Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 27 - Muslim Sindhi Bible


ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ
( خروج 38‏:1‏-7 )

1 تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربان‌گاهہ ٺهرائج. اها قربان‌گاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگھہ سوا ٻہ ميٽر ۽ ويڪر بہ سوا ٻہ ميٽر هجي، انهيءَ جي اوچائي سوا ميٽر هجي.

2 انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺهرائج. قربان‌گاهہ ۽ سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن. تون انهن تي پتل جا پٽ چاڙهائج.

3 قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏرون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا ۽ منگالا ٺهرائج. اهي سڀ ٿانوَ پتل جا ٺهرائج.

4 انهيءَ جي لاءِ پتل جو هڪڙو ڄاريدار آتشدان ٺهرائج. ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڪڙا ٺهرائج.

5 تون انهيءَ کي قربان‌گاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکائج، جو ڄاري قربان‌گاهہ جي اڌ تائين پهچي.

6 قربان‌گاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جون ٻہ ٻانهيون ٺهرائي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهائج.

7 اهي ٻانهيون ڪڙن ۾ وجھاءِ، جيڪي قربان‌گاهہ جي ٻنهي پاسن تي هجن، تہ جيئن قربان‌گاهہ کڻي سگھجي.

8 تون اها قربان‌گاهہ تختن جي کوکي وانگر ٺهرائج. تون اها اهڙيءَ طرح ٺهرائج جهڙيءَ طرح تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.


مقدس خيمي جو اڱڻ
( خروج 38‏:9‏-20 )

9 تون مقدس خيمي جو اڱڻ ٺهرائج. انهيءَ اڱڻ جي اتر توڙي ڏکڻ پاسي کان سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي قنات هجي، جنهن جي ڊيگھہ ٻنهي پاسن تي چوئيتاليهہ چوئيتاليهہ ميٽر هجي.

10-11 انهيءَ جي لاءِ ويهہ ويهہ پتل جا ٿنڀا هجن ۽ ٿنڀن لاءِ پتل جا ويهہ ويهہ پاوا هجن. ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.

12 اولهہ واري پاسي ڏانهن اڱڻ جي ويڪر ۾ قنات جي ڊيگھہ ٻاويهہ ميٽر هجي، انهيءَ جي لاءِ ڏهہ ٿنڀا ۽ ڏهہ پاوا هجن.

13 اوڀر واري پاسي کان بہ اڱڻ جي ويڪر ٻاويهہ ميٽر هجي.

14-15 اتي اڱڻ جي دروازي جي ٻنهي پاسن واري قنات لاءِ ساڍا ڇهہ ڇهہ ميٽر ڊگھا پردا هجن. انهن جي لاءِ بہ ٽي ٽي ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا ٽي ٽي پاوا هجن.

16 اڱڻ جي در لاءِ هڪڙو نوَ ميٽر ڊگھو پردو هجي، جيڪو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي ۽ جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هجن ۽ جيڪو ڪاريگريءَ سان اُڻيل هجي. انهيءَ جي لاءِ چار ٿنڀا ۽ انهن ٿنڀن جا چار پاوا هجن.

17 اڱڻ جي چوڌاري وارا سڀ ٿنڀا چانديءَ جي بندن سان جڪڙيل هجن. انهن جا ڪنڍا چانديءَ جا ۽ پاوا پتل جا هجن.

18 سو اڱڻ جي سڄي قنات سنهي وٽيل سڻيءَ جي هجي، جنهن جي ڊيگھہ چوئيتاليهہ ميٽر، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي سوا ٻہ ميٽر هجي. انهيءَ جي ٿنڀن جا پاوا پتل جا هجن.

19 خيمي ۾ استعمال ٿيندڙ هر قسم جا ٿانوَ، خيمي جون ڪليون ۽ اڱڻ جون ڪليون اهي سڀ پتل جا هجن.“


شمعدان جو تيل
( لاوي سرشتو 24‏:1‏-4 )

20 ”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪج، تہ اُهي روشني ڪرڻ لاءِ ڪُٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ جيئن هر رات ڏيئو ٻرندو رهي.

21 مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ انهيءَ پردي جي ٻاهران جيڪو عهد واري صندوق اڳيان هوندو، هارون ۽ سندس پٽَ سانجھيءَ کان صبح تائين شمعدان کي منهنجي حضور ۾ ٻريل رکن. اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ تائين جاري رهندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan