Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 35 - Muslim Sindhi Bible


سبت لاءِ قاعدا

1 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري کين چيو تہ ”جن ڳالهين جي ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي سي هي آهن تہ

2 ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو.

3 سبت جي ڏينهن اوهين پنهنجن گھرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.“


مقدس خيمي لاءِ نذرانا
( خروج 25‏:1‏-9 )

4 موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”جنهن ڳالهہ تي عمل ڪرڻ لاءِ خداوند حڪم ڏنو آهي سا هيءَ آهي تہ

5 اوهين پنهنجي ملڪيت مان خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو. اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي سو پنهنجي دل جي خوشي ۽ فراخدليءَ سان هي آڻي: سون، چاندي، پتل،

6 آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ڏاس،

7 گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،

8 ڏيئن لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل ۽ لوبان لاءِ خوشبودار مصالحا،

9 مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر.


مقدس خيمي جو سامان
( خروج 39‏:32‏-43 )

10 اوهان ۾ جيڪي ڪاريگر ماڻهو آهن، سي سڀ اچي اهي شيون ٺاهين جن جو خداوند حڪم ڏنو آهي،

11 يعني مقدس خيمو ۽ انهيءَ جو هي سامان: خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا ٻہ غلاف، انهيءَ جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ پاوا،

12 عهد واري صندوق ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، صندوق جو رحمت جو پوش ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو،

13 ميز ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ،

14 روشنيءَ لاءِ شمعدان، انهيءَ جا ٿانوَ، انهيءَ جا ڏيئا ۽ ڏيئن ٻارڻ لاءِ تيل،

15 لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي جو پردو،

16 ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ قربان‌گاهہ، انهيءَ لاءِ پتل جو آتشدان ۽ ان جون ٻانهيون، ان جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي،

17 اڱڻ جي قنات ۽ انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو،

18 مقدس خيمي ۽ سندس اڱڻ جي قناتن لاءِ ڪليون ۽ انهن جا رسا،

19 مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن لاءِ خاص پوشاڪ ۽ سندس پٽن لاءِ خاص پوشاڪون، تہ جيئن اهي ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.“


ماڻهن جو نذرانا آڻڻ

20 پوءِ سڀيئي ماڻهو موسيٰ وٽان هليا ويا.

21 انهن مان جن جي دلين کين شوق ڏياريو سي خدا سان ملاقات واري خيمي جي ڪم لاءِ، انهيءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ ۽ ڪاهنن جي خاص پوشاڪن لاءِ خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.

22 انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا.

23 جن ماڻهن وٽ آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو يا سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو، ٻڪرين جي ڏاس، گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون يا ڊالفن دريائي جانور جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا.

24 جيڪي ماڻهو نذراني ۾ چاندي ۽ پتل ڏئي ٿي سگھيا، سي خداوند لاءِ اهي ئي نذرانو کڻي آيا. جن وٽ ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو سي اهو کڻي آيا.

25 جيڪي عورتون هنرمند هيون سي پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو سٽ، سنهي سڻي

26 ۽ ٻڪرين جي ڏاس ڪتي تيار ڪري کڻي آيون.

27 جيڪي اڳواڻ هئا سي مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر کڻي آيا.

28 انهن روشنيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحا بہ آندا.

29 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


مقدس خيمي لاءِ ڪاريگر
( خروج 31‏:1‏-11 )

30 موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”ياد رکو، خداوند يهوداہ قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊيو آهي.

31 انهيءَ کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي،

32 انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي،

33 هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.

34 خداوند هن کي ۽ دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي هنر سيکارڻ جي قابليت عطا ڪئي آهي.

35 هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan