Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 23 - Muslim Sindhi Bible


سامريہ ۽ يروشلم شهر ٻن گنهگار ڀينرن جي مثل

1 خداوند مون کي فرمايو تہ

2 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هيءَ ڪهاڻي ٻڌ، ڪنهن زماني ۾ هڪڙيون ٻہ ڀينرون هيون.

3 اهي مصر ۾ رهنديون هيون ۽ جڏهن اهي نوجوان ٿيون تہ هنن زناڪاري ڪئي ۽ ڪسبياڻيون بڻيون. اتي هنن پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪيو ۽ سندن ڪنوارپڻو باقي نہ رهيو.

4 انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ننڍيءَ ڀيڻ جو نالو اهوليبہ هو. اهي ٻيئي مون سان پرڻيون ۽ منهنجا ٻار ڄڻيائون. انهن مان اهولہ جو مثال سامريہ سان ۽ اهوليبہ جو مثال يروشلم سان ٿو ڏجي.

5 اهولہ جيتوڻيڪ مون سان پرڻي، تڏهن بہ زناڪاري جاري رکندي آئي ۽ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي جنگي سپاهي هئا

6 جن جون ورديون آسماني رنگ جي عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون، ۽ ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.

7 هن اشور جي انهن سڀني چونڊ مردن سان زناڪاري ڪئي ۽ پنهنجي انهن سڀني محبوبن جي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪيائين.

8 ڪسبياڻيءَ وارا جيڪي ڪم هن مصر ۾ شروع ڪيا هئا، سي پوءِ بہ اڳتي هلي ڪندي رهي. نوجوانيءَ کان وٺي هن پاڻ سان زنا ڪرائي ۽ پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪندي رهي، جيڪي ساڻس خوب نفساني خواهشون پوريون ڪندا رهيا.

9 تنهنڪري مون هن کي سندس انهن اشوري يارن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کي هوءَ تمام گھڻو چاهيندي هئي.

10 پوءِ انهن کيس اگھاڙو ڪري ڪڍي ڇڏيو ۽ هن کان سندس پٽ ۽ ڌيئرون کسي تلوار سان قتل ڪري ڇڏيائونس. اهڙيءَ طرح هوءَ عورتن ۾ هڪڙو پهاڪو بڻجي ويئي ۽ اهي هر هنڌ کيس مليل سزا جو ذڪر ڪرڻ لڳيون.

11 جيتوڻيڪ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو پئي، تڏهن بہ هوءَ شهوت‌پرستيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻ کان بہ وڌيڪ خراب ٿي ويئي ۽ کانئس وڌيڪ زناڪاري ڪرايائين.

12 هوءَ پنهنجي اشوري يارن سان رنگ رليون ملهائڻ لاءِ آتي هئي. انهن ماڻهن مان ڪي نواب، حاڪم ۽ شهسوار هئا، ۽ ڪي جنگي سپاهي هئا جن جون ورديون عمدن ڪپڙن مان ٺهيل هيون. اهي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.

13 مون ڏٺو تہ اها پنهنجي ڀيڻ جي نقشِ‌قدم تي هلي بلڪل ئي پليت ٿي پئي.

14-15 هوءَ پنهنجي زناڪاريءَ ۾ وڌندي ويئي. هن بابل جي اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن جي انهن تصويرن ۾ ڪشش محسوس ڪئي، جيڪي ڳاڙهي رنگ سان ڀتين تي ڇاپيل هيون. انهن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا ۽ سندن جنگي ٽوپن مٿان پٽڪا ٻڌل هئا.

16 هوءَ انهن کي ڏسڻ سان مٿن موهت ٿي پيئي ۽ بابل ۾ هنن ڏانهن قاصد موڪليائين.

17 سو بابل جا رهاڪو وٽس آيا ۽ اچي سندس شهوتي بستري تي چڙهي ساڻس زنا ڪيائون. پر جڏهن هوءَ ساڻن زنا ڪرائي پليت ٿي ويئي، تڏهن هوءَ کانئن بيزار ٿي پيئي.

18 اهڙيءَ طرح هن جي زناڪاري ۽ اوگھڙ سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پيئي. تڏهن آءٌ کانئس بيزار ٿي ويس جيئن سندس ڀيڻ کان بيزار ٿي ويو هئس.

19 انهيءَ هوندي بہ هن مصر ملڪ ۾ جيڪي ڪڃريءَ وارا ڪسب ڪيا هئا تن جوانيءَ وارن ڏينهن کي ياد ڪندي پنهنجيون زناڪاريون وڌائيندي ويئي.

20 سو هوءَ پنهنجي انهن يارن تي مرڻ لڳي جيڪي گڏهن ۽ گھوڙن جيان مست زناڪار هئا.

21 بيشڪ، اي اهوليبہ! اهڙيءَ طرح تو پنهنجي شهوت‌پرستيءَ وارن ڏينهن کي وري وري دهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن تو پنهنجي بدن کي مصرين جي حوالي ڪيو هو ۽ تنهنجو ڪنوارپڻو باقي نہ رهيو هو.“


ننڍي ڀيڻ يعني يروشلم لاءِ سزا

22 خداوند خدا فرمايو تہ ”سو اي اهوليبہ! ياد رک، آءٌ تنهنجي انهن يارن کي تنهنجي خلاف اٿاري کڙو ڪندس، جن کان تون بيزار ٿي ويئي آهين. اهي اچي چئني طرفن کان تنهنجو گھيرو ڪندا.

23 هائو، آءٌ بابل وارن قبيلن فقود، شوع ۽ قوع سان گڏ سڀني بابلين کي ۽ سڀني اشورين کي تو مٿان چاڙهي آڻيندس. اهي سڀ جو سڀ دلپسند جوان مرد، نواب، حاڪم، اڳواڻ ۽ وڏي رتبي وارا شهسوار آهن.

24 اهي جنگي گھوڙي گاڏين ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏين سان هڪڙو وڏو لشڪر وٺي اتر کان تو تي حملو ڪرڻ ايندا. اهي ڍال ۽ سپر سوڌو جنگي ٽوپ پايو تنهنجو اچي گھيرو ڪندا. آءٌ تو کي هنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس جيڪي تو کي پنهنجي پنهنجي قانونن موجب سزا ڏيندا.

25 آءٌ پنهنجي غيرت سببان تنهنجو مخالف بڻجي ويندس. اهي تو سان ڏاڍي سختيءَ سان پيش ايندا. اهي تنهنجو نڪ ۽ ڪن وڍي ڇڏيندا ۽ تنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. هائو، اهي تنهنجا پٽ ۽ ڌيئر تو کان کسي کين جيئرو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

26 اهي تنهنجا ڪپڙا لاهي ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي تو کي اگھاڙو ڪري ڇڏيندا.

27 اهڙيءَ طرح آءٌ تنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاري جيڪا تون مصر ملڪ کان ڪندي آئي آهين، سا تو کان بلڪل ڇڏائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو تون وري انهن ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ ڏسندينءَ، نہ ئي وري مصر کي ياد ڪندينءَ.

28 ياد رک، آءٌ خداوند خدا تو کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جن کان تو کي نفرت آهي، بلڪ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون بيزار آهين.

29 هو بہ تو سان نفرت وارو سلوڪ ڪندا ۽ تنهنجو محنت سان ڪمايل سمورو ڦل تو کان کسي ويندا. هو تو کي صفا اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا، تڏهن تنهنجي سخت بدڪاري، شهوت‌پرستي ۽ تنهنجيون زناڪاريون سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پونديون.

30 اهي سڀ ڳالهيون تو سان ضرور ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ تون ڪسبياڻيءَ جيان پنهنجي يارن يعني غير قومن جي پٺيان لڳي آهين ۽ انهن جي بتن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿيئي.

31 تون پنهنجي ڀيڻ اهولہ يعني سامريہ جي نقشِ‌قدم تي هلندي رهي آهين، تنهنڪري آءٌ تو کي بہ تنهنجي ڀيڻ وارو سزا جو پيالو پيئاريندس.

32 هائو، مون خداوند خدا جو هي فرمان آهي تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي وڏي ۽ اونهي پيالي مان پيئندينءَ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي، ۽ انهيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھہ سمايل آهي. تڏهن تو تي کل ٺٺولي ڪندي تنهنجي بي‌عزتي ڪئي ويندي،

33 تون نشي ۽ ڏک سان ڀرجي ويندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڀيڻ وارو اهو پيالو خوفناڪ برباديءَ سان ڀريل آهي.

34 تون اهو سڄو پي ويندينءَ ۽ ذرو بہ نہ بچائيندينءَ. بلڪ انهيءَ پيالي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندينءَ، ۽ افسوس وچان انهيءَ جي ٽڪرن سان تون پنهنجيون ڇاتيون وڍيندينءَ. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.

35 جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


ٻنهي ڀينرن يعني سامريہ ۽ يروشلم لاءِ سزا

36 خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڇا تون ٻنهي ڀينرن اهولہ ۽ اهوليبہ خلاف فيصلو ٻڌائيندين؟ تہ پوءِ انهن کي اهي ڪراهت جهڙا ڪم ياد ڏيار، جيڪي هنن ڪيا آهن.

37 هنن زناڪاري ۽ خونريزي ڪئي آهي. زناڪاري اها جو هنن پنهنجي بتن جي پوڄا ڪئي آهي ۽ خونريزي اها تہ هنن مون مان ڄڻيل ٻارن کي پنهنجي بتن آڏو قربان ڪيو، تہ جيئن نذراني طور کاڌا وڃن.

38-39 هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بي‌حرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟

40 تنهن کان سواءِ هنن قاصد موڪلي پري کان ماڻهن کي سڏايو تان‌تہ هو اچي ساڻن زناڪاري ڪن. هائو ڏس، اهي اچي پهتا. تڏهن انهن ٻنهي ڀينرن غسل ڪيو، اکين ۾ ڪجل وڌو ۽ پاڻ کي زيورن سان سينگاريائون.

41 پوءِ اهي هڪڙي عمدي پلنگ تي چڙهي ويٺيون. سندن اڳيان عمدين شين سان سجايل هڪڙي ميز رکيل هئي. هنن انهيءَ تي منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل لوبان ۽ زيتون جو تيل آڻي رکيو.

42 انهن وٽ هميشہ عام عياش ماڻهن جو ميڙ ۽ گوڙ شور هوندو هو جيڪي بيابان کان گھرايل شرابي هئا. انهن ماڻهن ٻنهي ڀينرن کي هٿن ۾ ڪنگڻ پارايا ۽ سندن مٿي تي سهڻا تاج رکيائون.

43 تڏهن مون سوچيو تہ ڇا اهي عياش ماڻهو بہ هنن سان زناڪاري ڪرڻ لاءِ ساڻن سمهندا، جڏهن تہ اهي عورتون زناڪاري ڪندي ڪندي اچي پوڙهيون ٿيون آهن؟

44 تنهن هوندي بہ انهن ماڻهن ٻنهي فاحشہ ڀينرن اهولہ ۽ اهوليبہ سان زناڪاري ڪئي، جيئن ماڻهو ڪنهن ڪڃريءَ سان ڪندا آهن.

45 پر سچار ماڻهو انهن تي اها ئي فتويٰ جاري ڪندا، جيڪا زناڪار ۽ خوني عورتن تي جاري ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ تہ بيشڪ اهي ٻيئي زناڪار آهن ۽ سندن هٿ خون ۾ رنڱيل آهن.

46 تنهنڪري هنن بابت مون خداوند خدا جو اهو ئي فرمان آهي تہ آءٌ هنن تي هڪڙو اهڙو لشڪر چاڙهي آڻيندس، جيڪو انهن ٻنهي کي ڏهڪائي ڇڏيندو ۽ کين لٽيندو ڦريندو.

47 اهو لشڪر انهن کي سنگسار ڪندو ۽ پنهنجي تلوارن سان کين قتل ڪري ڇڏيندو. هو سندن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ڪهي ڇڏيندا ۽ سندن گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.

48 اهڙيءَ طرح آءٌ ملڪ مان شهوت‌پرستي جي پاڙ پٽي ڇڏيندس. انهن ٻنهي ڀينرن اهولہ ۽ اهوليبہ کي ڏسندي ٻيون بہ سڀيئي عورتون عبرت حاصل ڪنديون ۽ هنن وانگر بدڪاري نہ ڪنديون.

49 انهن ٻنهي ڀينرن کي شهوت‌پرستيءَ ۽ بتن جي پوڄا وارن گناهن جي سزا ضرور ملندي. تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند خدا آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan