خروج 36 - Muslim Sindhi Bible1 سو بصلايل، اهلياب ۽ ٻيا سڀيئي ڪاريگر ماڻهو، جن کي خداوند دانائي ۽ سمجھہ عطا ڪئي هئي، سي مقدس خيمي جي ڪم جي سموري ڪاريگريءَ کي سمجھي خداوند جي حڪم موجب ڪم ڪندا.“ 2 پوءِ موسيٰ بصلايل، اهلياب ۽ انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏيو جن کي خداوند دانائي عطا ڪئي هئي، يعني انهن سڀني کي جن جي دلين ۾ ڪم ڪرڻ جي ترغيب پيدا ٿي. 3 تڏهن هنن اهي سڀيئي نذراني واريون شيون، جيڪي بني اسرائيل مقدس خيمي جي بڻائڻ لاءِ آنديون هيون سي موسيٰ کان ورتيون. ماڻهو انهيءَ کان پوءِ بہ هر روز صبح جو پنهنجي مرضيءَ سان نذرانا آڻيندا رهيا. 4 تڏهن اهي ڪاريگر، جن مقدس خيمي جي ٺاهڻ جو ڪم ٿي ڪيو، تن موسيٰ کي اچي چيو تہ 5 ”جنهن ڪم پوري ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي، ماڻهو انهيءَ جي ضرورت کان وڌيڪ شيون آڻي رهيا آهن.“ 6 تڏهن موسيٰ حڪم ڏنو تہ خيميگاهہ ۾ پڙهو گھمايو وڃي تہ هاڻي ڪوبہ مرد يا عورت مقدس خيمي جي نذراني جي لاءِ وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ آڻي. تنهن کان پوءِ ماڻهن نذراني آڻڻ کان بس ڪئي. 7 هن ڪري جو جيڪي شيون آنديون ويون هيون سي سموري ڪم پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي بلڪ وڌيڪ هيون. مقدس خيمي جي قنات ۽ پال ( خروج 26:1-6 ) 8 سو ڪم ڪرڻ وارن مان جيڪي هوشيار ڪاريگر هئا، تن هٿان مقدس خيمي جي قنات ۽ پال لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جا ڏهہ پردا ٺاهيا ويا، جن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا. انهن تي پردار آسماني مخلوق جون شڪليون اُڻيون ويون. 9 هر هڪ پردي جي ڊيگھہ ٻارهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هئي. سڀيئي پردا هڪڙيءَ ئي ماپ جا هئا. 10 پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا ۽ ساڳيءَ طرح ٻيا پنج پردا بہ ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا. 11 ڊيگھہ واري پاسي کان جتي اهي ٻئي وڏا پردا ڳنڍڻا هئا اتي هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي آسماني رنگ جي ڌاڳن جا سوراخ ٺاهيا ويا. ساڳيءَ طرح ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي بہ اهڙا سوراخ ٺاهيا ويا. 12 پنجاهہ سوراخ هڪڙي وڏي پردي جي ڪناري تي ۽ پنجاهہ ٻئي وڏي پردي جي ڪناري تي ٺاهيا ويا. ٻنهي پردن جا سوراخ هڪٻئي جي سامهون هئا. 13 سون جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا. انهن ڪنڍن سان پردا هڪٻئي سان ڳنڍيا ويا. اهڙيءَ طرح مقدس خيمي جي قنات ۽ پال هيڪاندي ٺهي تيار ٿي ويئي. مقدس خيمي جو ڍڪ ( خروج 26:7-14 ) 14 پوءِ مقدس خيمي جي مٿان ڍڪ ٺاهڻ لاءِ ٻڪرين جي ڏاس جا يارهن پردا ٺاهيا ويا. 15 هر هڪ پردي جي ڊيگھہ تيرهن ميٽر ۽ ويڪر ٻہ ميٽر هئي. يارهن ئي پردا هڪڙيءَ ماپ جا هئا. 16 پنج پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٽڪرو ٺاهيو ويو ۽ باقي ڇهہ پردا ويڪر ۾ هڪٻئي سان ڳنڍي هڪ ٻيو ٽڪرو ٺاهيو ويو. 17 انهن ٻنهي وڏن ٽڪرن کي ڊيگھہ واري پاسي کان هڪ هڪ ڪناري تي پنجاهہ پنجاهہ سوراخ ٺاهيا ويا. 18 پوءِ پتل جا پنجاهہ ڪنڍا ٺاهيا ويا تہ جيئن ڍڪ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏجي. 19 ڍڪ لاءِ هڪڙو غلاف گھٽن جي ڳاڙهين رنڱيل کلن جو ٺاهيو ويو، تنهن جي مٿان لاءِ وري ٻيو غلاف ڊالفن دريائي جانور جي کلن جو ٺاهيو ويو. مقدس خيمي جا فريم ( خروج 26:15-30 ) 20 پوءِ خيمي جي واسطي اُڀا ڪري بيهارڻ لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا فريم ٺاهيا ويا. 21 هر هڪ فريم جي ڊيگھہ ڏهہ هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هئي. 22 هر هڪ فريم کي ٻئي فريم سان ڳنڍڻ لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٻہ ٻہ چوڙون ٺاهيون ويون. خيمي جي سڀني فريمن ۾ اهڙيون چوڙون ٺاهيون ويون. 23 انهن مان ويهہ فريم خيمي جي ڏاکڻي پاسي کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 24 انهن ويهن فريمن جي هيٺان رکڻ لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺاهيا ويا، يعني هر فريم جي ٻنهي چوڙن جي هيٺان ٻہ پاوا. 25 خيمي جي ٻئي پاسي اتر طرف بہ ويهہ فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 26 انهن جي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ پاوا ٺاهيا ويا، هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ پاوا. 27 خيمي جي پٺئين پاسي اولهہ طرف ڇهہ فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 28 ٻہ فريم خيمي جي پٺئين پاسي جي ڪنڊن ۾ کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 29 اهي هيٺان کان چوٽيءَ تائين ٻٽا هئا ۽ هڪڙي ئي ڪڙي ۾ ڳنڍيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڪنڊن ۾ ٻئي هڪجهڙا فريم کوڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا. 30 سو مقدس خيمي جي پٺئين پاسي لاءِ جملي اٺ فريم هئا، جن جي لاءِ چانديءَ جا سورهن پاوا هئا يعني هر هڪ فريم جي هيٺان ٻہ پاوا. 31 مقدس خيمي جي اتر ۽ ڏکڻ وارن فريمن لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جا پنج پنج گز ٺاهيا ويا. 32 پنج گز خيمي جي اولهہ واري يعني پٺئين پاسي جي فريمن لاءِ ٺاهيا ويا. 33 انهن ٽنهي پاسن جي فريمن جي وچ وارو گز اهڙي نموني ٺاهيو ويو جيڪو هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هو. 34 فريمن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو، گزن جي جاين لاءِ سون جا ڪڙا ٺاهيا ويا ۽ گزن تي بہ سون جو پٽ چاڙهيو ويو. مقدس ترين جاءِ جو پردو ( خروج 26:31-33 ) 35 سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا، تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جنهن تي ماهر ڪاريگر جي هٿان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون بہ اُڻيل هيون. 36 انهيءَ کي ٽنگڻ لاءِ ٻٻر جا چار ٿنڀا ٺاهيا ويا ۽ انهن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو. ٿنڀن تي سون جا ڪنڍا لڳايا ويا ۽ چانديءَ کي پلٽي ٿنڀن لاءِ چار پاوا ٺاهيا ويا. مقدس خيمي جي در وارو پردو ( خروج 26:36-37 ) 37 خيمي جي در جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هو. 38 انهيءَ پردي لاءِ پنج ٿنڀا، ڪنڍن سميت ٺاهيا ويا. انهن ٿنڀن جي چوٽين ۽ سيخن تي سون جو پٽ چاڙهيو ويو. انهن ٿنڀن جي لاءِ پتل جا پنج پاوا ٺاهيا ويا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society