عزرا 3 - Muslim Sindhi Bibleقربانگاهہ جي نئين سر تعمير 1 ستين مهيني جي اچڻ تائين سڀ بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. پوءِ ان مهيني ۾ سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. 2 تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتيايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي. 3 انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کان ڊڄڻ جي باوجود، هنن قربانگاهہ کي ساڳيءَ ئي جاءِ تي وري تعمير ڪيو ۽ ان تي خداوند لاءِ صبح ۽ شام واريون روزاني جون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا. 4 هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون. 5 انهن کان علاوہ هنن روزانو جون ساڙڻ واريون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون ساڙيون ويندڙ قربانيون پيش ڪيون ۽ اهي قربانيون بہ پيش ڪيون جيڪي خداوند جي سڀني مقرر ٿيل پاڪ ڏينهن تي ڪبيون هيون ۽ اهي پڻ پيش ڪيائون جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان آنديون هئائون. 6 ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ قربانيون ساڙڻ لڳا، توڙي جو خداوند جي هيڪل جو اڃا بنياد بہ نہ وڌو هئائون. هيڪل جي نئين سر تعمير 7 پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو. 8 يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن، لاوي ۽ سندن ٻيا همقوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. 9 تنهن کان سواءِ لاوي قبيلي مان يشوع پنهنجي پٽن ۽ مٽن مائٽن سميت، هوداوياہ جي نسل مان قدميايل ۽ سندس پُٽَ، اهي سڀ هڪ ٿي خدا جي گھر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداري ڪرڻ لڳا. لاوي قبيلي مان بني حنداد گھراڻي وارا پڻ ساڻن گڏ نظرداري ڪرڻ لڳا. 10 جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي. 11 هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو. 12 پر گھڻا ئي وڏي عمر وارا ڪاهن، لاوي ۽ گھراڻن جا وڏا جن پنهنجي اکين سان خداوند جي اڳئين هيڪل ڏٺي هئي سي رڙيون ڪري روئڻ لڳا، جڏهن تہ ٻين گھڻن ئي خوشيءَ وچان واڪا ٿي ڪيا. 13 وڏي شور هئڻ ڪري ماڻهو خوشيءَ جي آوازن ۽ روئڻ جي آوازن جو فرق نہ سمجھي سگھيا. اهو شور پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society