حزقي ايل 35 - Muslim Sindhi Bibleادوم جي خلاف پيغام 1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! پنهنجو رخ ادوم جي جابلو ملڪ ڏانهن ڪر ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي خلاف اڳڪٿي ڪندي 3 مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ادوم ملڪ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ خداوند اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان جي ملڪ تي هٿ کڻندس، ۽ انهيءَ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس. 4 آءٌ اوهان جا شهر اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 5 اوهين بني اسرائيل سان شروع کان ئي دشمني رکندا پيا اچو. جڏهن اهي سندن مصيبت جي ڏينهن ۾ بدڪاريءَ سبب ٻين جي هٿان تباهہ وَ برباد پئي ٿيا ۽ منجھن قتلام ۽ خونريزي ڪئي ٿي ويئي، تڏهن اوهان ساڻن ڌوڪو ڪندي انهن جي ڪا مدد نہ ڪئي. 6 تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان جو اهو ڏوهہ قتلام ڪندڙن جي ڏوهہ ۾ ليکيو ويو آهي، سو اوهين بہ خون جا ئي سزاوار ٿيندا. هائو، خوني اوهان جي پٺيان پوندا جنهنڪري اوهان جو بہ خون وهايو ويندو. 7 بلڪ جيڪو بہ اوهان جي جابلو ملڪ مان گذرندو تنهن کي بہ آءٌ قتل ڪرائيندس. اهڙيءَ طرح ادوم سڃ ۽ ويران ٿي ويندو. 8 آءٌ اوهان جي جابلو علائقي کي قتل ٿي ويلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان جي ٽڪرين، ماٿرين ۽ سڀني نهرن ۾ تلوار سان ڪٺلن کي ڪيرائي وجھندس. 9 آءٌ اوهان جي ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جا شهر وري آباد نہ ٿيندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 10 اوهان چيو آهي تہ ”اسين يهوداہ ۽ اسرائيل وارن جي ٻنهي ملڪن تي قبضو ڪنداسين تہ جيئن اسين ئي انهن جا مالڪ ٿيون.“ توڙي جو اهي ملڪ مون خداوند جا ئي آهن. 11 تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ اوهان جي انهيءَ نفرت ۽ حسد مطابق اوهان سان پيش ايندس، جهڙيءَ طرح اوهان پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان پيش آيا آهيو. جڏهن آءٌ اوهان سان اهڙي ئي نموني پيش ايندس تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي اوهان کي سزا ٿو ڏيان. 12 پوءِ اوهين بہ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. بني اسرائيل جي ملڪ جي جابلو علائقن بابت اوهان جيڪا بڪواس ڪئي آهي تہ ”هاڻي اهو ملڪ اهڙيءَ حالت ۾ آهي جو اسين ان کي آسانيءَ سان ڳهي سگھون ٿا.“ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ٻڌو آهي. 13 اوهان پاڻ پنهنجي واتان پاڻ کي پڏايو آهي ۽ مون سان گستاخي ڪئي اٿوَ. هائو، اوهان منهنجي خلاف گھڻي ئي بڪواس ڪئي آهي، جيڪا سڄي مون ٻڌي آهي. 14 سو آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي برباديءَ تي سڄي دنيا خوشيون ملهايندي. 15 اوهان تہ بني اسرائيل جي ميراث واري ملڪ جي برباد ٿيڻ تي خوشيون ملهايون هيون. پر هاڻي اي ادوم وارؤ! انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کان بدلو وٺندس ۽ اوهان جي سعير جبلن بلڪ سڄي ادوم ملڪ کي بلڪل ئي ويران ڪري ڇڏيندس. تڏهن بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society