وٽ اچي گڏ ٿيا. آءٌ شام جي قربانيءَ تائين پريشان رهيس. 5 شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي ڦاٽل ڪپڙن ۽ جبي سميت شرمندگيءَ جي حالت ۾ اٿيس ۽ گوڏن ڀر ڪري خداوند پنهنجي خدا جي آڏو هٿ ڊگھيري 6 دعا گھريم تہ ”اي منهنجا خدا! آءٌ شرمندو آهيان، اي منهنجا خدا! آءٌ تو ڏانهن پنهنجو منهن کڻڻ کان لڄي ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ اسان جا گناهہ وڌي اسان جي ڳاٽ کان بہ مٿي ٿي ويا آهن ۽ اسان جون خطائون وڃي آسمان سان لڳيون آهن. 7 اسان جي ابن ڏاڏن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسين وڏا ڏوهاري رهيا آهيون. پنهنجن گناهن جي ڪري اسين، اسان جا بادشاهہ ۽ اسان جا ڪاهن ٻين ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾ ڏنا ويا آهيون تہ جيئن جنگ، جلاوطني ۽ ڦرلُٽ سبب اسين شرمندا ٿيون، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 8 هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي. 9 جيتوڻيڪ اسين غلام آهيون، تہ بہ تو اسان کي وساريو ناهي، بلڪ تو فارس جي بادشاهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم وڌو آهي، تہ جيئن اسين وري بحال ٿي تنهنجي گھر جي تعمير ڪريون ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل حصن جي مرمت ڪريون. اهڙيءَ طرح تو اسان کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ پناهہ عطا ڪئي آهي. 10 پر هاڻي اي اسان جا خدا! هن کان پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجي حڪمن جو ڪوبہ لحاظ نہ رکيو آهي، 11 جيڪي حڪم تو پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت فرمايا هئا تہ ’جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا سو اتان جي ماڻهن جي گندگيءَ جي ڪري ناپاڪ آهي. هنن پنهنجي مڪروہ عملن سان ان ملڪ کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ڀري ڇڏيو آهي. 12 تنهنڪري اوهين هنن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نڪي سندن سلامتيءَ ۽ سربلندي لاءِ سندن مدد ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مضبوط بڻجو، انهيءَ ملڪ جي سٺي پيداوار کائو ۽ اُهو ملڪ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري ڇڏي وڃو.‘ 13 جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن. 14 تڏهن ڇا اسين وري تنهنجا حڪم نہ مڃينداسين؟ جيڪي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪن ٿيون، تن سان مٽي مائٽي ڪنداسين ڇا؟ تڏهن ڇا تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ نہ ڇڏائجي سگھي ۽ نہ وري ڪو باقي بچي سگھي؟ 15 اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! بيشڪ تون سچو آهين، تنهن هوندي بہ تو اسان مان ڪجھہ باقي بچايا آهن. هاڻي اسين پنهنجن گناهن سوڌو تنهنجي حضور ۾ حاضر ٿيا آهيون، توڙي جو هن حالت ۾ ڪوبہ تنهنجي حضور ۾ بيهي نہ ٿو سگھي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society