خروج 37 - Muslim Sindhi Bibleعهد واري صندوق ٺاهڻ ( خروج 25:10-22 ) 1 بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي صندوق ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هئي. 2 هن انهيءَ کي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ رکيائين. 3 سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهي انهيءَ جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين، ٻہ ڪڙا هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ڪڙا ٻئي پاسي. 4 هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيائين. 5 اهي ٻانهيون صندوق جي کڻڻ لاءِ انهيءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪڙن ۾ وڌائين. 6 هن صندوق کي ڍڪڻ لاءِ رحمت جو پوش نج سون جو ٺاهيو، جنهن جي ڊيگھہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 7 هن سون کي گھڙي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي پردار آسماني مخلوق جا ٻہ مجسما ٺاهيا. 8 هڪڙو مجسمو هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو مجسمو ٻئي ڇيڙي تي هو. هن اهي ٻئي مجسما رحمت جي پوش واري ساڳئي ٽڪري مان بڻايا. 9 انهن مجسمن جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هئا. سندن منهن هڪٻئي جي سامهون رحمت جي پوش ڏانهن هئا. نذراني وارن روٽن لاءِ ميز ( خروج 25:23-30 ) 10 پوءِ بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ جي ميز بہ ٺاهي، جنهن جي ڊيگھہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هئي. 11 هن انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو ۽ انهيءَ جي چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين. 12 ميز جي چوڌاري چار آڱر اُڀي ڪناري بہ بڻايائين. انهيءَ ڪناريءَ مٿان بہ چئني پاسن تي سون جو ڇٽ بڻايائين. 13 هن انهيءَ جي لاءِ سون جا چار پلٽيل ڪڙا ٺاهيا. اهي ڪڙا ميز جي چئن ئي پاون تي هڻي ڇڏيائين. 14 اهي ڪڙا ڪناريءَ جي ويجھو هئا، انهيءَ لاءِ تہ انهن ۾ ٻانهيون وجھي ميز کي کڻي سگھجي. 15 هن ميز جي کڻڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 16 هن ميز تي رکڻ لاءِ نج سون جا ٿانوَ ٺاهيا، يعني ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ. شمعدان ٺاهڻ ( خروج 25:31-40 ) 17 بصلايل نج سون کي گھڙي هڪڙو شمعدان بہ ٺاهيو، جيڪو تري، شاخن، ڏياٽين، بونبن ۽ گلن سميت نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان ٺاهيل هو. 18 شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هيون، ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان. 19 انهن ڇهن ئي شاخن مان هر هڪ ۾ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا ٽي ٽي گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا. 20 شمعدان جي وچين ڏانڊيءَ ۾ بہ باداميءَ جي گلن جي شڪل وارا چار گل پنهنجن بونبن ۽ پتين سميت هئا. 21 انهن چئن گلن مان هڪ پهرين ٻن شاخن جي هيٺان هو، ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪ گل هو. 22 اهڙيءَ طرح سڀني شاخن ۽ گلن سميت اهو پورو شمعدان نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيل هو. 23 هن انهيءَ جي مٿين گلن وارين ستن ڏياٽين لاءِ ست ڏيئا ٺاهيا. انهن ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ لاءِ چمٽا ۽ منگالا پڻ نج سون جا ٺاهيائين. 24 هن اهو شمعدان سموري سامان سميت چوٽيهہ ڪلوگرام نج سون مان ٺاهيو. لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ ( خروج 30:1-5 ) 25 بصلايل ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ بہ ٺاهي، اها چورس هئي ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هئي. انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي. انهيءَ جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا. 26 هن انهيءَ قربانگاهہ تي نج سون جو پٽ چاڙهيو، جيڪو انهيءَ جي مٿان، چئن ئي پاسن ۽ سڱن تي هو. انهيءَ قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ ٺاهيائين. 27 انهيءَ جي ڇٽ جي هيٺان ٻنهي پاسن تي هن سون جا ٻہ ڪڙا ٻانهين وجھڻ لاءِ ٺاهيا، انهيءَ لاءِ تہ قربانگاهہ کي کڻي سگھجي. 28 هن ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻانهيون ٺاهيون ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيائين. 29 هن مسح ڪرڻ وارو مخصوص تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان بہ ڪاريگر عطار جي هنر موجب ٺاهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society