Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 6 - Muslim Sindhi Bible


خورس جي حڪم بابت دارا جي جاچ

1 تڏهن دارا شهنشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، جنهن تحت بابل ۾ موجود شاهي دفتر ۾ اها جاچ ڪئي ويئي.

2 آخرڪار وڌيڪ جاچ دوران مادئي صوبي جي گاديءَ واري هنڌ اخمتا جي قلعي مان هڪڙو ويڙهوٽو لڌو ويو. انهيءَ ۾ اهو لکيل هو تہ

3 ”خورس شهنشاهہ جي شاهيءَ جي پهرئين سال يروشلم ۾ خدا جي گھر متعلق هن هڪڙو حڪم جاري ڪيو تہ ’اهو گھر يعني اها جاءِ جتي قربانيون پيش ڪجن ٿيون، سا ڀلي تہ وري تعمير ڪئي وڃي ۽ ڀلي تہ انهيءَ جو بنياد وڌو وڃي. ان جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر بہ ستاويهہ ميٽر هجي.

4 انهيءَ جي ڀتين ۾ وڏن پٿرن جي هر ٽن بارن کان پوءِ هڪ بار نئين ڪاٺ جو هجي. انهيءَ ڪم جو سمورو خرچ شاهي خزاني مان ڏنو وڃي.

5 خدا جي گھر جا سونا ۽ چانديءَ وارا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل ۾ آندا هئا، سي بہ موٽائي يروشلم ۾ ساڳيءَ جاءِ تي خدا جي گھر اندر رکيا وڃن.‘“


هيڪل جي تعمير بابت دارا جو جواب

6 شهنشاهہ دارا ورنديءَ ۾ لکي موڪليو تہ ”اي تتني! اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جا گورنر ۽ اي شتر بوزني ۽ اوهان جا ساٿي عملدار! اوهين انهيءَ کان پري رهو.

7 خدا جي گھر جي هن ڪم ۾ اوهين اجائي ٽنگ نہ اڙايو. يهودين جو گورنر ۽ سندن اڳواڻ ڀلي تہ خدا جو گھر انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي وري تعمير ڪن.

8 انهيءَ کان علاوہ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان تہ خدا جي هن گھر جي تعمير ڪرڻ ۾ اوهين يهودين جي اڳواڻن جي مدد ڪريو. هنن ماڻهن جا خرچ پکا شاهي خزاني يعني اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي ٽيڪس مان وقت سر ادا ڪيا وڃن تہ جيئن ڪم رڪجي نہ وڃي.

9 يروشلم ۾ عرش عظيم جي خدا لاءِ قربانين واسطي ڪاهنن جي جيڪا بہ روزاني جي گھرج هجي، سا اوهين هر صورت ۾ انهن کي ڏيندا رهو، يعني گابا، گھٽا يا گھيٽا، يا وري ڪڻڪ، لوڻ، مئي ۽ زيتون جو تيل.

10 انهيءَ لاءِ تہ هو عرش عظيم جي خدا جي لاءِ وڻندڙ شين جون قربانيون پيش ڪري سگھن ۽ منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وڏي حياتيءَ لاءِ دعا گھرن.

11 ٻيو تہ آءٌ حڪم ٿو ڏيان تہ جيڪڏهن ڪوبہ هن حڪم جي ابتڙ ڪندو تہ انهيءَ جي گھر مان هڪ شهتير ڪڍي ان جي چهنڀ ٺاهي کيس ان ۾ ٽُنبيو ويندو ۽ سندس گھر ڊاهي گند جو ڍير ڪيو ويندو.

12 جنهن خدا پنهنجو نالو يروشلم ۾ قائم ڪيو آهي سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري جيڪي هن حڪم کي نہ مڃيندي سندس هيڪل کي ناس ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگھيرين. مون اهو حڪم جاري ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري ان تي پوريءَ طرح عمل ڪيو وڃي.“


هيڪل کي وقف ڪرڻ

13 تڏهن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ انهن جي ساٿين مڪمل طرح شهنشاهہ جي ان حڪم جي تعميل ڪئي.

14 سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.

15 اهڙيءَ طرح دارا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ڇهين سال ۾ ادار مهيني جي ٽين تاريخ تي هيڪل جڙي راس ٿي.

16 پوءِ سڀني بني اسرائيل يعني ڪاهنن، لاوين ۽ ٻين جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن خوشيون ملهائيندي هيڪل کي وقف ڪرڻ واري رسم ادا ڪئي.

17 خدا جي انهيءَ گھر کي مخصوص ڪرڻ وقت هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گھٽا، چار سؤ گھيٽا قربان ڪيا ۽ سڄي بني اسرائيل طرفان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر، هر هڪ قبيلي طرفان هڪ ٻڪر جي حساب سان قربان ڪيا.

18 موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


عيد فصح

19 جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن، ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي عيد فصح ملهائي.

20 جيئن تہ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو هو سو اهي سڀ جو سڀ پاڪ هئا. پوءِ جلاوطنيءَ مان سڀني موٽي آيلن لاءِ، پنهنجن ڀائر ڪاهنن لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ لاوين عيد فصح جي قربانيءَ جا گھيٽا ذبح ڪيا.

21 سو بني اسرائيل جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا هئا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري پاڻ کي ڌار ڪري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني گڏجي کاڌو.

22 پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan