Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 3 - Muslim Sindhi Bible


خدا جو موسيٰ کي سڏڻ

1 موسيٰ پنهنجي سهري يٿرو جا ڌڻ چاريندو هو، جيڪو مديان جو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ ڏينهن هو ڌڻ کي هڪليندو بيابان جي پرئين پاسي خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.

2 هن کي اتي اوچتو خداوند جو وجود هڪڙي ٻوڙي جي وچ مان باهہ جي شعلي وانگر نظر آيو. هن نهاري ڏٺو تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، پر تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نہ ٿو ٿئي.

3 تڏهن موسيٰ سوچيو تہ ”آءٌ ويجھو وڃي اهو عجيب نظارو ڏسان تہ هي ٻوڙو سڙي رک ڇو نہ ٿو ٿئي.“

4 جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجھو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجھان کيس سڏي چيو تہ ”موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“

5 خدا چيس تہ ”وڌيڪ ويجھو نہ اچ. پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ زمين آهي.“

6 وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.

7 پوءِ خداوند چيس تہ ”منهنجي قوم جيڪا مصر ۾ آهي، تنهن جي سخت مصيبت مون ڏٺي آهي. سندن رکوالن جي سختيءَ جي ڪري سندن ڪيل دانهن ٻڌي اٿم. مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي.

8 انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.

9 جيئن تہ بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن سو بہ ڏٺو اٿم،

10 تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي فرعون ڏانهن موڪليان تہ جيئن تون منهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.“

11 پر موسيٰ خدا کي چيو تہ ”آءٌ ڪير ٿيندو آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟“

12 خدا وراڻيس تہ ”تون يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ هوندس. ان جي نشاني تہ مون ئي تو کي موڪليو آهي اها هوندي، تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن تون هن جبل تي مون خدا جي عبادت ڪندين.“

13 تنهن تي موسيٰ خدا کي چيو تہ ”پر جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ کين چوندس تہ ’اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي،‘ تڏهن هو مون کان پڇندا تہ ’انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟‘ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا ٻڌايان؟“

14 خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘

15 تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.

16 هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.

17 مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘

18 اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا. پوءِ تون ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو. کيس چئجو تہ ’خداوند، عبرانين جي خدا، اسان کي ڏيکاري ڏني آهي. سو هاڻي توهان اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏيو، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قربانيون ڪريون.‘

19 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مصر جو بادشاهہ زبردستيءَ کان سواءِ اوهان کي وڃڻ ڪين ڏيندو.

20 پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگھيريندس ۽ انهن عجيب ڪمن سان، جيڪي آءٌ ڪندس مصر ملڪ کي سزا ڏيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو.

21 آءٌ هن قوم کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس پوءِ جڏهن اوهين نڪرندا تہ خالي هٿين ڪين نڪرندا.

22 پر اوهان جي هر ڪا عورت پنهنجي پاڙي واريءَ کان ۽ گھر ۾ رهندڙ مهمان عورت کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گھري وٺندي. اهي اوهين پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي پارائيندا. اهڙيءَ طرح اوهين مصرين کي لُٽي ڇڏيندا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan