عزرا 10 - Muslim Sindhi Bibleماڻهن جو رشتيداريءَ بابت گناهہ باسڻ 1 جنهن وقت عزرا خدا جي گھر اڳيان گوڏا کوڙي روئندي دعا پئي گھري ۽ گناهہ پئي باسيا، تنهن وقت هن جي چوڌاري بني اسرائيل جي مردن، عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو. اهي بہ زاروزار روئڻ لڳا. 2 تڏهن عيلام جي اولاد مان سڪنياہ ولد يحيايل عزرا کي چيو تہ ”اسان غير قومن جي عورتن سان پرڻجي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ بني اسرائيل وارن کي اڃا تائين اميد آهي. 3 تنهنڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان هي عهد ڪريون تہ اسين اهي سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي سو تو اسان جي آقا ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪمن کان ڊڄن ٿا تن جي صلاح سان ڪڍي ڇڏيون. اهو سمورو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي. 4 تنهنڪري تون اُٿ، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪم تنهنجي هٿ ۾ آهي. اسين تو سان گڏ آهيون. همت ڪر ۽ ائين ڪري ڏيکار.“ 5 تڏهن عزرا اٿيو ۽ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کان قسم کڻايائين تہ هو ائين ئي ڪندا. سو هنن اهڙو قسم کنيو. 6 پوءِ عزرا خدا جي گھر وٽان روانو ٿيو ۽ يهوحانان ولد الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ رات رهيو. جيستائين هو اتي هو تيستائين نہ ڪجھہ کاڌائين ۽ نہ وري ڪجھہ پيتائين، ڇاڪاڻ تہ هن جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي گناهہ تي سوڳ پئي ڪيو. 7 پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ سڀني موٽي آيلن لاءِ اعلان ڪيو ويو تہ هو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿين. 8 عملدارن ۽ اڳواڻن فيصلو ڪيو تہ جيڪو ٽن ڏينهن اندر اچي حاضر نہ ٿيندو تنهن جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي ۽ کيس موٽي آيلن جي جماعت مان خارج ڪيو ويندو. 9 تڏهن يهوداہ ۽ بنيامين علائقن جا سڀيئي مرد ٽن ڏينهن جي اندر نائين مهيني جي ويهين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. اهي سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر اڳيان کُليل ميدان ۾ ويٺا رهيا ۽ ان واقعي ۽ سخت برسات جي ڪري ڏاڍا ڏکيارا هئا. 10 تڏهن عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ کين چوڻ لڳو تہ ”اوهان ڌارين عورتن سان پرڻجي گناهہ ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي گناهن ۾ اضافو ڪيو اٿوَ. 11 هاڻي اوهان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان پنهنجا گناهہ باسيو ۽ سندس مرضيءَ مطابق هلو. ملڪ جي ٻين قومن کان ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي الڳ ڪريو.“ 12 تڏهن انهن ماڻهن وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ ”تون صحيح ٿو چوين! جيئن تون چوندين تيئن ئي اسين ڪنداسين. 13 پر جيئن تہ هتي ماڻهو تمام گھڻا آهن ۽ برسات پيئي پوي، تنهنڪري اسين ٻاهر بيهي نہ ٿا سگھون. ٻيو تہ اهو ڪم هڪڙي يا ٻن ڏينهن جو ناهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ معاملي جي ڪري اسان ڏوهارين جو انگ گھڻو آهي. 14 تنهنڪري اسان سڀني جي ترجماني اسان جا اڳواڻ ڪن. پوءِ اسان مان جن جن ماڻهن ڌاريون عورتون پرڻيون آهن، سي مقرر ڪيل وقت تي اچن ۽ انهن سان پنهنجي پنهنجي شهر جا اڳواڻ ۽ جج بہ ساڻ هجن. اهڙيءَ طرح هن معاملي جي ڪري خدا جي جيڪا ڪاوڙ اسان تي آهي سا ٽري ويندي.“ 15 مسلام ۽ سبتي لاويءَ جي حمايت سان يونتن ولد عساهيل ۽ يحازياہ ولد تقوہ انهيءَ ڳالهہ جي مخالفت ڪئي. انهن کان سواءِ ٻين سڀني اها رٿ قبول ڪئي. 16 اهڙيءَ طرح جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن ائين ئي ڪيو جيئن رٿ ڏني ويئي هئي. عزرا ڪاهن گھراڻن جي ڪن وڏن کي سندن گھراڻن مطابق نالي وار چونڊيو. اُهي ان معاملي جي جاچ ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ تي اچي گڏ ٿيا. 17 پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تائين انهن سڀني ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي جن ڌاريون عورتون پرڻيون هيون. رشتيداريءَ جي ڏي وٺ جا ڏوهدار 18 ڪاهنن مان جن ڌاريون عورتون پرڻيون هيون سي هي هئا: معسياہ، اليعزر، يارب ۽ جِدلياہ، جيڪي يشوع ولد يوصدق جي ڀائرن ۽ اولاد مان هئا. 19 انهن پڪو واعدو ڪيو تہ هو پنهنجيون زالون ڪڍي ڇڏيندا ۽ پنهنجي انهيءَ گناهہ لاءِ انهن مان هر هڪ پنهنجي ڌڻ مان هڪ گھٽو قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪندو. 20 ڪاهنن مان هي بہ هئا: امير جي اولاد مان حناني ۽ زبدياہ، 21 حارم جي اولاد مان معسياہ، الياہ، سمعياہ، يحيايل ۽ عُزياہ، 22 فشحور جي اولاد مان اليوعيني، معسياہ، اسماعيل، نتنيايل، يوزباد ۽ اِلعسہ. 23 لاوين مان هي هئا: يوزباد، شمعي، قلاياہ عرف قليتاہ، فتحياہ، يهوداہ ۽ اليعزر. 24 هيڪل جي ڳائڻن مان هي هو: الياسب. هيڪل جي دربانن مان هي هئا: سلوم، طلم ۽ اُوري. 25 باقي ٻين بني اسرائيل مان هي هئا: پرعوس جي اولاد مان رمعياہ، يزياہ، ملڪياہ، ميامين، اليعزر، ملڪياہ ۽ بناياہ، 26 عيلام جي اولاد مان متنياہ، زڪرياہ، يحيايل، عبدي، يريموت ۽ الياہ، 27 زتوءَ جي اولاد مان اليوعيني، الياسب، متنياہ، يريموت، زاباد ۽ عزيزا 28 ببئيءَ جي اولاد مان يهوحانان، حننياہ، زبي ۽ عطلي، 29 بانيءَ جي اولاد مان مسلام، ملوڪ، عداياہ، ياسوب، سيال ۽ يراموت، 30 پخت موآب جي اولاد مان عدنان، ڪلال، بناياہ، معسياہ، متنياہ، بضليايل، بنوي ۽ منسي، 31 حارم جي اولاد مان اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون، 32 بنيامين، ملوڪ ۽ سمرياہ، 33 حاشوم جي اولاد مان متنئي، متتياہ، زاباد، اليفلط، يريمي، منسي ۽ شمعي، 34 بانيءَ جي اولاد مان معدئي، عمرام، اُوايل، 35 بناياہ، بدياہ، ڪلُوہ، 36 وَنياہ، مريموت، الياسب، 37 متنياہ، متنئي ۽ يعسو، 38 بنويءَ جي اولاد مان شمعي، 39 سلمياہ، ناتن، عداياہ، 40 مڪندبي، ساسي، ساري، 41 عزرئيل، سلمياہ، سرمياہ، 42 سلوم، امرياہ ۽ يوسف، 43 نبوءَ جي اولاد مان يعيايل، متتياہ، زاباد، زبينا، يدو، يوايل ۽ بناياہ. 44 اهي سڀيئي ڌاريون عورتون پرڻيا هئا. سو هنن انهن عورتن کي سندن اولاد سميت گھران ڪڍي ڇڏيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society