Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 1 - Muslim Sindhi Bible


جلاوطنن جي واپسي
( 2.تواريخ 36‏:22‏-23 )

1 فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڏنل پنهنجو فرمان پورو ڪرڻ خاطر خورس شهنشاهہ جي دل ۾ هي خيال وڌو تہ هو پنهنجي سڄيءَ شهنشاهت ۾ حڪم‌نامو جاري ڪري اهو اعلان ڪرائي تہ

2 ”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.

3 خدا شال اوهان سڀني سان گڏ هجي جيڪي سندس قوم آهيو. اوهان سڀني کي يروشلم ڏانهن وڃڻ جي اجازت آهي ۽ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي نئين سِر تعمير ڪرڻي آهي. هائو، اُهو ئي خداوند آهي، جنهن جي يروشلم ۾ عبادت ڪئي ويندي آهي.

4 جيڪڏهن سندس قوم مان ڪوبہ جلاوطن ٿيل شخص وطن موٽي اچڻ لاءِ مدد جو گھرجائو هجي تہ سندس اتي جي پاڙيسرين کي گھرجي تہ چاندي، سون، سيڌي سامان ۽ جانورن سان سندس مدد ڪن. انهيءَ کان سواءِ يروشلم ۾ خداوند جي گھر لاءِ خوشيءَ سان نذرانا ڏين.“

5 تڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي گھراڻن جا وڏا، ڪاهن، لاوي ۽ اهي شخص جن جي دل ۾ خدا اها ڳالهہ وڌي تہ وڃي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل تعمير ڪجي، سي سڀيئي تيار ٿيا.

6 انهن جي سڀني پاڙيسرين چاندي ۽ سون جي شين ۽ ٻين قيمتي شين، سيڌي سامان، ضروري استعمال جي شين ۽ جانورن سان سندن مدد ڪئي. انهن شين کان علاوہ کين خداوند جي گھر لاءِ نذرانا بہ ڏنائون.

7 انهيءَ کان سواءِ خورس شهنشاهہ بہ خداوند جي گھر جا اهي ٿانوَ جيڪي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم مان کڻائي پنهنجي معبودن جي گھر ۾ آڻي رکيا هئا، سي هو اتان ڪڍي کڻائي آيو.

8 اهي سڀ خورس شهنشاهہ متردات نالي شاهي خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، جنهن اهي بني يهوداہ جي سردار شيس‌بضر کي ڳڻي ڏنا.

9 انهن جو تعداد هي هو: ٽيهہ سونا ٿالهَہ، هڪ هزار چانديءَ جا ٿالهہ، اوڻٽيهہ ٻيا ٿالهہ،

10 ٽيهہ سون جا پيالا، چار سؤ ڏهہ ننڍا چانديءَ جا پيالا ۽ هڪ هزار ٻيا ٿانوَ.

11 سون ۽ چانديءَ جا جملي ٿانوَ پنج هزار چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس‌بضر انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن سان گڏ يروشلم ۾ آندا، جيڪي بابل مان يروشلم ۾ موٽي آيا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan