Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 7 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تو کي معلوم هئڻ گھرجي تہ مون تو کي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو پيغمبر ٿيندو.

2 جيڪو بہ حڪم آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون هارون کي ٻڌائج. تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوي تہ هو بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي.

3 آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس. جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجا معجزا ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس،

4 پر فرعون توهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو. تڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگھيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.

5 جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصرين جي خلاف ڊگھيريندس ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“

6 پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.

7 سو جنهن وقت هنن فرعون وٽ وڃي ساڻس ڳالهايو، تنهن وقت موسيٰ جي عمر اسي سال ۽ هارون جي ٽياسي سال هئي.

8 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

9 ”جيڪڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ ’اوهين پنهنجي ثابتيءَ لاءِ ڪو معجزو ڏيکاريو،‘ تڏهن تون هارون کي چئج تہ هو پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اڇلائي، جيڪا نانگ ٿي پوندي.“

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون جڏهن پنهنجي لٺ فرعون ۽ سندس درٻارين جي اڳيان اڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.

11 تڏهن فرعون بہ ڏاهن ۽ جادوگرن کي گھرايو. انهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو.

12 انهن مان هر هڪ پنهنجي لٺ هيٺ اڇلائي تہ اهي نانگ ٿي پيون. پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي.

13 پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي. سو جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.


پهرين آفت، پاڻيءَ جو رت بڻجڻ

14 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون جي دل سخت ٿي چڪي آهي سو هو منهنجي قوم کي وڃڻ نہ ٿو ڏئي.

15 هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃجانءِ. هو انهيءَ مهل درياءَ تي ويندو. سو تون ساڻس ملڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري تي وڃي بيهجانءِ ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پيئي هئي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃجانءِ.

16 پوءِ فرعون کي چئجانءِ تہ ’خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين تہ ”منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن. پر ڏس، تو اڃا تائين منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.

17 هاڻي آءٌ خداوند چوان ٿو تہ هينئر تو کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو ڏس، هيءَ لٺ جيڪا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.

18 درياءَ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن سي سڀ مري وينديون ۽ درياءَ ۾ اهڙي تہ بدبوءِ ٿي پوندي جو مصرين کي درياءَ جو پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.‘“

19 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون کي چئُہ تہ هو پنهنجي لٺ کڻي مصر جي سڀني ندين، نهرن، تلائن ۽ حوضن تي پنهنجو هٿ ڊگھيري تہ جيئن اهي رت ٿي پون. پوءِ مصر جي سڄي ملڪ ۾، ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ بہ رت ئي رت هوندو.“

20 تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو. هارون لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياءَ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياءَ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.

21 درياءَ ۾ جيڪي مڇيون هيون سي سڀ مري ويون ۽ درياءَ بدبودار ٿي پيو. مصر جا ماڻهو درياءَ جو پاڻي پي نہ سگھيا ۽ مصر جي سڄي ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.

22 تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو. سو فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند اڳ ئي فرمايو هو تيئن هن موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃي.

23 پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گھر هليو ويو ۽ انهيءَ ڳالهہ جو بہ سندس دل تي ڪو اثر نہ ٿيو.

24 سڀني مصرين درياءَ جي آس‌پاس پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون، ڇاڪاڻ تہ هو درياءَ جو پاڻي پي نہ ٿي سگھيا.

25 درياءَ تي خداوند جي آفت آڻڻ کي ست ڏينهن گذري ويا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan