Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 40 - Muslim Sindhi Bible


مقدس خيمي جو قيام

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو يعني مون سان ملاقات وارو خيمو کڙو ڪرائج.

3 انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.

4 تون ميز مقدس جاءِ ۾ آڻائي، انهيءَ جون سموريون شيون مٿس ٺاهي جوڙي رکائج. شمعدان بہ اندر آڻائي رکج ۽ انهيءَ جا ڏيئا ٻارائي ڇڏج.

5 عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.

6 مقدس خيمي جي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ رکائج.

7 تون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ حوض رکائج ۽ انهيءَ ۾ پاڻي وجھائي ڇڏج.

8 مقدس خيمي جي چوڌاري اڱڻ کي قنات لڳائي اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.

9 پوءِ تون مسح ڪرڻ وارو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ ۾ اندر موجود سڀني شين کي مسح ڪري مخصوص ڪج. اهڙيءَ طرح انهيءَ کي ۽ انهيءَ جي سموري سامان کي پاڪ ڪج، تڏهن اهو مخصوص ٿي ويندو.

10 ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪج. پوءِ اها قربان‌گاهہ خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيندي.

11 تون حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪج، تہ جيئن اهو مخصوص ٿئي.

12 پوءِ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ آڻي، کين غسل ڪرائج.

13 تون هارون کي خاص پوشاڪ ڍڪائج. کيس مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪري.

14 تون هارون جي پٽن کي آڻي کين پهراڻ ڍڪائج.

15 تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪري مخصوص ڪج، تہ جيئن هو ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن. سندن اهو مسح ٿيڻ هنن جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ ڪاهنيءَ جي نشاني ٿيندي.“

16 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو.

17 سو مصر مان نڪري اچڻ جي ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرئين تاريخ تي مقدس خيمو کڙو ڪيو ويو.

18 موسيٰ خيمي کي کڙو ڪرڻ لاءِ پاوا هنيا، جن تي انهيءَ جا فريم رکيائين، انهن کي گز هنيائين ۽ انهيءَ جا ٿنڀا کڙا ڪيائين.

19 پوءِ انهيءَ کي قنات ۽ پال لڳايائين ۽ انهيءَ جي مٿان وري ڍڪ ۽ ٻہ غلاف چاڙهيائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.

20 پوءِ موسيٰ خداوند جي حڪم مطابق عهد واريون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون. هن ٻانهيون صندوق جي ڪڙن ۾ وڌيون ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين.

21 پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين.

22 هن اتي مقدس جاءِ ۾ اتر واري پاسي کان پردي جي ٻاهران خداوند جي حڪم مطابق ميز رکائي.

23 انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين.

24 پوءِ هن خدا سان ملاقات واري انهيءَ خيمي ۾ مقدس جاءِ اندر ڏکڻ واري پاسي، خداوند جي حڪم مطابق ميز جي سامهون شمعدان رکايو.

25 هن اتي خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻارايا.

26 هن سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ مقدس جاءِ ۾ پردي جي سامهون رکائي

27 ۽ خداوند جي حڪم مطابق انهيءَ تي خوشبودار مصالحن وارو لوبان ساڙيائين.

28 پوءِ هن خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي تي پردو ٽنگايو.

29 هن خداوند جي حڪم جي پوئواري ڪندي انهيءَ دروازي جي سامهون اڱڻ ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربان‌گاهہ رکائي. هن انهيءَ تي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ اناج جي قرباني ڏنائين.

30 هن قربان‌گاهہ ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي جي وچ ۾ حوض رکايو ۽ انهيءَ ۾ ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڀرائي ڇڏيائين،

31 تان‌تہ انهيءَ حوض مان موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن.

32 جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربان‌گاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا.

33 پوءِ موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري اڱڻ جي قنات کڙي ڪرائي ۽ اڱڻ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح موسيٰ هي سمورو ڪم ائين ئي پورو ڪيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.


ڪڪر جو خيمي کي ڍڪڻ
( ڳاڻاٽو 9‏:15‏-23 )

34 تڏهن ڪڪر خدا سان ملاقات واري خيمي کي ڍڪي ڇڏيو ۽ اهو مقدس خيمو خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويو.

35 موسيٰ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي مٿان ڪڪر بيٺل هو ۽ اهو خداوند جي جلوي سان ڀريل هو.

36 سو جڏهن بہ ڪڪر خيمي تان مٿي کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجي سفر ۾ اڳتي وڌندا هئا.

37 پر جيستائين اهو ڪڪر مٿي کڄي نہ ويندو هو تيستائين اهي اڳتي سفر نہ ڪندا هئا.

38 جڏهن تہ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي ڏسندي سندن سڄي سفر دوران، ڏينهن جي وقت خداوند جو ڪڪر خيمي تي بيٺو رهندو هو ۽ رات جي وقت ڪڪر ۾ باهہ رهندي هئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan