حزقي ايل 15 - Muslim Sindhi Bibleبيڦل انگورن جي ول جو مثال 1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2 ”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! انگورن جي ول ڪهڙي ڪم جي آهي؟ اها ٻيلي جي وڻن جي برابر تہ نہ آهي، نڪي ان جون ڏانڊيون ڪنهن وڻ جي ڪاٺ جهڙيون آهن. 3 انهيءَ ۾ ڪا اهڙي ڪاٺي ئي ڪانهي، جنهن مان ڪا ڪم جهڙي شيءِ جوڙي سگھجي. انهيءَ مان ڪا ڪلي بہ نہ ٿي ٺاهي سگھجي، جنهن تي ڪو ٿانءُ ئي ٽنگي سگھجي. 4 ڏس، جيڪڏهن انهيءَ کي ٻرڻ لاءِ باهہ ۾ اڇلايو وڃي، ۽ پوءِ جڏهن باهہ انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي ساڙي ڇڏي ۽ انهيءَ جو وچون حصو ڪجھہ بچي وڃي، تڏهن اها ڪنهن ڪم جي لائق رهي ٿي ڇا؟ 5 ياد رک، جڏهن اها سڄي ساري هئي، تڏهن بہ ڪنهن ڪم جي لائق نہ هئي. هاڻي جڏهن باهہ انهيءَ جي گھڻي حصي کي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ ڪجھہ بچي ويئي آهي، تڏهن ويتر اها وڌيڪ بيڪار ٿي ويئي آهي. 6 انهيءَ مثال جو مقصد آءٌ خداوند خدا سمجھايان ٿو تہ جهڙيءَ طرح انگورن جي ول ٻيلي جي ٻين وڻن جي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ بيڪار آهي، ۽ رڳو باهہ ۾ ساڙي وڃي ٿي، تهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ باهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس. 7 هائو، آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. انهن مان ڪي باهہ مان نڪري ڀڄي ويا پر هاڻي باهہ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. جڏهن آءٌ انهن کي سزا ڏيندس تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 8 جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري آءٌ سندن ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society