عزرا 2 - Muslim Sindhi Bibleجلاوطنيءَ مان موٽندڙن جي فهرست ( نحمياہ 7:4-73 ) 1 بابل صوبي ۾ رهندڙ جلاوطن، جن جي وڏن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو هو، سي سڀ يروشلم شهر ۽ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ موٽي آيا. 2 اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: 3 بني پرعُوس جا ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر ماڻهو هئا، 4 بني سفطياہ جا ٽي سؤ ٻاهتر ماڻهو هئا، 5 بني ارخ جا ست سؤ پنجهتر ماڻهو هئا، 6 بني پخت موآب جيڪي يشوع ۽ يوآب جي نسل مان هئا تن جا ٻہ هزار اٺ سؤ ٻارهن ماڻهو هئا، 7 بني عيلام جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا، 8 بني زتوءَ جا نوَ سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو هئا، 9 بني زڪيءَ جا ست سؤ سٺ ماڻهو هئا، 10 بني بانيءَ جا ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا، 11 بني ببئيءَ جا ڇهہ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا، 12 بني عزجاد جا هڪ هزار ٻہ سؤ ٻاويهہ ماڻهو هئا، 13 بني ادونقام جا ڇهہ سؤ ڇاهٺ ماڻهو هئا، 14 بني بِگويءَ جا ٻہ هزار ڇاونجاهہ ماڻهو هئا، 15 بني عدين جا چار سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا، 16 بني اطير عرف حزقياہ جا اٺانوي ماڻهو هئا، 17 بني بضيءَ جا ٽي سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا، 18 بني يورہ جا هڪ سؤ ٻارهن ماڻهو هئا، 19 بني حاشوم جا ٻہ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا 20 ۽ بني جِبار جا پنجانوي ماڻهو هئا. 21 اهي ماڻهو جن جا وڏا هنن ننڍن وڏن شهرن ۾ رهندا هئا، تن جو تعداد هن طرح هو: بيتلحم شهر جا هڪ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا، 22 نطوفہ شهر جا ڇاونجاهہ ماڻهو هئا، 23 عنتوت شهر جا هڪ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا، 24 عزماوت شهر جا ٻائيتاليهہ ماڻهو هئا، 25 قريتيعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت شهرن جا ست سؤ ٽيتاليهہ ماڻهو هئا، 26 رامہ ۽ جِبع شهرن جا ڇهہ سؤ ايڪيهہ ماڻهو هئا، 27 مڪماس شهر جا هڪ سؤ ٻاويهہ ماڻهو هئا، 28 بيتايل ۽ عئي شهرن جا ٻہ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا، 29 نبو شهر جا ٻاونجاهہ ماڻهو هئا، 30 مجبِيس شهر جا هڪ سؤ ڇاونجاهہ ماڻهو هئا، 31 ٻئي عيلام شهر جا هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ ماڻهو هئا، 32 حارم شهر جا ٽي سؤ ويهہ ماڻهو هئا، 33 لود، حادِيد ۽ اونو شهرن جا ست سؤ پنجويهہ ماڻهو هئا، 34 يريحو شهر جا ٽي سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو هئا 35 ۽ سناآہ شهر جا ٽي هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ ماڻهو هئا. 36 ڪاهنن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: يدعياہ جو اولاد يعني يشوع جي گھراڻي جا نوَ سؤ ٽيهتر ماڻهو هئا، 37 اِمير جي گھراڻي جا هڪ هزار ٻاونجاهہ ماڻهو هئا، 38 فشحور جي گھراڻي جا هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ ماڻهو هئا 39 ۽ حارم جي گھراڻي جا هڪ هزار سترهن ماڻهو هئا. 40 لاويءَ جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، تن جي ماڻهن جو تعداد هن طرح هو: هوداوياہ جي نسل مان يشوع ۽ قدميايل جي اولاد جا چوهتر ماڻهو هئا، 41 آسف جو اولاد جيڪي هيڪل جا ڳائڻا هئا، تن جا هڪ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا 42 ۽ بني سلوم، بني اِطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا ۽ بني سوبي جيڪي هيڪل جا دربان هئا، تن جو تعداد هڪ سؤ اوڻيتاليهہ هو. 43 اهي گھراڻا جيڪي هيڪل جا خدمتگار هئا ۽ جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني ضيحا، بني حُسوفا، بني طبعوت، 44 بني قُروس، بني سيعها، بني فدون، 45 بني لِبانہ، بني حجابہ، بني عقوب، 46 بني حجاب، بني شملي، بني حنان، 47 بني جِديل، بني جحر، بني رآياہ، 48 بني رصين، بني نقودا، بني جزام، 49 بني عزا، بني فاسيخ، بني بسي، 50 بني اسناہ، بني معونيم، بني نفي سيم، 51 بني بقبوق، بني حقوفا، بني حرحور، 52 بني بضلوت، بني محِيدا، بني حرشا، 53 بني برقوس، بني سيسرا، بني تامح، 54 بني نضياح ۽ بني خطيفا. 55 سليمان جي نوڪرن جا گھراڻا جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا، سي هي هئا: بني سوطي، بني حسوفرت، بني فرودا، 56 بني يعلہ، بني درقون، بني جِديل، 57 بني سفطياہ، بني خِطيل، بني فوڪرتضبائم ۽ بني امي. 58 هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو. 59-60 بني دلاياہ، بني طوبياہ ۽ بني نقودا جا ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ ماڻهو جيڪي تل ملح، تل حرسا، ڪرُوب، ادان ۽ امير مان موٽي آيا هئا، سي اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو بني اسرائيل آهن. 61-62 جيڪي ماڻهو اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو ڪاهنن مان آهن، تن جا گھراڻا هي هئا: بني حباياہ، بني هقوص ۽ بني برزلي. هي اهو برزلي هو جنهن جِلعادي برزليءَ جي هڪڙي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ نالي سان ئي کيس سڏيو ويو. انهن پنهنجي خانداني نسبنامي کي ڏاڍو ڳوليو پر لهي نہ سگھيا، تنهنڪري کين نااهل سمجھي ڪاهنيت مان خارج ڪيو ويو. 63 يهودي گورنر انهن کي حڪم ڏنو تہ تيستائين هو خداوند لاءِ ئي مخصوص شين مان ڪجھہ نہ کائين، جيستائين اُوريم ۽ ٿُميم سان خدمت ڪندڙ ڪو ڪاهن هجي جيڪو فيصلو ڪري. 64 موٽي ايندڙ جلاوطنن جو ڪل تعداد ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هو. 65 کانئن علاوہ سندن نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو تعداد ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هو. ساڻن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو تعداد ٻہ سؤ هو. 66 گھوڙن جو تعداد ست سؤ ڇٽيهہ، خچرن جو ٻہ سؤ پنجيتاليهہ، 67 اُٺن جو چار سؤ پنجٽيهہ ۽ گڏهن جو ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ هو. 68 جڏهن اهي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل جي جاءِ تي پهتا تہ گھراڻن جي ڪن وڏن خداوند جي گھر کي پنهنجي اصل جاءِ تي وري تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا. 69 انهن پنهنجي وس آهر ڪم لاءِ گڏ ڪيل خزاني ۾ سون جا پنج سؤ ڪلوگرام، چانديءَ جا ٻہ هزار اٺ سؤ ڪلوگرام ۽ هڪ سؤ ڪاهنن وارا لباس ڏنا. 70 ڪاهنَ، لاوي، ۽ ڪجھہ ٻيا ماڻهو يروشلم ۾ ۽ ان جي آسپاس آباد ٿي ويا. ڳائڻا، دربانَ ۽ هيڪل جا خدمتگار آسپاس وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا. باقي ٻيا بني اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي ويا |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society