Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 31 - Muslim Sindhi Bible


(پنجين اڳڪٿي: مصر ديال جي وڻ مثل)

1 جلاوطنيءَ جي يارهين سال، ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس ماڻهن کي منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي مصر وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ زورآور آهيو! آءٌ اوهان کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟

3 ڏسو، اوهين لبناني ديال جي انهيءَ وڻ وانگر آهيو جنهن جون ٽاريون تمام سهڻيون هيون، جن جي ڪري اهو ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ هو. انهيءَ جو قد ايڏو تہ وڏو هو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان ٿي لڳي.

4 انهيءَ کي ايترو تہ جھجھو پاڻي ٿي مليو، جو اهو اونهي پاڙ هڻي وڏو ٿي ويو. جنهن جاءِ تي اهو لڳايو ويو هو، تنهن جي چوڌاري نهرون ٿي وهيون. ان جي ڀرسان جيڪي نهريون وهي رهيون هيون، تن ٻيلي جي ٻين وڻن کي بہ سيراب ٿي ڪيو.

5 جھجھي پاڻيءَ ملڻ ڪري اهو ديال جو وڻ ٻيلي جي سڀني وڻن کان قد ۾ وڌي ويو، ۽ ان جون ٽاريون ٿلهيون ۽ ڊگھيون ٿي ويون.

6 سڀني پکين انهيءَ جي ٽارين ۾ اچي پنهنجا آکيرا ٺاهيا، سڀني جھنگلي جانورن بہ ٽارين هيٺ اچي پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ سڀيئي قومون اچي ان مضبوط وڻ جي ڇانوَ ۾ رهڻ لڳيون.

7 اهڙيءَ طرح اهو وڻ پنهنجي بلنديءَ، ۽ ڊگھين ٽارين جي ڪري ڏاڍو سهڻو ٿي لڳو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جون پاڙون پاڻيءَ جي بلڪل ويجھو هيون.

8 مون خدا جي باغ وارا ديال جا وڻ بہ انهيءَ وڻ جهڙا نہ هئا. سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ بہ ان جي ٽارين کان ننڍا هئا. مطلب تہ منهنجي باغِ عدن جا وڻ بہ انهيءَ جهڙا خوبصورت نہ هئا.

9 مون ٽارين جي گھڻائيءَ جي وسيلي انهيءَ کي ايترو تہ سهڻو بڻايو هو، جو منهنجي باغِ عدن ۾ جيڪي بہ وڻ هئا، تن سڀني انهيءَ سان ريس ٿي ڪئي.

10 سو هاڻي آءٌ خداوند خدا اوهان کي انهيءَ وڻ جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. جيئن تہ اهو نهايت قداور ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي چوٽي وڃي آسمان تائين پهچائي ڇڏي اٿائين، تنهنڪري انهيءَ جي دل ۾ تڪبر اچي ويو آهي.

11 انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري آءٌ کيس ڪڍي ڇڏيندس ۽ ٻين قومن مان هڪڙي زورآور حاڪم جي حوالي ڪري ڇڏيندس. اهو ئي ساڻس مناسب هلت ڪندو.

12 انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِ‌زمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون.

13 پوءِ سڀيئي پکي انهيءَ ڪريل وڻ تي اچي ويهندا ۽ سڀيئي جھنگلي جانور انهيءَ جي ٽارين جي مٿان پيا گھمندا.

14 اهو سڀ ڪجھہ انهن ٻين قومن لاءِ اهڙي تاڪيد ٿيندو جيڪي جھجھي پاڻيءَ جي ڀرسان بيٺل وڻ مثل آهن تہ جيئن اهي مغرور ٿي پنهنجي چوٽي آسمان تائين بلند نہ ڪن. هائو، پاڻيءَ تي پرورش وٺندڙ ڪوبہ وڻ پنهنجي بلنديءَ تي وڏائي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي ضرور مرڻو آهي. سڀ بني آدم فاني آهن ۽ پاتال ۾ وڃي پوندا آهن. سو اهي بہ مري وڃي قبر ۾ پوندا.

15 جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.

16 جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.

17 جيڪي قومون انهيءَ وڻ جي پاڇي هيٺ رهنديون هيون، سي بہ ساڻس گڏ هيٺ پاتال ۾ اچي پونديون ۽ انهن سان گڏ رهنديون جيڪي تلوار سان ماريا ويا هئا.

18 سو اي مصر جا بادشاهہ! اهي سڀ ڳالهيون تو سان ۽ تنهنجي ماڻهن سان ٿينديون. تون ڪنهن وقت باغِ عدن جي سڀني وڻن کان وڌيڪ بلند ۽ مضبوط وڻ هئين، پر هاڻي تون عدن جي باغ وارن وڻن سان گڏ پاتال ۾ لاٿو ويندين. هائو، تون اڻ‌طهريلن ۽ تلوار سان ماريلن سان گڏ وڃي پوندين. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan