خروج 38 - Muslim Sindhi Bibleساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ ( خروج 27:1-8 ) 1 بصلايل ساڙڻ وارين قربانين جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ مان هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر، ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ميٽر هئي. 2 هن انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ بڻايا. اهي سڱ ۽ قربانگاهہ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. هن انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيو. 3 هن قربانگاهہ جا سمورا ٿانوَ بہ ٺاهيا، يعني رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا. اهي سڀ ٿانوَ هن پتل مان ٺاهيا. 4 هن قربانگاهہ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺاهيو، جيڪو قربانگاهہ جي ڪنارن کان هيٺ اڌ تائين ٿي پهتو. 5 هن پتل جي آتشدان جي چئن ئي ڪنڊن تي ٻانهيون وجھڻ جي لاءِ چار ڪڙا پلٽي ٺاهيا. 6 ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيائين ۽ انهن تي پتل جو پٽ چاڙهيائين. 7 هن اهي ٻانهيون قربانگاهہ جي ٻنهي پاسن وارن انهن ڪڙن ۾ وڌيون، تہ جيئن قربانگاهہ کي کڻي سگھجي. هن اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺاهي. 8 جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو خدمت ڪنديون هيون، تن جي آئينن واري پتل مان هن پتل جو هڪڙو حوض ۽ انهيءَ جي لاءِ پتل جي گھوڙي ٺاهي. مقدس خيمي جو اڱڻ ( خروج 27:9-19 ) 9 پوءِ هن سنهي وٽيل سڻيءَ جي پردن سان اڱڻ جي قنات بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اتر توڙي ڏکڻ واري پاسي کان چوئيتاليهہ ميٽر هئي. 10-11 ٻنهي پاسن لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا ۽ ويهہ ويهہ ئي پتل جا پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 12 اولهہ واري پاسي لاءِ ٻاويهہ ميٽر ڊگھي قنات هئي، جنهن لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هئا. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. 13 اوڀر واري پاسي جي ڊيگھہ پڻ ٻاويهہ ميٽر هئي. 14-15 انهيءَ طرف دروازو هو، جنهن جي ٻنهي پاسن واري قنات جي پردن جي ڊيگھہ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر هئي. انهن جي لاءِ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ ٽي ٽي پاوا هئا. 16 اڱڻ جي چوڌاري سڀيئي پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جا هئا. 17 ٿنڀن جا پاوا پتل جا هئا ۽ ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هئا. ٿنڀن جي چوٽيءَ تي چانديءَ جو پٽ چاڙهيل هو. اڱڻ جي سڀني ٿنڀن کي چانديءَ جا بند پيل هئا. 18 اڱڻ جي دروازي وارو پردو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا ۽ اهو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. اهو نوَ ميٽر ڊگھو ۽ اڱڻ جي قنات وانگر ٻہ ميٽر اوچو هو. 19 انهيءَ جا چار ٿنڀا ۽ انهن لاءِ پتل جا چار پاوا هئا. انهن جا ڪنڍا، بند ۽ چوٽيءَ وارو ڍڪ سڀ چانديءَ جا هئا. 20 خيمي ۽ اڱڻ جي چوڌاري قناتن واريون سڀ ڪليون پتل جون هيون. خيمي ۾ استعمال ٿيل ڌاتو 21 مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو. 22 يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ يعني حور جي پوٽي بصلايل اهو سڀ ڪجھہ ٺاهيو جنهن بابت خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. 23 دان جي قبيلي مان احيسمڪ جو پٽ اهلياب بہ هن جو مددگار هو، جيڪو اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ ماهر نقاش هو. هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪندڙ هو. 24 تفصيل مطابق اهو سمورو سون جيڪو مقدس خيمي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خداوند کي نذر ڪيو ويو هو، سو عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ڪلوگرام هو. 25 قوم طرفان شمار ڪيل سموري چاندي، عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق ٽي هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام هئي. 26 ويهن سالن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد ڇهہ لک، ٽي هزار، پنج سؤ پنجاهہ هو. انهيءَ حساب سان عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هر هڪ ماڻهوءَ ڇهہ گرام چانديءَ جا ڏنا هئا. 27 انهيءَ ٽي هزار چار سؤ ڪلوگرام چانديءَ مان مقدس خيمي ۽ وچ واري پردي جي ٿنڀن جا پاوا پلٽي ٺاهيا ويا. انهيءَ مان ڪل هڪ سؤ پاوا يعني هر هڪ پائو چوٽيهن ڪلوگرامن مان ٺاهيو ويو. 28 باقي بچيل ويهہ ڪلوگرام چانديءَ مان ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند ٺاهيا ويا ۽ انهن جي چوٽين تي پٽ چاڙهيا ويا. 29 نذراني ۾ ڏنل سمورو پتل ٻہ هزار، چار سؤ ويهہ ڪلوگرام ٿيو. 30 انهيءَ مان خدا سان ملاقات واري خيمي جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، ساڙڻ وارين قربانين واري پتل جي قربانگاهہ، انهيءَ جي لاءِ پتل جو آتشدان ۽ قربانگاهہ جا سڀ ٿانوَ ٺاهيا ويا. 31 ان کان سواءِ انهيءَ مان اڱڻ جي چوڌاري ٿنڀن وارا پاوا، اڱڻ جي دروازي جي ٿنڀن جا پاوا، خيمي جون سڀ ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون ٺاهيون ويون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society