حزقي ايل 3 - Muslim Sindhi Bible1 تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي اڳيان رکيل ويڙهوٽو تون کائي ڇڏ، پوءِ وڃي بني اسرائيل جي ماڻهن سان ڳالهاءِ.“ 2 سو مون پنهنجو وات کوليو تہ هن اهو ويڙهوٽو منهنجي وات ۾ وڌو. 3 هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي. 4 پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون بني اسرائيل جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي چوان ٿو سي ئي وڃي انهن کي ٻڌاءِ. 5 آءٌ تو کي ڪنهن ڌاريءَ يا مشڪل ٻوليءَ واري قوم لاءِ ڪونہ ٿو مقرر ڪريان، بلڪ بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. 6 جيڪڏهن آءٌ تو کي انهن وڏين قومن ڏانهن موڪليان، جن جون ٻوليون ڌاريون ۽ مختلف آهن ۽ جيڪي تون سمجھي نہ ٿو سگھين، تڏهن بہ اهي تنهنجيون ڳالهيون ضرور ٻڌندا. 7 پر بني اسرائيل مان ڪوبہ تنهنجي ڪين ٻڌندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ ئي نہ ٿا گھرن. سڀيئي بني اسرائيل منهن جا پڪا ۽ ضدي آهن. 8 ڏس، هاڻي آءٌ تو کي اهڙو منهن جو پڪو ۽ ضدي ڪندس، جهڙا اهي آهن. 9 آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“ 10 خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي. 11 تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“ 12 پوءِ خدا جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن مون پنهنجي پٺيان هڪڙي وڏي گجگوڙ وارو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”مٿي آسمان ۾ خداوند جي جلال جي واکاڻ ڪريو.“ 13 انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ساهوارن جي پرن جي هڪٻئي سان لڳڻ جو ۽ ڦيٿن جو ايڏو تہ وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن زلزلي جو آواز هجي. 14 جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس. 15 تنهن کان پوءِ آءٌ ڪبار نهر جي ڀرسان تلابيت شهر ۾ رهندڙ جلاوطنن وٽ موٽي آيس. آءٌ ستن ڏينهن تائين اتي پنهنجي ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهين تي سڪتي ۾ ويٺو رهيس. حزقيايل جو نگهبان طور مقرر ٿيڻ ( حزقيايل 33:1-9 ) 16 ستن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ 17 ”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 18 جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس. 19 پر جيڪڏهن تو انهن بدڪارن کي خبردار ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ هو پنهنجي شرارت ۽ بڇڙائيءَ کان باز نہ آيا، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي. 20 وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس. 21 پر جيڪڏهن تو انهن سچار ماڻهن کي خبردار ڪيو ۽ انهن تنهنجي نصيحت تي عمل ڪندي گناهہ نہ ڪيا، تہ پوءِ هو ضرور جيئرا رهندا ۽ تنهنجي جان بہ بچي ويندي.“ حزقيايل جو گونگو ٿي پوڻ 22 پوءِ خداوند جو طاقتور هٿ مون پنهنجي مٿان محسوس ڪيو، جنهن مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، نڪري ماٿريءَ ڏانهن وڃ، تہ اتي آءٌ تو سان ڳالهائيندس.“ 23 تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس. 24 پر خدا جو روح مون ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي اٿاري پيرن ڀر بيهاريائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”موٽي پنهنجي گھر وڃ، ۽ اتي پنهنجو پاڻ کي نظربند ڪري ڇڏ. 25 بلڪ ڏس، اي آدمزاد! تو کي رسين سان ٻڌي بند ڪيو ويندو ۽ تون ٻاهر ماڻهن منجھہ وڃي نہ سگھندين. 26 آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهن ڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ هنن باغي ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جي لائق نہ رهندين. 27 پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society