خروج 28 - Muslim Sindhi Bibleڪاهنن لاءِ خاص پوشاڪ ( خروج 39:1-7 ) 1 ”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين. 2 تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي خاص پوشاڪ ٺهرائج. 3 تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي. 4 جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين. 5 اهي ماڻهو انهيءَ پوشاڪ لاءِ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو ۽ سون استعمال ڪن. 6 هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون سان مذهبي فراڪ ٺاهين، جنهن تي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هجي. 7 انهيءَ کي ڪلهن وٽ ٻہ پٽيون هجن، جيڪي انهيءَ جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هجن، جيئن اها هڪڙي پوشاڪ ٿي پوي. 8 انهيءَ مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل ڪمربند تي بہ انهيءَ پوشاڪ جهڙو ڪاريگريءَ وارو ڪم ٿيل هجي. اهو ساڳئي ئي آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ ۽ سون مان ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. 9 تون ٻن سليماني پٿرن تي يعقوب جي ٻارهن پٽن جا نالا اُڪرائج. 10 انهن مان ڇهہ نالا هڪڙي پٿر تي ۽ باقي ڇهہ ٻئي پٿر تي، سندن پيدائش جي ترتيب موجب اُڪرائج. 11 تون انهن ٻنهي پٿرن تي، جيئن جوهري منڊيءَ تي نقش اُڪريندو آهي تيئن يعقوب جي پٽن جا نالا اُڪرائج ۽ انهن ٻنهي پٿرن کي سون جي خانن ۾ جڙائي ڇڏج. 12 تون اهي ٻئي پٿر مذهبي فراڪ جي ڪلهن وارين پٽين تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن کي ياد رکڻ لاءِ لڳرائج. هارون انهن جا نالا مون خداوند جي يادگيريءَ لاءِ پنهنجي ٻنهي ڪلهن تي کڻندو. 13 تون سون جا ٻہ ٻيا خانا ٺهرائج. 14 نج سون جون ٻہ زنجيرون، وٽيل رسيءَ وانگر ٺهرائج ۽ ٻنهي وٽيل زنجيرن کي تون انهن ٻنهي خانن سان لٽڪرائي ڇڏج.“ سينابند ( خروج 39:8-21 ) 15 ”مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ وقت پائڻ لاءِ تون هڪڙو سينابند ٺهرائج، جيڪو مذهبي فراڪ وانگر ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان ٺهرائج. 16 اهو چورس ۽ ٻٽو هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ هڪڙي گرانٺ ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هجي. 17 تون انهيءَ ۾ قيمتي هيرا جواهر جڙائج، جن جون چار قطارون هجن. پهرينءَ قطار ۾ لعل، پکراج ۽ شبچراغ هجن. 18 ٻيءَ قطار ۾ زمرد، نيلم ۽ هيرو هجي. 19 ٽينءَ قطار ۾ سنبلي، عقيق ۽ ياقوت هجي. 20 چوٿينءَ قطار ۾ فيروزو، سليماني پٿر ۽ زبرجد هجي. اهي سون جي خانن ۾ جڙيا وڃن. 21 اهي هيرا جواهر يعقوب جي پٽن جي نالن مطابق تعداد ۾ ٻارهن هجن. جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن اهي نالا جيڪي ٻارهن قبيلن جا نالا هوندا، سي هر هڪ هيري جواهر تي جدا جدا اُڪريل هجن. 22 تون سينابند جي لاءِ وٽيل رسيءَ جهڙيون نج سون جون ٻہ زنجيرون ٺهرائج. 23 سينابند جي لاءِ سون جا ٻہ ڇلا ٺهرائج، جيڪي ٻئي سينابند جي ٻنهي مٿين ڇيڙن تي هجن. 24 اهي ٻئي سونيون وٽيل زنجيرون، سينابند جي ٻنهي ڇيڙن تي لڳل انهن ٻن ڇلن ۾ وجھائي ڇڏج. 25 انهن ٻنهي زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا، سون جي ٻنهي خانن ۾ جڙائي ڇڏج، جيڪي مذهبي فراڪ جي ڪلهي وارين پٽين تي انهيءَ جي اڳ واري پاسي کان هجن. 26 تون سون جا ٻيا بہ ٻہ ڇلا ٺهرائي اهي سينابند جي هيٺين ٻنهي ڇيڙن وارن ڪنارن ۾ وجھائي ڇڏج. اهي مذهبي فراڪ مٿان سينابند جي اندرئين پاسي پيل رهن. 27 سون جا ٻہ ٻيا بہ ڇلا ٺهرائج. اهي مذهبي فراڪ جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي اڳ واري پاسي تي لڳرائج، جتي اهي هيٺئين پاسي مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل آهن ۽ جتي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند مذهبي فراڪ سان ڳنڍيل آهي. 28 پوءِ سينابند جي ڇلن کي مذهبي فراڪ جي ڇلي سان گڏ هڪڙي آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي ڇڏج، تہ جيئن اهو مذهبي فراڪ جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل ڪمربند تي رهي ۽ سينابند مذهبي فراڪ تان هٽي نہ وڃي. 29 سو هارون بني اسرائيل جي قبيلن جا نالا انهيءَ سينابند تي پنهنجيءَ دل جي مٿان هڻي، مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيڻ وقت مون خداوند جي آڏو پاتل رهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ انهن کي هميشہ ياد رکان. 30 مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ تون سينابند ۾ اُوريم ۽ ٿُميم وجھائي ڇڏج. جڏهن هارون مون خداوند جي آڏو حاضر ٿئي تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن. اهڙيءَ طرح هارون بني اسرائيل بابت منهنجي مرضيءَ معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل جي مٿان هميشہ مون خداوند جي آڏو کنيو رهي.“ ڪهانت جون ٻيون پوشاڪون ( خروج 39:22-31 ) 31 ”تون مذهبي فراڪ جي هيٺان پائڻ وارو جبو سڄو آسماني رنگ جو ٺهرائج. 32 انهيءَ کي وچ ۾ مٿي وجھڻ لاءِ سوراخ هجي. انهيءَ سوراخ جي چوڌاري گريبان وانگر هڪڙي اُڻيل پٽي هجي، انهيءَ لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي. 33-34 تون انهيءَ جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڏاڙهون ٺهرائج ۽ هر هڪ ڏاڙهونءَ کان پوءِ هڪ هڪ سون جي گھنڊڻي ٻڌائج. 35 سو هارون اهو جبو منهنجي خدمت جي وقت پائي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن بہ هو مقدس جاءِ ۾ مون خداوند جي آڏو اچي ۽ اتان ٻاهر نڪري، تڏهن انهيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي، تانتہ هو مري نہ وڃي. 36 تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘ 37 تون اها آسماني رنگ جي ڏوريءَ سان ٻڌائي پڳ جي سامهون واري پاسي هڻائي ڇڏج. 38 اها هارون جي پيشانيءَ تي هجي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن جي وسيلي وقف ڪندا، تن شين ۾ رهجي ويل خاميءَ جا ڏوهہ هارون کڻندو. اها تختي هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهيءَ لاءِ تہ اهي نذرانا مون خداوند جي حضور ۾ قبول پون. 39 تون سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جو چونڪڙين وارو پهراڻ، سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي هڪڙي پڳ ۽ ڀرت ڀريل هڪڙو پٽو ٺهرائج. 40 تون هارون جي پٽن واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، پٽا ۽ ٽوپيون ٺهرائج. 41 اها پوشاڪ تون پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پارائج. انهن کي مسح ڪري مخصوص ڪج تہ جيئن هو وقف ٿي منهنجي حضور ۾ ڪاهن بڻجي خدمت ڪن. 42 تون انهن لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون ٺهرائج، تہ هو پنهنجو اگھاڙو بدن ڍڪين. اهي سٿڻون چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن. 43 جڏهن بہ هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿين، يا انهيءَ جي اڱڻ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجھو وڃن، تڏهن اهي سندن بدن تي هجن، تہ متان ائين نہ ٿئي جو هو ڏوهاري قرار ڏنا وڃن ۽ مري پون. اهو قانون هارون ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد لاءِ هميشہ تائين قائم رهندو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society