Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 32 - Muslim Sindhi Bible


سوني گابي جي پوڄا
( شريعت جو دور 9‏:6‏-29 )

1 هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ جبل تان لهڻ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا. کيس چيائون تہ ”اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.“

2 تڏهن هارون کين چيو تہ ”پنهنجي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي مون وٽ کڻي اچو.“

3 تنهن تي سڀيئي ماڻهو انهن جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي، اُهي هارون وٽ کڻي آيا.

4 هن اُهي سندن هٿن مان وٺي انهن کي پگھاريو ۽ سانچي ۾ وجھي، جوهريءَ جي اوزار سان انهيءَ مان هڪڙو گابو ٺاهيائين. تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.“

5 هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“

6 ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.

7 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.

8 جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“

9 خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”مون هن قوم کي ڏٺو آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ هيءَ ضدي قوم آهي.

10 تنهنڪري هاڻي تون وچ ۾ نہ اچ، مون کي هنن تي سخت ڪاوڙ آهي. آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندس. پر آءٌ تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.“

11 تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! تون ڇو پنهنجي انهيءَ قوم سان ايتري ڪاوڙ ٿو ڪرين، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ طاقت سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؟

12 مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.

13 تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“

14 تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


موسيٰ جو ڪاوڙجڻ

15 پوءِ موسيٰ موٽيو ۽ جبل تان هيٺ لهي آيو. خدا جي عهد جون ٻئي تختيون سندس هٿن ۾ هيون، جيڪي ٻنهي پاسن کان لکيل هيون.

16 ٻئي تختيون خدا جون ٺاهيل هيون. انهن تي جيڪي حڪم لکيل هئا سي بہ خدا جا ئي لکيل هئا ۽ اهي تختين تي اُڪريل هئا.

17 جڏهن يشوع ماڻهن جي رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”خيمي‌گاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي.“

18 تنهن تي موسيٰ وراڻيو تہ ”اهو آواز نہ تہ فتحمندن جي نعرن جو آهي ۽ نہ وري شڪست کائيندڙن جي دانهن جو، بلڪ جيڪو آواز آءٌ ٻڌان ٿو سو ڳائيندڙن جو آهي.“

19 موسيٰ جڏهن خيمي‌گاهہ جي ويجھو آيو، تڏهن هن اهو گابو ۽ ماڻهن جو ناچ ڏٺو. تنهن تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان اڇلائي جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيون.

20 پوءِ جيڪو گابو هنن ٺاهيو هو سو ساڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ وجھي، اهو پاڻي بني اسرائيل کي پيئاريائين.

21 موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“

22 هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي.

23 هنن مون کي چيو تہ ’اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي جيڪي اسان جي رهبري ڪن، ڇاڪاڻ تہ هي شخص موسيٰ، جيڪو اسان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهي، خبر ناهي تہ کيس ڇا ٿيو آهي.‘

24 تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن جنهن وٽ سون هجي سو اهو لاهي کڻي اچي. سو هنن اهو مون کي آڻي ڏنو. مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.“

25 هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابوءَ مان نڪري ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ هارون هنن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن،

26 تڏهن موسيٰ خيمي‌گاهہ جي در تي اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”جيڪو بہ خداوند جي پاسي آهي سو مون وٽ اچي.“ تڏهن لاويءَ جي قبيلي جا سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا.

27 موسيٰ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي تلوار چيلهہ سان ٻڌي خيمي‌گاهہ ۾ در جي اندر هر طرف گشت ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري.“

28 لاويءَ جي قبيلي وارن موسيٰ جي حڪم موجب ائين ئي ڪيو. سو انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن مان ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا.

29 پوءِ موسيٰ لاوي قبيلي وارن کي چيو تہ ”اڄ اوهان پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿي پاڻ کي خداوند جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. اهو اڄ اوهان کي برڪت ڏيندو.“


موسيٰ جي شفاعت

30 ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“

31 پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”افسوس! هنن ماڻهن وڏو گناهہ ڪيو آهي جو پنهنجي لاءِ سون جو معبود ٺاهيائون.

32 هاڻي جيڪڏهن تون سندن هي گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي تنهن مان منهنجو نالو مِٽائي ڇڏ.“

33 پر خداوند موسيٰ کي وراڻيو تہ ”جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جو ئي نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مِٽائي ڇڏيندس.

34 هاڻي تون وڃ ۽ پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ جاءِ ڏانهن وٺي وڃ جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي ۽ منهنجو ملائڪ تنهنجي اڳيان هلندو رهندو. پر جڏهن فيصلي جو ڏينهن ايندو تڏهن انهن کي سندن گناهہ جي سزا آءٌ ڏيندس.“

35 سو خداوند ماڻهن تي انهيءَ سوني گابي ٺاهڻ واري گناهہ جي ڪري آفت آندي، جيڪو هنن هارون کان ٺهرايو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan