Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 20 - Muslim Sindhi Bible


بني اسرائيل جو بغاوت جاري رکڻ

1 اسان جي جلاوطنيءَ جي ستين سال پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بني اسرائيل جا ڪي جلاوطن اڳواڻ خداوند جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.

2 تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ

3 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي اڳواڻن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ ’اوهين جيڪي منهنجي مرضي معلوم ڪرڻ آيا آهيو، سي ياد رکو تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘

4 اي آدم جو اولاد! تون هنن کي سندن سزا جو سبب ٻڌائي ڇڏ ۽ سندن ابن ڏاڏن جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم کين ياد ڏيار.

5 انهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ گھڻو اڳي مون بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو هو. مون مصر ملڪ ۾ انهن تي پاڻ کي ظاهر ڪيو هو ۽ قسم کڻي ساڻن واعدو ڪيو هئم تہ آءٌ خداوند هنن جو ۽ سندن اولاد جو خدا هوندس.

6 مون اهو بہ قسم کنيو هو تہ آءٌ کين مصر ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو مون اڳ ۾ ئي هنن لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، جتي آسودگي ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.

7 مون کين چيو هو تہ ’اوهان مان هر ڪو انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي اڇلائي ڇڏي جن کي اوهين چاهيو ٿا. اوهين مصر جي بتن جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ کي پليت نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘

8 پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.

9 پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي وچ ۾ هو رهيا ٿي. انهن قومن جي آڏو مون پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي بني اسرائيل سان واعدو ڪيو هو تہ آءٌ کين مصر مان ڪڍي ايندس.

10 سو مون انهن کي مصر ملڪ مان ڪڍي بيابان ۾ آندو.

11 مون انهن کي پنهنجا قاعدا قانون ٻڌايا ۽ پنهنجي حڪمن کان آگاهہ ڪيم. جيڪڏهن ڪو انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ئي جيئرو رهي سگھي ٿو.

12 انهيءَ کان علاوہ مون هنن لاءِ پنهنجي سبت جا ڏينهن بہ مقرر ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ اهي منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهن، تان‌تہ هو ڄاڻي وٺن تہ اهو آءٌ ئي خداوند آهيان جنهن کين پاڻ لاءِ مخصوص ڪيو آهي.

13 پر بني اسرائيل قوم بيابان ۾ ئي منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي حڪمن کي ڇڏي ڏنائون، جن تي عمل ڪرڻ سان انسان جيئرو رهي ٿي سگھيو. هنن منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بہ تمام گھڻي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ بيابان ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان، تان‌تہ اهي چٽ ٿي وڃن.

14 پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.

15 انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ پڪو پَهُہ ڪري ڇڏيو تہ آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ نہ وٺي ويندس، جيڪو مون انهن کي عطا ڪيو هو، جنهن ۾ آسودگيءَ ۽ خوشحالي آهي ۽ جيڪو سڀني کان شاندار ملڪ آهي.

16 مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي بتن جي پوڄا کي وڌيڪ پسند ڪيو.

17 انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجيءَ دل ۾ هنن لاءِ شفقت رکي. سو مون اهو فيصلو ڪيو تہ آءٌ کين بيابان ۾ نہ ماريان.

18 انهيءَ جي بدران مون بيابان ۾ سندن نوجوان نسل کي خبردار ڪري چيو تہ ’اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قاعدن قانونن تي نہ هلو، نڪي سندن ريتن رسمن تي عمل ڪريو ۽ نہ وري انهن جي بتن جي پوڄا ڪري پاڻ کي پليت ڪريو.

19 ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. سو اوهين منهنجي ئي قاعدن قانونن تي هلو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪريو.

20 اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘

21 پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.

22 انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجو هٿ روڪيو ۽ پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيم، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.

23 تڏهن مون بيابان ۾ قسم کڻي انهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.‘

24 مون اهو قسم انهيءَ ڪري کنيو جو هنن منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، بلڪ منهنجي قاعدن قانونن کي رد ڪري ڇڏيائون. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪندا رهيا.

25 سو مون انهن کي ڇڏي ڏنو تہ ڀلي اهڙن قاعدن قانونن ۽ ريتن رسمن تي عمل ڪن جيڪي چڱيون نہ هيون ۽ جيڪي کين موت جي منهن ۾ وٺي ٿي ويون.

26 مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي فضول قربانيون ڪندا رهن، جن ۾ سندن پهريتن پٽن کي باهہ ۾ قربان ڪرڻ بہ شامل هو، تان‌تہ آءٌ هنن کي برباد ڪري ڇڏيان، پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

27 تنهنڪري اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي بني اسرائيل وارن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ انهن جي ابن ڏاڏن مون سان وري ٻيهر بہ بي‌وفائي ڪري منهنجي بي‌ادبي ڪئي.

28 جڏهن مون هنن کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي ڏيڻ جو مون ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن هنن هر ٽڪر تي ۽ هر گھاٽي اوچي وڻ هيٺ غير معبودن جي پوڄا ڪئي. اتي هنن لوبان ساڙيو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پڻ پيش ڪيون. هائو، هنن پنهنجيون قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪري مون کي غضب ڏياريو.

29 تڏهن مون هنن کي چيو تہ ’اوهان جون اهي ٽڪر تي ٺهيل جايون ڇا لاءِ آهن، جيڏانهن اوهين وڃو ٿا؟‘ هنن انهن جاين کي ’باماہ‘ سڏيو ۽ اڄ تائين انهن کي ائين سڏيو ويندو آهي.

30 تنهنڪري هاڻي تون بني اسرائيل کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڇو اوهين بہ پنهنجي ابن ڏاڏن واري راهہ تي هلندي پاڻ کي گنهگار ڪيو آهي؟ ڇو هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن پٺيان لڳي اوهين بہ بدڪار بڻجي ويا آهيو؟

31 بلڪ اڄ ڏينهن تائين اوهين بتن تي پنهنجا نذرانا پيش ڪندي ۽ پنهنجي ٻارن کي باهہ ۾ قربان ڪندي انهن ئي بتن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪندا رهيا آهيو. تڏهن بہ اي بني اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين وري بہ مون کان پڇڻ لاءِ ڇو هلي آيا آهيو؟ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اوهين منهنجي اڳيان ڪڇي نہ سگھندا.‘“


بني اسرائيل خدا جي ضابطي هيٺ

32 خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪو خيال اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو. اوهين سوچو ٿا تہ ’اسين بہ غير قومن ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ قبيلن جي ريتن رسمن تي هلي ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.‘ پر ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.

33 آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان پنهنجو قهر نازل ڪندي آءٌ اوهان تي حڪمراني ڪندس.

34 منهنجو قهر تڏهن نازل ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي قومن منجھان ڪڍي ايندس. هائو، جن ملڪن ۾ اوهين ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا، اتان آڻي اوهان کي گڏ ڪندس.

35 آءٌ اوهان کي هڪڙي بيابان ۾ آڻيندس، جنهن جي چوڌاري قومن جو گھيرو هوندو. اتي آءٌ اوهان جي روبرو اوهان جي سزا ٻڌائيندس.

36 جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ جي بيابان ۾ سزا ٻڌائي هئي، تيئن آءٌ خداوند خدا اوهان کي بہ ٻڌائيندس.

37 آءٌ اوهان کي سختيءَ سان پنهنجي ضابطي هيٺ رکندس ۽ پنهنجي عهد تي اوهان کان عمل ڪرائيندس. آءٌ نيڪن کي بدڪارن مان ائين چونڊي ڪڍندس، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ مان چونڊ ڪندو آهي.

38 هائو، آءٌ اوهان منجھان باغين ۽ گنهگارن کي ڪڍي ڌار ڪندس. جنهن ملڪ ۾ اهي هاڻي رهن ٿا اتان کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس، پر انهن کي آءٌ سندن وطن بني اسرائيل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

39 سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.

40 جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن هر ڪو بني اسرائيل سندس ملڪ ۾ يروشلم شهر جي مٿاهين جاءِ يعني منهنجي پاڪ جبل تي مون خداوند خدا جي بندگي ڪندو. اتي آءٌ اوهان سان راضي هوندس ۽ اوهان منهنجي قائدن قانونن موجب مون لاءِ مخصوص قربانيون ۽ بهترين نذرانا پيش ڪندا جيڪي آءٌ قبول ڪندس.

41 جڏهن آءٌ اوهان کي غير قومن مان ڪڍي وطن آڻيندس ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ خوشبوءِ واريون قربانيون قبول ڪندس ۽ اوهان سان راضي ٿيندس. پوءِ ڌرتيءَ جي هر قوم ڏسندي تہ آءٌ ڪيڏو نہ پاڪ ۽ عظيم آهيان.

42 جڏهن آءٌ اوهان کي بني اسرائيل جي سرزمين ۾ يعني انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.

43 پوءِ اتي اوهين پنهنجي بڇڙائيءَ واري چال چلت ۽ پنهنجا ڪيل ڪراهت وارا ڪم ياد ڪري پنهنجو پاڻ کان نفرت ڪندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني بدڪارين جي ڪري اوهين پليت ٿيا هئا.

44 اي بني اسرائيل! آءٌ اوهان جي بڇڙي چال چلت ۽ اوهان جي بدڪارين مطابق اوهان سان سلوڪ نہ ڪندس، بلڪ پنهنجي نالي جي خاطر اوهان کي سڌاريندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


ڏکڻ ۾ باهہ

45 خداوند مون کي فرمايو تہ

46 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪري انهيءَ سان مخاطب ٿيءُ ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي خلاف اڳڪٿي ڪر.

47 ڏکڻ واري ٻيلي کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ياد رک، آءٌ تو منجھہ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس جيڪا تنهنجي سڪن توڙي ساون وڻن کي بہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. ڪوبہ انهيءَ کي وسائي ڪونہ سگھندو ۽ ڏکڻ کان اتر تائين هر انسان جو منهن انهيءَ باهہ سان لهسجي ويندو.

48 هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ اها باهہ مون خداوند ڀڙڪائي آهي، جيڪا وسامي نہ ٿي سگھي.‘“

49 تڏهن مون عرض ڪندي چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! مون کان اهو ڪم نہ ڪراءِ، ڇاڪاڻ تہ اڳي ئي هر ڪو شڪايت پيو ڪري تہ مون اهڙن مثالن سان کين منجھائي ڇڏيو آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan