حزقي ايل 19 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ ملڪ جي بادشاهن بابت مرثيو 1 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقيايل! تون بني اسرائيل جي ٻن بادشاهن تي هي مرثيو ڳائيندي چئُہ تہ 2 ’اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ ڪيڏي نہ دلير شينهڻ هئي! جنهن جوان شينهنِ جي وچ ۾ رهي پنهنجي ٻچن کي پاليو. 3 انهيءَ پنهنجي ٻچن مان هڪڙي کي پالي وڏو ڪيو، ۽ شڪار ڪرڻ سيکاريائينس. اهو جوان ٿي ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو. 4 جڏهن قومن انهيءَ بابت ٻڌو، تہ هنن هڪ کڏ کوٽي انهيءَ ۾ آڻي کيس ڦاسايو. پوءِ هو کيس لوهي ڪنڍا وجھي گهلي مصر ملڪ ۾ وٺي ويا. 5 انهيءَ ٻچي جي ماءُ ان جي موٽڻ جو انتظار ڪندي رهي، پر جڏهن ان جي موٽڻ جي ڪا اميد نہ رهيس، تڏهن هن پنهنجي ٻچن مان هڪڙي ٻئي کي پالي وڏو ڪيو، جيڪو وڏو ٿي هڪ طاقتور شينهن بڻيو. 6 اهو ٻين شينهن سان گڏ شڪار ڪرڻ لڳو، ۽ اهڙو طاقتور ٿي پيو جو ماڻهن کي ڳڙڪائڻ لڳو. 7 هن ڪيئي قلعا تباهہ ڪيا ۽ شهرن کي برباد ڪري ڇڏيو، هن جي گجگوڙ وارو آواز ٻڌي، ملڪ جو هر ڪو رهاڪو ڏڪي ويندو هو. 8 تڏهن قومون انهيءَ کي مارڻ لاءِ گڏ ٿيڻ لڳيون. هائو، هر طرف کان ماڻهو اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا شڪاري ڄار مٿس اڇلايا، ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌائون. 9 پوءِ هنن انهيءَ کي لوهي ڪنڍا وجھي جڪڙي بند ڪيو، ۽ بابل جي بادشاهہ وٽ کڻي ويس. هنن اتي ان کي هڪڙي قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي گجگوڙ جو آواز بني اسرائيل جي جبلن تي وري ٻڌڻ ۾ نہ اچي. 10 اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي، جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي. جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي، ۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين. 11 ان جون شاخون ايتريون تہ مضبوط ٿيون جو انهن مان بادشاهن جي حڪمرانيءَ واريون شاهي لٺيون بڻيون. گھاٽين شاخن جي وچ ۾ انهيءَ ول جو ٿُڙ بلند ٿيو، ايتري قدر جو اها ول بلنديءَ ۽ ٽارين جي گھڻائيءَ سان نهايت اوچي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. 12 پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. 13 پوءِ هاڻي انهيءَ ول کي بيابان ۾، هڪڙي خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ پوکيو ويو آهي. 14 ان جي هڪڙي شاخ کي باهہ لڳي، جنهن انهيءَ ول جو ميوو ۽ سڀ شاخون ساڙي ڇڏيون. جنهنڪري هاڻي انهيءَ ۾ ڪابہ مضبوط شاخ نہ رهي آهي، جيڪا حڪمرانيءَ واري شاهي لٺ بڻجي سگھي.‘“ هي اهو مرثيو آهي، جيڪو وري وري ڳايو ٿو وڃي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society