Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 9 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم وارن ۾ قتلام

1 پوءِ مون وڏي آواز ۾ خداوند جي هڪل ٻڌي تہ ”اي اوهين! جن کي يروشلم شهر جي برباديءَ لاءِ چونڊيو ويو آهي، سي شهر ڏانهن هليا اچو. اوهين پنهنجا موتمار هٿيار پاڻ سان کنيو اچو.“

2 تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.

3 تڏهن مون ڏٺو تہ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني، جيڪا مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق مٿان هئي، سا اتان نڪري هيڪل جي دروازي وٽ آئي. پوءِ خداوند انهيءَ عمدي سڻيءَ واري پوشاڪ پهريل ماڻهوءَ کي سڏيو، جنهن کي ڪاتبن وارو قلمدان چيلهہ سان ٻڌل هو.

4 خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“

5 پوءِ مون ٻڌو تہ خداوند ٻين ڇهن ماڻهن کي فرمايو تہ ”اوهين هن جي پٺيان شهر وچان لنگھي وڃو ۽ قتلام ڪريو. اوهين ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيو، نڪي ڪنهن تي ڪو رحم ڪريو.

6 پوڙهن توڙي نوجوانن، مردن توڙي عورتن، والدين توڙي سندن ٻارن، سڀني کي ماري فنا ڪري ڇڏيو. پر جنهن ماڻهوءَ جي پيشانيءَ تي نشان هجي تنهن کي هٿ بہ نہ لائجو. اوهين شروعات هتان منهنجي هيڪل کان ئي ڪريو.“ سو هنن شروعات انهن اڳواڻن کان ئي ڪئي جيڪي اتي هيڪل ۾ بيٺا هئا.

7 خدا کين وڌيڪ فرمايو تہ ”هيڪل جي اڱڻن ۾ لاشن جا ڍير ڪري منهنجي هيڪل کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو. نڪرو جلدي ڪريو.“ تڏهن هو نڪري ويا ۽ شهر ۾ ڪوس شروع ڪري ڏنائون.

8 هاڻي جڏهن هنن ماڻهو پئي ماريا تڏهن آءٌ اڪيلو وڃي بچيس. پوءِ آءٌ منهن ڀر سجدي ۾ ڪريس ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! تون يروشلم تي پنهنجو قهر نازل ڪري اسرائيل ۽ يهوداہ ملڪن جي باقي رهيل سڀني ماڻهن کي بہ ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟“

9 تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بي‌انصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.

10 سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“

11 پوءِ مون ڏٺو تہ جنهن ماڻهوءَ کي عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس چيلهہ سان قلمدان ٻڌل هو، سو موٽي آيو ۽ خداوند کي اچي اطلاع ڏنائين تہ ”جيئن تو حڪم ڏنو هو، تيئن مون ڪري ڇڏيو آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan