حزقي ايل 45 - Muslim Sindhi Bibleخداوند لاءِ زمين جو وقف ڪيل حصو 1 خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي. 2 انهيءَ ايراضيءَ ۾ مقدس هيڪل جي لاءِ هڪڙو چورس ٽڪرو هوندو، جيڪو ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر ڊگھو ۽ ٻہ سؤ پنجاهہ ميٽر ويڪرو هوندو. انهيءَ جي چوڌاري پنجويهہ ميٽر ويڪرو کُليل ميدان هوندو. 3 انهيءَ مخصوص ڪيل ايراضيءَ جو ڏکڻ وارو اڌ جيڪو ڊيگھہ ۾ ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ۾ پنج ڪلوميٽر ماپ جو هوندو، سو مقدس هيڪل لاءِ وقف هوندو، جنهن ڪري اهو حصو سڀني کان وڌيڪ پاڪ هوندو. 4 زمين جو اهو وقف ڪيل حصو انهن ڪاهنن جي لاءِ هوندو جيڪي هيڪل جا خدمتگار هوندا ۽ مون خداوند جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهندا. اهو حصو سندن گھرن لاءِ هوندو ۽ هيڪل واري ايراضيءَ جو حصو هوندو. 5 مون لاءِ مخصوص ٿيل زمين جو ٻيو اتر وارو حصو جيڪو پڻ ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ڊگھو ۽ پنج ڪلوميٽر ويڪرو هوندو، سو هيڪل جي لاوي خدمتگارن لاءِ وقف هوندو، جتي اهي پنهنجا ڳوٺ ٺاهي انهن ۾ رهندا. 6 انهيءَ کان علاوہ مون لاءِ مخصوص انهيءَ ايراضيءَ سان لڳولڳ ڏکڻ طرف هڪڙو ٻيو حصو مقرر ڪيو ويندو، جيڪو ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر اولهہ کان اوڀر طرف ڊگھو ۽ اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ کان اتر طرف ويڪرو هوندو. انهيءَ تي شهر اڏايو ويندو جنهن ۾ بني اسرائيل جي هر قبيلي جو ڪوبہ ماڻهو رهي سگھندو.“ حڪمران لاءِ وقف ڪيل زمين 7 خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”جيڪا زمين منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل ايراضيءَ ۽ شهر جي لاءِ وقف ٿيل حصي جي اولهہ ۽ اوڀر طرف تي هوندي سا بني اسرائيل جي حڪمران جي هوندي. حڪمران جي زمين جي حد اولاهين طرف ڀونوچ سمنڊ تائين ۽ اوڀر طرف اردن درياءَ تائين هوندي. 8 انهيءَ جو مطلب هي آهي تہ وچ واري مخصوص ايراضيءَ ۽ شهر واري حصي کان سواءِ حڪمران جي زمين وارو حصو ملڪ جي اوڀر واري سرحد کان اولهہ واري سرحد تائين ايترو ڊگھو هوندو جيترو هر قبيلي کي ڏنل حصو هوندو. اها زمين بني اسرائيل جي ملڪ جي هر حڪمران جي هوندي. سو اهي اڳتي منهنجي قوم کان زمين کسي وري ظلم نہ ڪندا ۽ سڀني ماڻهن کي سندن ملڪ اندر ڏنل علائقن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان رهڻ ڏيندا.“ حڪمران لاءِ مقرر قاعدا قانون 9 خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. 10 سو جڏهن بني اسرائيل پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا، تڏهن حڪمران اهڙا قاعدا قانون جوڙين جن مطابق ايمانداريءَ سان ماپ ۽ تور ڪئي وڃي. 11 خشڪ شيون ماپڻ وارو ماپو ايفہ، پاڻياٺ واريون شيون ماپڻ واري ماپي بٿ جي برابر هئڻ گھرجي. انهن جي ماپ جو معيار خومر مطابق هن طرح هجي: 1 خومر برابر 10 ايفہ برابر 10 بٿ. 12 مقرر ڪيل وزن وارا ماپا هن طرح هجن: 20 جيرہ برابر 1 شيڪل 60 شيڪل برابر 1 مانہ. 13 ماڻهو پنهنجا نذرانا خداوند جي حضور ۾ هن ريت پيش ڪن: ڪڻڪ جي پيداوار مان سٺهون حصو. جَون جي پيداوار مان سٺهون حصو. 14 زيتون جي تيل جي پيداوار مان سئوڻو حصو. زيتون جي تيل جي ماپ بٿ مطابق هجي جيڪو هن طرح آهي: 10 بٿ برابر 1 خومر برابر 1 ڪر. 15 ماڻهن جا جيڪي ڌڻ سرسبز چراگاهن ۾ آهن تن جي هر ٻہ سؤ رڍن مان هڪڙو گھيٽو نذراني طور پيش ڪيو وڃي. اهي نذرانا اناج جي قربانين، ساڙيون ويندڙ قربانين ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ڏنا وڃن تہ جيئن انهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي. 16 ملڪ جا سڀيئي ماڻهو بني اسرائيل جي ان وقت جي حڪمران وٽ اهي نذرانا کڻي اچن. 17 پوءِ انهيءَ حڪمران جو اهو فرض ٿيندو تہ هر عيد، نئين چنڊ ۽ هر سبت جي موقعي تي بلڪ بني اسرائيل قوم جي سڀني مقرر ڏينهن تي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ اوتڻ واريون قربانيون مهيا ڪري. تنهن کان علاوہ بني اسرائيل قوم جي گناهن جي ڪفاري لاءِ هن کي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون، اناج جون قربانيون، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون مهيا ڪرڻيون پونديون.“ عيدون ( خروج 12:1-20 ، لاوي سرشتو 23:33-43 ) 18 خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! نئين سر بحاليءَ کان پوءِ هر سال پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي هڪڙو بيعيب وهڙو قربان ڪري مقدس هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي. 19 ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري قربانيءَ جو ڪجھہ رت کڻي هيڪل جي عمارت جي سردرن تي، قربانگاهہ جي چئني ڪنڊن تي ۽ اندرين اڱڻ جي لنگھن وارن اندرين سردرن تي لڳائي. 20 وري ساڳئي مهيني جي ستين تاريخ تي بہ ساڳيءَ طرح ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪنهن جي خطا وچان يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو گناهہ ٿيو هجي. اهڙيءَ طرح هيڪل کي پاڪ ڪيو وڃي. 21 هر سال پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين عيد فصح ملهائي وڃي. انهن ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائيندا تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. 22 عيد فصح جي پهرئين ڏينهن تي حڪمران پنهنجي ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن جي گناهہ واسطي قربانيءَ طور هڪڙو ڍڳو پيش ڪري. 23 ان کان علاوہ عيد فصح جي ستن ئي ڏينهن تي هو روزانو ست بيعيب ڍڳا ۽ ست گھٽا مون خداوند کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. هو هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ پڻ پيش ڪري. 24 قربانيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ هر ڍڳي ۽ هر گھٽي سان گڏ هو اٺ ڪلوگرام اناج ۽ ٽي ليٽر زيتون جو تيل پيش ڪري. 25 تنبن واري عيد جيڪا هر سال ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان ستن ڏينهن تائين ملهائي ويندي آهي، تنهن تي بہ حڪمران هر روز ايترا ئي جانور پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري جيترا عيد فصح تي قربان ڪيا وڃن. ساڳيءَ طرح اناج ۽ زيتون جي تيل جو بہ ساڳي ئي مقدار ۾ قربانيءَ سان گڏ پيش ڪيو وڃي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society