Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 33 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو پنهنجيءَ قوم سان واعدو ( 33‏:1‏–39‏:29 ) خدا جو حزقي‌ايل کي نگهبان مقرر ڪرڻ
( حزقي‌ايل 3‏:16‏-21 )

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ فرض ڪريو تہ آءٌ خداوند ڪنهن ملڪ تي سندن دشمن چاڙهي آڻيان، ۽ انهيءَ ملڪ وارا پاڻ منجھان ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن.

3 پوءِ اهو نگهبان جڏهن دشمنن کي ويجھو ايندي ڏسندو تڏهن ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نفيل وڄائيندو.

4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ نفيل جو آواز ٻڌي خبردار نہ ٿئي ۽ دشمن اچي کيس قتل ڪري ڇڏين تہ اهو پنهنجي قتل جو پاڻ ذميوار هوندو.

5 جيڪو نفيل جو آواز ٻڌي بہ هوشيار نہ ٿيو، تنهن جو خون سندس ئي سر تي هوندو. پر جيڪڏهن هو هوشيار ٿئي ها تہ پنهنجي جان بچائي وٺي ها.

6 پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.

7 هاڻي اي حزقي‌ايل! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.

8 جيڪڏهن آءٌ بدڪارن لاءِ چوان تہ اهي پنهنجي گناهن جي ڪري ضرور مرندا، تڏهن ضروري آهي تہ تون انهن کي خبردار ڪر تہ جيئن هو گناهن واري راهہ کان هٽي وڃن. پر جيڪڏهن تون انهن کي خبردار نہ ڪندين تہ پوءِ انهن جي موت جي ذميواري تنهنجي مٿان هوندي.

9 جيڪڏهن تو انهن بدڪار ماڻهن کي خبردار ڪيو، تہ جيئن اهي بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿين، پر اهي توبهہ‌تائب نہ ٿيا تہ اهي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ماريا ويندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.“


انفرادي ذميواري

10 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل قوم وارا شڪايت ٿا ڪن تہ ’اسان جي گناهن جي مليل سزا اسان جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان کي بچي وڃڻ جي ڪا اميد نہ رهي آهي.‘

11 سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟

12 اي حزقي‌ايل! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن سچار ڦري وڃي بدڪاريءَ وارو ڪم ڪن تہ سندن اڳئين سچائي کين سزا کان بچائي نہ سگھندي. وري بدڪار ماڻهو جڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيندو تہ سندس اڳي واري بدڪاري هن جي موت جو سبب نہ بڻبي. پر سچار ماڻهو جڏهن ڦري وڃي گناهہ ڪرڻ لڳندو تہ جيئرو نہ رهندو.

13 فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.

14 وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو.

15 مثال طور اهو بدڪار پاڻ وٽ گروي رکيل شيون موٽائي ڏئي ٿو ۽ چورايل مال مالڪن کي موٽائي ڏئي ٿو. هائو، جيڪڏهن بدڪار گناهہ جي ڪمن کان ڊڄي ڪري باز اچي ٿو ۽ منهنجي شريعت تي ٿو هلي تہ اهو مرندو نہ، بلڪ ضرور جيئرو رهندو.

16 جيڪي بہ گناهہ هن اڳ ۾ ڪيا هوندا، سي سڀ آءٌ کيس معاف ڪري ڇڏيندس ۽ کيس جيئرو رکندس، ڇاڪاڻ تہ هن حق ۽ سچ جو رستو اختيار ڪيو آهي.

17 اي حزقي‌ايل! انهيءَ جي باوجود تنهنجا ماڻهو چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ جڏهن تہ هو پاڻ صحيح رستي کان هٽي ويا آهن.

18 جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن پنهنجي گناهن جي ڪري هو ضرور مرندو.

19 جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪارين کي ڇڏي حق ۽ سچ جو رستو اختيار ڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي نيڪ ڪمن ڪري ضرور جيئرو رهندو.

20 انهيءَ جي باوجود بني اسرائيل چون ٿا تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ سو اي حزقي‌ايل! کين ٻڌائي ڇڏ تہ اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن موجب آءٌ کين اجر ڏيندس.“


يروشلم تي قبضي جي خبر

21 اسان جي جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ تي مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو يروشلم کان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي ٻڌايو تہ شهر تي بابل وارن جو قبضو ٿي ويو آهي.

22 انهيءَ ماڻهوءَ جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شام جي وقت مون تي خداوند جي قدرت وڏي زور سان نازل ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو، تڏهن آءٌ گونگو نہ رهيو هئس. هائو، خداوند مون کي ڳالهائڻ جي طاقت وري عطا ڪري ڇڏي هئي.


بني اسرائيل جي ملڪ ۾ باقي رهجي ويلن جا گناهہ

23 خداوند مون کي فرمايو تہ

24 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اسرائيل ملڪ جي ويران ٿيل شهرن ۾ رهڻ وارا ماڻهو چوندا ٿا وتن تہ ’ابراهيم رڳو هڪڙو شخص هو، جنهن کي خداوند هي سڄو ملڪ ميراث طور ڏيئي ڇڏيو هو، جڏهن تہ اسين هاڻي تمام گھڻا آهيون. سو اهو ملڪ اسان جو ئي آهي.‘

25 سو اي حزقي‌ايل! تون انهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اي باقي بچي ويل رهاڪؤ! اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ هي ملڪ اوهان جو آهي؟ جڏهن تہ اوهين اڃا تائين انهيءَ ملڪ ۾ رت سميت گوشت کائو ٿا، بتن جي پوڄا ٿا ڪريو ۽ خونريزي ڪندا ٿا رهو.

26 اوهين رڳو پنهنجي تلوار تي ڀروسو ڪندي ڪراهت جهڙا ڪم ٿا ڪريو ۽ زناڪاري ٿا ڪريو. پوءِ بہ اوهين ڪيئن دعويٰ ٿا ڪريو تہ اهو ملڪ اوهان جو آهي؟

27 آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين جيڪي ويران ٿيل شهرن ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي ٻهراڙين ۾ رهو ٿا تن کي آءٌ جھنگلي جانورن جي حوالي ڪندس تہ جيئن اهي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏين، جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ رهو ٿا، تن کي آءٌ موتمار بيماريءَ سان ماري ڇڏيندس.

28 آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو.

29 جڏهن آءٌ اوهان جي ڪيل سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


حزقي‌ايل نبيءَ جي پيغام جو نتيجو

30 خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! في‌الحال تہ تنهنجي قوم جا ماڻهو جڏهن شهر جي گھٽين ۾ يا پنهنجي گھرن جي دروازن وٽ گڏجن ٿا تہ تنهنجي باري ۾ ٿا ڳالهائين. اهي هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’هلو تہ حزقي‌ايل کان هلي پڇون تہ اڄ خداوند ڇا فرمايو آهي.‘

31 سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.

32 ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوت‌پرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن.

33 پر جڏهن سزا بابت تنهنجيون اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، هائو، اهي سڀيئي ضرور پوريون ٿينديون، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي موجود آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan