حزقي ايل 39 - Muslim Sindhi Bibleياجوج جي شڪست 1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِاعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. 2 آءٌ تو کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻيندس. هائو، آءٌ تو کي اتر جي ڏورانهن علائقن کان گهليندو بني اسرائيل جي جابلو علائقن تي چاڙهي آڻيندس. 3 پر آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي کاٻي هٿ مان تيرڪمان ۽ ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي وجھندس. 4-5 تون پنهنجي سڄي لشڪر ۽ اتحادي قومن سميت بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ ماريو ويندين. اوهان جا لاش کلئي ميدان ۾ پيل هوندا جتي پکي ۽ جھنگلي جانور اوهان جو ماس کائي ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“ 6 خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بلڪ آءٌ ماجوج جي ملڪ تي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪناري وارن سلامتيءَ سان رهندڙ ماڻهن تي باهہ نازل ڪندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 7 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجي پاڪ نالي کي پڌرو ڪندس ۽ وري اڳتي پنهنجي پاڪ نالي جي بيادبي ٿيڻ نہ ڏيندس، تڏهن قومون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان. 8 بيشڪ اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، جن بابت مون خداوند خدا فرمايو آهي. 9 جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن بني اسرائيل جي شهرن جا رهاڪو ٻاهر نڪري پنهنجي مري ويل دشمنن جا هٿيار گڏ ڪندا. هو ايتريون تہ سپرون، ڍالون، تيرڪمان، تير، ڀالا ۽ نيزا گڏ ڪندا جو انهن کي ستن سالن تائين باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. 10 ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“ ياجوج جو دفن ٿيڻ 11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقيايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو. 12 بني اسرائيل قوم وارا ستن مهينن تائين انهن جي لاشن کي دفنائيندا رهندا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏين. 13 هائو، منهنجي فتح واري انهيءَ ڏينهن تي ملڪ جا سڀيئي ماڻهو انهن کي دفن ڪرڻ ۾ لڳي ويندا، جنهن ڪري اهي عزت وارا ليکيا ويندا. 14 انهن ستن مهينن جي پوري ٿيڻ تائين ماڻهن جو هڪڙو ٽولو چونڊي ڪڍيو ويندو، جيڪو پوري ملڪ ۾ دفن ٿيڻ کان رهجي ويل ڪاهہ ڪندڙن جي لاشن کي دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ کي بلڪل پاڪ ڪري ڇڏجي. 15 جڏهن اهي ملڪ مان لنگھندا، تڏهن منجھائن ڪنهن کي بہ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي هڏي ڏسڻ ۾ ايندي تہ هو ان جي ڀرسان هڪڙو نشان کڙو ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن قبرون کوٽي دفن ڪرڻ وارا اچن تہ هو انهيءَ کي اتي ياجوج جي لشڪر واري ماٿريءَ ۾ دفنائي ڇڏين. 16 انهيءَ ماٿريءَ جي ڀرسان واري شهر تي نالو ئي ’لشڪر‘ پئجي ويندو. تنهن کان پوءِ ملڪ وري پاڪ ٿي پوندو.“ 17 خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا. 18 اهي سپاهين جي لاشن کي کائيندا ۽ دنيا جي حڪمرانن جو رت پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني کي ڪُٺو ويندو جيڪي بسن علائقي جي ٿلهين متارين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر آهن. 19 جڏهن آءٌ انهن ماڻهن کي قربانيءَ طور ڪُهندس، تڏهن پکي ۽ جانور انهن جو پسنديدہ ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي سگھن ۽ سندن رت ايستائين پيا پيئندا جيستائين پي ڪري مست ٿين. 20 اهي منهنجي دسترخان تي گھوڙن، گھوڙي سوارن، بهادر سپاهين ۽ سڀني جنگي جوڌن جو ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي ڍءُ ڪن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“ بني اسرائيل جي بحالي 21 خداوند فرمايو تہ ”جڏهن آءٌ ياجوج جي لشڪر کي سزا ڏيندس، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي ڪيل فيصلي تي پنهنجي قدرت سان عمل ڪري ڏيکاريندس، تڏهن دنيا جي سڀني قومن آڏو منهنجي عظمت ظاهر ٿي پوندي. 22 انهيءَ کان پوءِ اڳتي لاءِ بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان. 23 پوءِ غير قومن وارا ڄاڻي وٺندا تہ ڇا جي ڪري مون بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ کين سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هئم، جن مان ڪن کي جنگ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ڪن کي جلاوطن ڪيو ويو هو. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو بني اسرائيل نافرمان ٿي بدڪاري ڪئي ۽ منهنجي خلاف گناهہ ڪيا هئا. 24 هائو، مون کين سندن بدڪارين ۽ پليت ڪمن جي ڪري جوڳي سزا ڏني ۽ کين ڇڏي ڏنم. 25 پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس. 26 تنهن کان پوءِ هو پنهنجي وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهندا ۽ کين ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندو. مگر ان وقت هو ڏاڍا شرمندا ٿيندا، جڏهن کين پنهنجا بڇڙائيءَ وارا ڪم ۽ منهنجي نالي جي بيادبي ياد ايندي. 27 جڏهن آءٌ بني اسرائيل کي غير قومن ۽ دشمن ملڪن مان موٽائي سندن وطن ۾ آڻيندس، تڏهن گھڻين ئي قومن آڏو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي. 28 پوءِ منهنجي قوم جا ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين غير قومن ۾ جلاوطن بڻائي موڪليو هو ۽ هاڻي وري کين پاڻ سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪيو اٿم ۽ ڪوبہ هڪڙو پوئتي نہ ڇڏيو اٿم. 29 آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society