خروج 31 - Muslim Sindhi Bibleڪاريگرن جي چونڊ ( خروج 35:30–36:1 ) 1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2 ”ڌيان سان ٻڌ، مون يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصلايل کي چونڊي ڪڍيو آهي. 3 مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي، 4 انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي. 5 هو هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري. 6 مون دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي بہ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سڀني ڪاريگر ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ جن شين جو مون تو کي حڪم ڏنو آهي، سي سڀ ٺاهي تيار ڪن، 7 يعني مون خدا سان ملاقات وارو خيمو، عهد واري صندوق ۽ انهيءَ تي جيڪو رحمت جو پوش آهي سو ۽ خيمي جو سمورو سامان، 8 يعني ميز ۽ انهيءَ جو سامان، نج سون جو شمعدان ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ، 9 ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جا سمورا ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي، 10 عمدا ٺهيل ڪپڙا ۽ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن جي لاءِ خاص پوشاڪون، 11 مسح ڪرڻ جو تيل ۽ مقدس جاءِ لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان. اهي سڀ شيون، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن هو تيار ڪن.“ سبت، يعني آرام جو ڏينهن 12 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 13 ”تون بني اسرائيل کي منهنجو هي حڪم ڏج تہ ’اوهين منهنجا سبت جا ڏينهن ضرور ملهائيندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اوهان جي سڀني پيڙهين تائين اها هڪڙي نشاني هوندي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند ئي آهيان جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان. 14 تنهنڪري اوهين سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو، ڇو تہ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ آهي. جيڪو بہ انهيءَ ڏينهن تي ڪو ڪم ڪرڻ سان انهيءَ جي بيحرمتي ڪندو، سو ضرور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ماريو ويندو. 15 ڇهہ ڏينهن ڀلي اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي تنهن تي اوهين آرام ڪريو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.‘ 16 تنهنڪري بني اسرائيل سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهن ۽ انهيءَ کي پنهنجي سڀني پيڙهين جي لاءِ هميشہ جو عهد سمجھي قائم رکن. 17 اها منهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ هڪڙي نشاني رهندي، ڇاڪاڻ تہ ڇهن ڏينهن ۾ مون خداوند آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ ان ستين ڏينهن فارغ ٿي آرام ڪيو هئم.“ 18 پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society