حزقي ايل 40 - Muslim Sindhi Bibleهيڪل جي مستقبل بابت رويا ( 40:1–48:35 ) حزقيايل جو رويا وسيلي يروشلم ۾ آندو وڃڻ 1 اسان جي جلاوطنيءَ جي پنجويهين سال پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ تي، جيڪو يروشلم شهر جي زوال جو چوڏهون سال هو، خداوند جي قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي. 2 خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون. 3 هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو. 4 انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“ هيڪل جي چوديواريءَ ۾ اوڀر طرف وارو ٻاهريون لنگھہ 5 تڏهن مون پهرين شيءِ جيڪا ڏٺي سا هيڪل جي چوديواريءَ واري ٻاهرين ڀت هئي، جيڪا سڀني عمارتن جي چوڌاري ڏنل هئي. انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جو جيڪو ڪانو هو سو ٽي ميٽر ڊگھو هو، جنهن سان هن ڀت جي ماپ ورتي تہ اها ٽي ميٽر اوچي ۽ ٽي ميٽر ويڪري هئي. 6 پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي. 7 انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو. 8-10 انهيءَ هال جي اندرين چانئٺ کان وٺي ان دروازي تائين ويڪر چار ميٽر هئي ۽ دروازي جون ٻانهيون هڪ ميٽر ويڪريون هيون. اهڙيءَ طرح انهن ٻانهين جون ڀتيون بہ هڪ هڪ ميٽر ويڪريون هيون. 11 پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ موٽي اچي ٻاهر کان اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ماپ ڪئي تہ انهيءَ جي ويڪر پنج ميٽر هئي ۽ دروازي کان لنگھہ جي اندر واري ويڪر ساڍا ڇهہ ميٽر هئي. 12 لنگھہ جي اندران ٻنهي پاسن ۾ پهريدارن لاءِ ٺهيل ٽن ٽن ڪمرن مان هر هڪ جي اڳيان اڌ ميٽر اوچا ۽ اڌ ميٽر ويڪرا دِڪا ٺهيل هئا. 13 انهن ڪمرن مان ٻہ ٻہ ڪمرا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. سو هن هڪڙي ڪمري جي پٺ واري ڀت کان وٺي سامهون واري ڪمري جي پٺ واري ڀت تائين ماپ ڪئي، جيڪا ساڍا ٻارهن ميٽر ٿي. هن اها ماپ ڇت کان ڪئي. 14 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هال ۽ ٻاهرين اڱڻ جي وچ واري دروازي جي ٻانهين جي اوچائي ماپي جيڪا ٽيهہ ميٽر هئي. انهيءَ سڄي اوڀر واري لنگھہ جي جاءِ جي ٽنهي پاسن کان هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ هو. 15 ٻاهر کان اندر داخل ٿيڻ واري دروازي کان ويندي ٻاهرين اڱڻ تائين سڄي لنگھہ جي ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر هئي. 16 لنگھہ جي ڪمرن، هال ۽ دروازن جي سڀني اندرين ڀتين ۾ ننڍڙيون دريون لڳل هيون. دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻ جون تصويرون بہ ڇاپيل هيون. هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ 17 تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو. 18 انهيءَ فرش جي ويڪر لنگھہ جي آخري ڇيڙي تائين هئي. هيڪل جي چوديواريءَ جي اندر مون اندريون اڱڻ بہ ڏٺو جيڪو ٻاهرين اڱڻ کان مٿاهينءَ تي هو. 19 ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها پنجاهہ ميٽر هئي. پوءِ اهو ماڻهو مون کي ٻاهرين اڱڻ مان ئي اتر پاسي واري ٻاهرين لنگھہ وٽ وٺي ويو. هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جو اتر وارو لنگھہ 20 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ان لنگھہ جي بہ ماپ ڪئي، 21 جنهن جي ماپ اوڀر واري لنگھہ جي ماپ جيتري هئي. ساڳي نموني لنگھہ جي اندر ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ ٽي ٽي ڪمرا، ڪمرن جون وڇوٽي واريون ڀتيون ۽ هال بہ ساڳي ماپ جا ٺهيل هئا. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي نموني هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر. 22 انهيءَ جو هال ۽ دريون بہ بلڪل اوڀر واري لنگھہ وانگر هيون. کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ائين ئي ڇاپيل هيون. ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. 23 ٻاهرين اڱڻ جي ان اتر واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جو ڏکڻ وارو لنگھہ 24 پوءِ اهو ماڻهو مون کي ڏکڻ طرف وٺي هليو. ڇا ڏسان تہ ڏکڻ واري پاسي بہ هڪڙو لنگھہ هو. هن ان جي ماپ ڪئي تہ اها بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 25 ان لنگھہ اندر ساڳي نموني دريون لڳل هيون. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي ئي هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر. 26 ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. ٻين لنگھن وانگر دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇپيل هيون. 27 ٻاهرين اڱڻ جي ان ڏکڻ واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي اندرين اڱڻ جو ڏاکڻو لنگھہ 28 پوءِ اسين ٻاهرين اڱڻ کان اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وٽ آياسين. انهيءَ ماڻهو ان لنگھہ جي ماپ ورتي تہ اها بہ ٻاهرينءَ ڀت وارن لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 29-30 پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 31 پر هن لنگھہ وارو هال آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا. هيڪل جي اندرين اڱڻ جو اوڀر وارو لنگھہ 32 پوءِ اهو ماڻهو مون کي اندرين اڱڻ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ وٺي آيو. هن ان لنگھہ جي ماپ ورتي، جيڪا بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 33 پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 34 اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا. هيڪل جي اندرين اڱڻ جو اتر وارو لنگھہ 35 پوءِ اهو ماڻهو مون کي اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ وٽ وٺي آيو. هن ان لنگھہ جي ماپ ورتي، جيڪا بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 36 پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 37 اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن لنگھن وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا. اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ وٽ جانورن جي قربانيءَ وارا ڪمرا 38 اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا. 39 انهيءَ ڪمري ۾ چار ميزون رکيل هيون، ٻہ ڪمري جي هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. انهن ميزن تي قربانين لاءِ جانور ذبح ڪيا ويندا هئا، يعني ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اهي قربانيون جن جي وسيلي ماڻهن جا گناہ معاف ڪيا وڃن تہ جيئن اهي پاڪ ٿين. 40 انهيءَ ڪمري جي ٻاهران اتر طرف ٻاهرين اڱڻ ۾ لنگھہ وٽ چار ٻيون ميزون رکيل هيون، ٻہ هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. 41 ڪل ملائي جملي اٺ ميزون هيون، چار ڪمري جي اندر ۽ چار ٻاهرين اڱڻ ۾. انهن سڀني تي قربانيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ جانورن کي ذبح ڪيو ويندو هو. 42 انهن ميزن مان چار ميزون جيڪي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ هيون سي تراشيل پٿر جون ٺهيل هيون. انهن جي اوچائي اڌ ميٽر ۽ مٿين سطح مُنو ميٽر چورس هئي. اهي ميزون ذبح ڪرڻ وارن جانورن کي ڪُهڻ وارا اوزار رکڻ لاءِ هيون. 43 انهن ميزن مان هر هڪ جي چوڌاري ڪنارن تي چئن آڱرين جيتري ويڪري ڪناري لڳل هئي. قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ويندڙ سمورو گوشت انهن ميزن تي رکيو ويندو هو. 44 پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو. 45 انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ جنهن ڪمري جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي سو هيڪل ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. 46 جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربانگاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي. هيڪل جي عمارت ۽ اندريون اڱڻ 47 انهيءَ ماڻهوءَ اندرين اڱڻ جي ماپ ڪئي، جيڪو پنجاهہ ميٽر ڊگھو ۽ پنجاهہ ميٽر ويڪرو چورس هو. اندرين اڱڻ جي اولهہ ۾ هيڪل جي عمارت هئي ۽ انهيءَ جي آڏو اندرين اڱڻ ۾ قربانگاهہ هئي. 48 پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي تہ اهو اڍائي ميٽر ٿلهو ۽ ست ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ڏيڍ ڏيڍ ميٽر ويڪريون هيون. 49 داخل ٿيڻ وارو سڄو ڪمرو ڏهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڇهہ ميٽر ويڪرو هو. اندرين اڱڻ کان ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهہ ڏاڪا ٺهيل هئا. ان جي دروازي جي ٻنهي پاسن تي ٻہ ٿنڀا ٺهيل هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society