حزقي ايل 4 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جي تباهيءَ جا پيغام ( 4:1–24:27 ) بابل ۾ جلاوطنن لاءِ يروشلم جي ٻيهر گھيري بابت نشانيون 1 خداوند فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون هڪڙي سر کڻ ۽ اها پنهنجي اڳيان رک، ۽ مٿس يروشلم شهر جو نقشو ڪڍ. 2 پوءِ انهيءَ شهر جي چوڌاري گھيرو ڏيکار جنهن ۾ مورچا، مٽيءَ جا دِڪا، لشڪرگاهہ جا تنبو ۽ ڀتين ڀڃڻ واريون مشينون بيهار. 3 پوءِ تون لوهہ جو هڪڙو تئو کڻ. اهو تئو پنهنجي ۽ سر تي نقش ڪيل شهر جي وچ تي لوهہ جي ديوار طور کڙو ڪر. تون پنهنجيون نظرون شهر ڏانهن کُپائج، تہ جيئن شهر گھيري هيٺ محسوس ٿئي. بيشڪ تون ئي انهيءَ کي گھيرو ڪرڻ وارو ٿيندين. اهو سڀ ڪجھہ بني اسرائيل قوم لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو. 4-5 تنهن کان پوءِ تون پنهنجي کاٻي پاسي تي ليٽي پئج ۽ اتي ٽي سؤ نوي ڏينهن تائين بني اسرائيل جي گناهن جي سزا جي نشان طور پيو رهج. اهڙيءَ طرح تون بني اسرائيل قوم جا گناهہ ڄڻ تہ پاڻ تي کڻندين ۽ تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين. 6 جڏهن تون اهي ڏينهن پورا ڪرين، تڏهن وري پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽي پئج ۽ يهوداہ وارن جي گناهن جي سزا جي نشان طور چاليهن ڏينهن تائين اتي پيو رهج. تون سندن گناهن جي سزا لاءِ هر هڪ سال جي پٺيان هڪ هڪ ڏينهن ليٽيو رهندين. 7 انهيءَ دوران تون پنهنجيون اکيون يروشلم جي گھيري ڏانهن کُپائج ۽ شهر مٿان پنهنجي مڪ لوڏي انهيءَ جي خلاف مون خداوند جو پيغام ٻڌائج. 8 آءٌ تو کي ٻڌي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ تون پاسو ورائي نہ سگھين، جيستائين شهر جي گھيري جا مقرر ڏينهن پورا ٿي نہ وڃن.“ 9 خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”هاڻي تون پنهنجي لاءِ ڪجھہ ڪڻڪ، جَوَ، چونرا، مهريءَ جي دال، ٻاجھري ۽ چيڻو کڻ. روزانو انهن سڀني جي اٽي کي ٿانوَ ۾ ملائي پنهنجي لاءِ ماني پچائج. جيترا ڏينهن تون کاٻي پاسي تي ليٽيو رهندين، يعني ٽي سؤ نوي ڏينهن اها ئي پيو کائج. 10 تو کي هر روز رڳو اڍائي سؤ گرامن جي وزن جيتري هڪڙي ماني مقرر وقت تي کائڻ جي اجازت هوندي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ نہ کائيندين. 11 تو کي پاڻي مقرر وقت تي ماپي پيئڻو پوندو، يعني هر روز رڳو ٻہ گلاس، انهيءَ کان وڌيڪ نہ پيئندين. 12 تون ماڻهن جي سڪل ڪاڪوس جي باهہ ٻاري سڀني جي اڳيان انهيءَ تي پنهنجي کائڻ لاءِ ماني پچائيندين. 13 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي ناپاڪ ماني انهن قومن جي وچ ۾ کائيندا، جن وٽ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس.“ 14 تڏهن مون وراڻيو تہ ”نہ، اي خداوند خدا! مون ڪڏهن بہ پاڻ کي ناپاڪ ٿيڻ نہ ڏنو آهي. ننڍي هوندي کان وٺي هن وقت تائين مون ڪڏهن بہ ڪنهن مئل جانور جو گوشت نہ کاڌو آهي، پوءِ اهو پاڻيهي مئو هجي يا جانورن ان کي چيريو ڦاڙيو هجي. ڪوبہ پليت کاڌو مون هرگز نہ کاڌو آهي.“ 15 تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تو کي انساني گندگيءَ جي بدران ڳئونءَ جي ڇيڻن مان باهہ ٻاري انهيءَ تي پنهنجي ماني پچائڻ جي اجازت ٿو ڏيان.“ 16 خداوند مون کي انهيءَ مثال جي سمجھاڻي هيئن ڏني تہ ”اي آدمزاد! ڏس، آءٌ باقي بچيل يروشلم وارن کان فاقا ڪڍائيندس. هنن وٽ ايترو تہ ٿورو کاڌو ۽ ايترو تہ ٿورو پاڻي هوندو جو اهي حيران وَ پريشان ۽ نااميد ٿي ويندا. 17 انهيءَ لاءِ تہ اهي کاڌي پيتي جا محتاج بڻجي هڪٻئي ڏانهن حيراني ۽ پريشانيءَ سان ڏسن ۽ پنهنجن گناهن جي سزا ۾ آهستي آهستي ڳرندا سڙندا وڃن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society