Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

خروج 24 - Muslim Sindhi Bible


عهد جي تصديق

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.

2 پوءِ تون اڪيلو ئي منهنجي ويجھو اچ، پر ٻيا ويجھو نہ اچن. تو سان گڏ قوم جو ڪوبہ ماڻهو مٿي چڙهي نہ اچي.“

3 تڏهن موسيٰ ماڻهن وٽ اچي کين خداوند جون سموريون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ٻڌايا. سڀني ماڻهن هم‌آواز ٿي جواب ڏنو تہ ”جيڪي بہ ڳالهيون خداوند فرمايون آهن، سي سڀ اسين مڃينداسين.“

4 پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.

5 هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.

6 موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو ۽ ٻيو اڌ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو.

7 پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“

8 تڏهن موسيٰ اهو ٿالهن وارو رت کڻي ماڻهن تي ڇٽڪاريو ۽ چيائين تہ ”ياد رکو، هي انهيءَ عهد جو رت آهي جيڪو خداوند هنن سڀني ڳالهين مطابق اوهان سان ٻڌو آهي.“

9 پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.

10 انهن بني اسرائيل جي خدا کي ڏٺو. سندس پيرن جي هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پٿر جهڙو فرش لڳل هو، اهو اهڙو تہ صاف هو جهڙو آسمان.

11 خدا بني اسرائيل جي اڳواڻن کي نقصان ڪين پهچايو. هنن خدا کي ڏٺو ۽ کاڌائون پيتائون.


موسيٰ سينا جبل تي

12 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ ۽ تيستائين هتي رهہ جيستائين آءٌ تو کي پٿر جون تختيون نہ ڏيان. انهن تختين تي اها شريعت ۽ اُهي حڪم لکيا اٿم جيڪي ماڻهن جي هدايت لاءِ آهن.“

13 تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اٿيا ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهڻ لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ

14 اڳواڻن کي چيو تہ ”جيستائين اسين موٽي اچون تيستائين اوهين هتي اسان جو انتظار ڪجو. هارون ۽ حور اوهان سان گڏ آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي بہ ڪو معاملو هجي تہ اهو هنن وٽ کڻي وڃي.“

15 پوءِ موسيٰ جبل تي چڙهي ويو ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو.

16 خداوند جو جلال سينا جبل تي اچي لٿو ۽ ڪڪر انهيءَ کي ڇهن ڏينهن تائين ڍڪي رکيو. آخر ستين ڏينهن خداوند ڪڪر جي اندران موسيٰ کي سڏيو.

17 بني اسرائيل کي جبل جي چوٽيءَ تي خداوند جي جلال جو نظارو، ساڙيندڙ باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

18 تڏهن موسيٰ ڪڪر جي اندر گھڙي، جبل تي چڙهي ويو. هو جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan