Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 25 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جا قومن جي خلاف تباهيءَ جا پيغام ( 25‏:1‏–32‏:32 ) عمونين جي خلاف پيغام

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين ڏانهن ڌيان ڏي ۽ سندن خلاف اڳڪٿي ڪر.

3 کين مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي عمونيؤ! جنهن وقت مقدس هيڪل کي پليت ڪيو ويو، بني اسرائيل جي ملڪ کي ويران ڪيو ويو ۽ يهوداہ وارن کي جلاوطن ڪيو ويو، تنهن وقت اوهان ”واہ واہ“ چئي خوشيون ملهايون.

4 تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان جي ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ اهي اچي اوهان جي ملڪ تي قبضو ڪن ۽ اوهان جي ملڪ ۾ پنهنجا خيما کوڙي رهي پون. اهي اوهان جي ملڪ جا ميوا کائيندا ۽ کير پيئندا.

5 آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

6 اوهان بني اسرائيل سان ايتري تہ سخت نفرت ڏيکاري آهي جو انهن جي ملڪ جي برباديءَ تي تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان ٽپا ڏنا اٿوَ ۽ دل وَ جان سان جشن ملهايا اٿوَ.

7 تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“


موآبين جي خلاف پيغام

8 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! جيئن تہ موآب جي ماڻهن طعنا هڻي چيو آهي تہ ’واہ! يهوداہ وارا بہ تہ عام قومن وانگر ٿي ويا آهن!‘

9 تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب ملڪ جي اولهہ طرف واري سرحد دشمنن جي حملي لاءِ کولي ڇڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ سرحد جا شهر توڙي ملڪ جا ٻيا شاندار شهر بيت‌يسيموت، بعل‌معون ۽ قريتائم بہ ناس ٿي وڃن.

10 ٻئي پاسي آءٌ موآب ملڪ کي اوڀر جي بيابان وارن ساڳين قبيلن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيئن عمونين کي سندن حوالي ڪندس، جن جو نالو نشان ئي قومن ۾ نہ رهندو.

11 جڏهن آءٌ موآبين کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


ادومين جي خلاف پيغام

12 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! ادوم جي ماڻهن وڏي بڇڙائي ڪري يهوداہ وارن کان وير ورتو. هائو، انهن کانئن بدلو وٺي هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي.

13 تنهنڪري آءٌ خداوند خدا ادومين کي بہ سزا ڏيندس ۽ انهن جي ملڪ ۾ رهندڙ هر انسان توڙي حيوان کي ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ تيمان شهر کان وٺي ددان شهر تائين انهيءَ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس ۽ ماڻهن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.

14 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي هٿان ادومين کان پنهنجو بدلو وٺندس. اهي منهنجي قهر ۽ غضب موجب ادومين سان سلوڪ ڪندا. تڏهن ادوم وارن کي معلوم ٿي ويندو تہ منهنجو انتقام ڇا ٿيندو آهي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


فلستين جي خلاف پيغام

15 خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.

16 تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند خدا اعلان ٿو ڪريان تہ آءٌ انهن تي حملو ڪري اتان جي سڀني ماڻهن کي ماري ڇڏيندس. ڪريتي قبيلي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري وارن ماڻهن تائين، سڀيئي فلستي ناس ٿي ويندا.

17 آءٌ پنهنجي سخت قهر وچان کين سزا ڏيندس ۽ کانئن سخت انتقام وٺندس. هائو، آءٌ جڏهن پنهنجو غضب نازل ڪري کانئن بدلو وٺندس، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan