Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 8 - Muslim Sindhi Bible


جلاوطنيءَ مان موٽندڙن جا نالا

1 گھراڻن جا اهي وڏا جيڪي ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ دوران بابل مان نڪري عزرا سان گڏ موٽيا تن جا ۽ سندن گھراڻن جا نالا جيڪي درج ٿيل آهن، سي هي آهن:

2 فينحاس جي اولاد مان جيرشوم هو، اتمر جي اولاد مان دانيال هو، دائود جي اولاد مان حطوش ولد سڪنياہ هو،

3 پرعُوص جي اولاد مان زڪرياہ هو، جنهن سان گڏ هڪ سؤ پنجاهہ مرد هئا،

4 پخت موآب جي اولاد مان اليهو عيني ولد زراخياہ هو، جنهن سان گڏ ٻہ سؤ مرد هئا،

5 زتوءَ جي اولاد مان سڪنياہ ولد يحزي‌ايل هو، جنهن سان گڏ ٽي سؤ مرد هئا،

6 عدين جي اولاد مان عبد ولد يونتن هو، جنهن سان گڏ پنجاهہ مرد هئا،

7 عيلام جي اولاد مان يسعياہ ولد عتلياہ هو، جنهن سان گڏ ستر مرد هئا،

8 سفطياہ جي اولاد مان زبدياہ ولد ميڪاايل هو، جنهن سان گڏ اسي مرد هئا،

9 يوآب جي اولاد مان عبدياہ ولد يحي‌ايل هو، جنهن سان گڏ ٻہ سؤ ارڙهن مرد هئا،

10 بانيءَ جي اولاد مان سلوميت ولد يوسفياہ هو، جنهن سان گڏ هڪ سؤ سٺ مرد هئا،

11 ببئيءَ جي اولاد مان زڪرياہ ولد ببئي هو، جنهن سان گڏ اٺاويهہ مرد هئا،

12 عزجاد جي اولاد مان يوحنان ولد هقاطان هو، جنهن سان گڏ هڪ سؤ ڏهہ مرد هئا،

13 سڀني کان آخر ۾ موٽندڙ ادونقام جي اولاد مان اليفلط، يعي‌ايل ۽ سمعياہ هئا، جن سان گڏ سٺ مرد هئا

14 ۽ بِگويءَ جي اولاد مان عوطي ۽ زبود هئا، جن سان گڏ ستر مرد هئا.


عزرا جو هيڪل جي خدمت لاءِ لاوين جي ڳولا ڪرڻ

15 مون انهن کي انهيءَ واهہ وٽ آڻي گڏ ڪيو جيڪو اهوا شهر ڏانهن وهي ٿو. اتي اسان خيما کوڙي ٽي ڏينهن رهي پياسين. تڏهن مون عام ماڻهن ۽ ڪاهنن ۾ جاچ ڪئي تہ مون کي لاوي ڏسڻ ۾ نہ آيا.

16 سو مون اليعزر، اريئيل، سمعياہ، الناتن، يريب، الناتن، ناتن، زڪرياہ ۽ مسلام اڳواڻن کي گھرايو ۽ پڻ يريب ۽ الناتن عالمن کي گھرايو.

17 مون انهن کي ڪسيفيا ۾ رهندڙ اِدو اڳواڻ ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اِدو ۽ سندس لاوي ڀائر جيڪي هيڪل جا خدمتگار آهن، تن کي اهو عرض ڪن تہ اسان جي خدا جي گھر لاءِ ڪي خدمتگار موڪلين.

18 جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا.

19 انهن بني مراريءَ مان حسبياہ، سندس ڀاءُ يسعياہ ۽ سندن پٽن کي بہ آندو جيڪي ڪل ويهہ ڄڻا هئا.

20 هو هيڪل جي خدمتگارن مان ٻہ سؤ ويهہ ڄڻا پڻ وٺي آيا جن جي ابن ڏاڏن کي دائود ۽ ان جي عملدارن لاوين جي مدد لاءِ مقرر ڪيو هو. سڀني جا نالا درج ٿيل هئا.


روزي رکڻ ۽ دعا گھرڻ لاءِ عزرا جو اعلان

21 پوءِ اتي اهوا واهہ وٽ مون روزو رکڻ جو اعلان ڪيو، تہ جيئن اسين پنهنجي خدا جي آڏو عاجزي ڪريون ۽ کانئس دعا گھرون تہ اسان لاءِ ۽ اسان جي ٻارن ٻچن لاءِ سلامتيءَ واري راهہ ڏيکاري ۽ اسان جي مال ملڪيت جي سلامتي هجي.

22 انهيءَ سبب جو مون کي شرم ٿي آيو تہ شهنشاهہ کان سپاهين ۽ گھوڙي سوارن جو ڪو دستو گھران تہ اهي رستي ۾ دشمنن کان اسان جي حفاظت ڪن. اهو انهيءَ ڪري جو اسان شهنشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا جا طالبو آهن تن سڀني تي خدا جو هٿ رهي ٿو، پر جيڪي کيس ڇڏي ٿا ڏين تن سڀني تي سندس غضب ٿو رهي.

23 سو اسان روزو رکيو ۽ پنهنجي خدا کي اهو عرض ڪيوسين، جنهن اسان جو عرض قبول ڪيو.


هيڪل لاءِ نذرانا

24 تنهن کان پوءِ مون مکيہ ڪاهنن مان ٻارهن ڄڻا ڌار ڪيا جن ۾ سربياہ، حسبياہ ۽ سندن ڏهہ مائٽ شامل هئا.

25 مون انهن کي چاندي، سون ۽ ٿانوَ توري ڏنا، جيڪي اسان جي خدا جي گھر لاءِ شهنشاهہ، مشيرن، عملدارن ۽ بني اسرائيل وارن نذراني طور ڏنا هئا.

26 مون کين ٻاويهہ هزار ڪلوگرام خالص چاندي، ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چانديءَ جا ٿانوَ، ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام خالص سون،

27 ويهہ سونا پيالا جن جي تور ساڍا اٺ ڪلوگرام هئي ۽ ٻہ ٿانوَ عمدي چمڪندڙ پتل جا، جيڪي سون جهڙا قيمتي هئا، سي کين توري ڏنم.

28 مون کين چيو تہ ”اوهين ۽ هي سڀ ٿانوَ خداوند جي لاءِ مخصوص آهيو، باقي خالص چاندي ۽ سون خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ سان ڏنل نذرانو آهي.

29 اوهين انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجو جيستائين اوهين يروشلم ۾ خداوند جي گھر جي خزاني ۾ مکيہ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن اڳيان توري سندن حوالي ڪريو.“

30 پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اها چاندي، سون ۽ اهي مخصوص ٿانوَ توري ورتا، انهيءَ لاءِ تہ اهي يروشلم ۾ خدا جي گھر ۾ پهچائين.


جلاوطنن جي يروشلم ڏانهن واپسي

31 پهرئين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي يروشلم وڃڻ لاءِ اسين اهوا واهہ کان روانا ٿياسين. اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، سو انهيءَ اسان کي رستي تي دشمنن ۽ ڌاڙيلن کان بچائي رکيو.

32 اهڙيءَ طرح اسين يروشلم ۾ پهتاسين ۽ اتي ٽي ڏينهن آرام ڪيوسون.

33 چوٿين ڏينهن اسان چاندي، سون ۽ ٿانوَ، توري پنهنجي خدا جي گھر ۾ مريموت ولد اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا. هن سان گڏ اليعزر ولد فينحاس ۽ ٻہ لاوي يوزباد ولد يشوع ۽ نوعيدياہ ولد بنوي هئا.

34 سڀ شيون تعداد ۽ تور موجب ڏنيون ويون ۽ انهن جو سمورو وزن انهيءَ مهل ئي لکيو ويو.

35 تنهن کان پوءِ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽيا هئا تن بني اسرائيل جي خدا لاءِ هي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون: ٻارهن ڍڳا سڄي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن مطابق، ڇهانوي گھٽا، ستهتر گھيٽا. اهي سڀ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هئا. انهيءَ کان علاوہ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر بہ هئا.

36 هنن شهنشاهہ جا حڪم‌ناما سندس نائبن ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن کي پهچائي ڏنا، جنهن کان پوءِ هنن پوري قوم ۽ خدا جي گھر جي مدد ڪئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan