عزرا 4 - Muslim Sindhi Bibleهيڪل جي نئين سر تعمير جي مخالفت 1 جڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي دشمنن ٻڌو تہ جلاوطنيءَ کان موٽي آيلن خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪرڻ شروع ڪيو آهي، 2 تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“ 3 پر زربابل، يشوع ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کين وراڻيو تہ ”اسان جي خدا جي هيڪل تعمير ڪرڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي. اسين پاڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪنداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.“ 4 تڏهن ان ملڪ جي رهاڪن يهودين کي بيهمت ڪرڻ شروع ڪيو ۽ تعمير جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجھڻ لاءِ کين ڊيڄارڻ لڳا. 5 هنن سرڪاري عملدارن کي رشوتون ڏيئي سندن خلاف ڪيو. فارس جي بادشاهہ خورس جي ڏينهن کان وٺي فارس جي بادشاهہ دارا جي ڏينهن تائين هو ائين ڪندا رهيا. يروشلم جي نئين سر تعمير جي مخالفت 6 اخسويرس جي شهنشاهيءَ جي شروع ۾ ئي مخالفن يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪئي هئي. 7 وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو. 8 انهن خطن کان علاوہ شهنشاهت واري انهيءَ علائقي جي گورنر رحوم ۽ سندس محرر شمسيءَ هڪ خط يروشلم جي خلاف ارتخششتا شهنشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو تہ 9 ”هي خط ناظم اعليٰ رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ سندن ساٿين جيڪي جج ۽ وڏا عملدار آهن، تن جي طرفان آهي. انهيءَ کان علاوہ انهن جي طرفان بہ آهي جيڪي ارڪ، بابل ۽ عيلام جي گاديءَ واري شهر سوسن جا اصلي رهاڪو هئا. 10 بلڪ اهو خط انهن سڀني ماڻهن جي صلاح سان آهي، جن کي سندن شهرن مان بزرگ ۽ عالي مرتبہ اسنفر لڏائي آڻي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ ٻين هنڌن تي آباد ڪيو هو.“ 11 خط جو متن هي آهي تہ ”بحضور شهنشاهہ ارتخششتا، ازطرف اوهان جا ٻانها جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا. 12 شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي اوهان وٽان نڪري اسان وٽ آيا آهن سي يروشلم ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ ان باغي ۽ فسادي شهر کي وري تعمير ڪرڻ لڳا آهن. هنن شهر جي ڀتين جي مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اُها پوري ڪرڻ تي آهن. 13 سو شهنشاهہ سلامت کي معلوم هجي تہ جيڪڏهن اهو شهر وري تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون پوريون ٿي ويون تہ اهي ماڻهو ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا، جنهن جي نتيجي ۾ اوهان کي خراج جي وصوليءَ ۾ نقصان پهچندو. 14 هاڻ جيئن تہ اسين شهنشاهہ سلامت جا نمڪ خوار آهيون ۽ اسان کي اهو مناسب ناهي تہ شهنشاهہ سلامت جو نقصان ٿيندو ڏسون، تنهنڪري اسان هي خط موڪلي اوهان شهنشاهہ سلامت کي اطلاع ٿا ڏيون 15 تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو. 16 تنهنڪري اسين شهنشاهہ سلامت کي اطلاع ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر تعمير ٿي ويو ۽ ان جون ڀتيون وري جڙي راس ٿي ويون تہ پوءِ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ اوهان جي حڪمراني نہ رهندي.“ 17 خط جي جواب ۾ شهنشاهہ هي ورندي ڏني تہ ”رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ انهن جا ٻيا ساٿي جيڪي سامريہ شهر ۾ ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهندڙ آهن، تن ڏانهن سلام، 18 جيڪو خط اوهان اسان ڏانهن موڪليو سو منهنجي اڳيان ترجمو ڪري پڙهيو ويو آهي. 19 منهنجي حڪم جاري ڪرڻ تي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪئي ويئي، جنهن مان معلوم ٿيو تہ اهو شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي خلاف باغي پئي رهيو آهي ۽ فتني فساد جو ڳڙهہ پئي رهيو آهي. 20 جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن. 21 سو هاڻ اوهين انهن ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ ڪم بند ڪن، تہ جيئن اهو شهر تعمير نہ ٿئي جيستائين آءٌ اهڙو حڪم جاري نہ ڪريان. 22 خبردار ٿجو، متان انهيءَ ڪم ۾ ڪا غفلت ڪريو. ائين نہ ٿئي جو شاهي مفادن کي وڌيڪ نقصان رسي.“ 23 سو جڏهن ارتخششتا جو خط رحوم گورنر، سندس محرر شمسيءَ ۽ انهن جي ساٿين اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو هڪدم يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان يروشلم جي نئين سر تعمير جو ڪم بند ڪرايائون. دارا شهنشاهہ ڏانهن تتنيءَ جو خط 24 ساڳيءَ طرح خدا جو گھر جيڪو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي تعمير جو ڪم ٺپ ٿي ويو ۽ اهو فارس جي شهنشاهہ دارا جي شاهيءَ جي ٻئي سال تائين بند رهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society